ترقي جو بنياد نوان صوبا نه، شفاف حڪمراني آهي
Tufail Magsi
ڪالم نگار
بيشڪ انهيءَ ڳالھه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته قومن جي تقدير نقشن جي لڪيرن سان ناهي بدلبي، بلڪه قيادت جي بصيرت، دانشمندي، انصاف جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان سينگاربي آهي. اهي ماڻهو شايد بيوقوفن جي جنت ۾ رهن ٿا، جيڪي چون ٿا ته ترقي جو راز وڌيڪ صوبن ۾ لڪل آهي، ايئن هرگز ناهي، بلڪه ترقيءَ جو راز سٺي حڪمرانيءَ واري نظام سان سلهاڙيل هوندو آهي، جيڪا شهرين کي برابري، تحفظ، تعليم، صحت ۽ موقعا ميسر ڪري. دنيا جي تاريخ هن حقيقت جي شاهد آهي ته جن قومن پنهنجون توانائيون انتظامي ورهاست تي نه، بلڪه ادارن جي مضبوطي، شفاف احتساب، معياري تعليم، جديد ٽيڪنالاجي ۽ ديانتدار قيادت تي صرف ڪيون، اهي ئي قومون ترقيءَ جي بلند ترين منزلن تي پهتيون، جاپان ان جو هڪ چٽو ۽ روشن مثال آهي. هڪ اهڙو ملڪ جنهن جي آبادي اٽڪل 22 ڪروڙن کان وڌيڪ آهي، مگر ان جي سڃاڻپ صوبن جي سڃاڻپ ناهي، بلڪه نظم و ضبط، محنت، علم دوستي ۽ بهترين حڪمرانيءَ جو طريقو آهي. جاپان جي انتظامي ورهاست پري فيڪچرز تي مشتمل آهي، پر ان جي اصل طاقت مضبوط ادارا، با صلاحيت قيادت ۽ قانون جي حڪمراني آهي. انهيءَ ڪري قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ باوجود جاپان اڄ دنيا جي ترقي يافته معيشتن ۾ شمار ٿئي ٿو.
ساڳئيءَ ريت بنگلاديش به هڪ اهم مثال آهي، اتي پاڪستان جيان وفاقي صوبائي نظام موجود ناهي، بلڪه ملڪ انتظامي ڊويزنن جي وسيلي هلايو وڃي ٿو. ان جي باوجود گذريل سالن ۾ بنگلاديش صنعت، برآمدات، عورتن جي معاشي شموليت، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ چٽي ترقي ڪئي آهي، جيڪا ان ڳالهھ جو ثبوت آهي ته ترقيءَ جو دارومدار انتظامي وحدتن جي نالي تي نه، بلڪه انهن جي بهتر ۽ ديانتدار انتظام تي هوندو آهي. حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن حڪمران سچا هجن، ادارا مضبوط هجن ۽ عوام کي انصاف ميسر هجي، قانون سڀني لاءِ برابر نافذ ٿئي، تعليم معياري هجي ته هڪ ئي وحدت به ترقي جي معراج تائين پهچي سگهي ٿي، پر بدعنواني، نااهلي ۽ بدانتظامي نظام تي غالب اچي وڃي ته درجنين صوبا به قوم جي تقدير نٿا بدلائي سگهن.
ان لاءِ اسان کي ان سوال پڇڻ بدران ته “صوبا ڪيترا آهن؟” اهو سوال پڇڻ گهرجي ته “حڪمراني ڪيئن آهي؟” ڇاڪاڻ ته قومن جي عظمت سرحدن جي ورهاست ناهي، بلڪه ڪردار، علم، انصاف ۽ بهترين حڪمراني کان جنم وٺي ٿي. هونئن به سنڌ ڪو زمين جو ٽڪرو ناهي، بلڪه هي صدين جو وطن آهي، جنهن کي ٽوڙڻ جو ڪنهن کي به ڪو حق ناهي ۽ جيڪڏهن حڪمرانن پنهنجا رويا تبديل نه ڪيا ته پوءِ يقينن سنڌ جو عوام پنهنجي وطن جي تحفظ لاءِ آخري حد تائين به وڃي سگهي ٿو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟