مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

گريٽ گيم پويان عالمي طاقتن ۽ ڪمپنين جا معاشي مفاد

Razaq Dars

استاد، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ٻي عالمي جنگ جي اختتام تي فاتح قوتن، آمريڪا، روس، برطانيه جي سربراهن روزويلٽ، اسٽالن، چرچل ٽيبل تي ويهي دنيا جي نقشي تي ليڪا ڪڍيا. جرمن اڌ روس کنيو، پولينڊ، يوگو سلاويا تائين وارو يورپ روس جي کاتي ۾ آيو ته وري لاطيني آمريڪا، آمريڪا جي ولار هيٺ اچي ويو. برطانيه کي ننڍو کنڊ ڇڏڻو پيو. فرانس کي آفريڪا مان ٽپڙ گول ڪرڻا پيا. هن جنگ جي نتيجي ۾ دنيا اندر وڏي اٿل پٿل ٿي. جرمن قوم ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. ڪورين قوم پڻ اتر ۽ ڏکڻ ۾ تقسيم ٿي وئي. دنيا جي نقشي تي نيون طاقتون پڻ وجود ۾ آيون. نوان ملڪ ٺهيا، نوان خطا جڙيا. ننڍي کنڊ جي تقسيم جو ڪم ريڊ ڪلف حوالي ٿيو. جنھن هندستان ۽ پاڪستان جي غير فطري ورهاست ڪري ڇڏي. جيڪي آزاد وحدتون انگريزن فتح ڪيون هيون انهن کي هنن ٻنهي ملڪن ۾ چيري ڦاڙي گڏي ڇڏيو. جيئن سنڌ هڪ آزاد ملڪ هو، پر پوءِ پاڪستان جو حصو بڻائي ڇڏيو. تيئن ڪشمير ۽ پنجاب کي پڻ ٻن ٻن حصن ۾ ورهائي قومي تشخص ختم ڪيو ويو. ساڳي طريقي سان عرب دنيا اندر لارينس آف عربيا عثماني سلطنت جا ٽڪرا ٽڪرا ڪيا. مسلم دنيا جيڪا ترڪي جي سلطنت هيٺ هئي جنهن ۾ سعودي عرب، عراق، شام، نار وارا ملڪ شامل هئا تن کي ٽوڙي ننڍن ننڍن علائقن ۾ ورهائي اصل ۾ مسلم دنيا کي ڪمزور ڪيو ويو.
جيئن هر جنگ پنهنجي سڃاڻپ ۽ حڪمت عملي ڇڏيندي آهي، تيئن ٻي عالمي جنگ پڻ ايٽم بم جي استعمال سان ختم ٿي. آمريڪا جاپان تي ايٽم بم ڪيرائي هيرو شيما ۽ ناگاساڪي کي برباد ڪيو. آمريڪا جي ان جنگي جنون (وار انڊسٽريل ڪامپليڪس) کي وڌيڪ مضبوط ڪيو نوان بم، راڪيٽ، جنگي جهاز، آبدوزون وجود ۾ آيا. هٿيار ٺهيا ته انهن جي کپت لاءِ جنگيون پڻ ضروري ٿي پيون. آمريڪا ڪوريا کان وٺي ويٽنام تائين، لاطيني آمريڪا کان آفريقا تائين جنگين جو سلسلو جاري رکيو، جيڪو اڳتي هلي افغانستان، عراق، ايران تائين جاري رکيو اچي. جنهن جي پويان کربين ڊالرن جي هٿيار تيار ڪندڙ ڪمپنين جا مفاد آهن. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ دنيا ٻن بلاڪن ۾ ورهائجي وئي. هڪ سرمائيدار بلاڪ ٻيو سوشلسٽ بلاڪ. سو دنيا جي خطي تي ترقي جا وسيلا انسان ذات جي ڀلائيءَ بجاءِ انهن طاقتن، هٿيارن ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا. يورپ فلاحي رياستون قائم ڪيون ۽ آمريڪا باقي دنيا کي ڦرلٽ جو ميدان بڻايو. عرب خطي اندر پنجاهه جي ڏهاڪي اندر تيل جا وڏا ذخيرا مليا جن اتان جي جيو پولٽيڪل صورتحال ئي بدلائي ڇڏي. برطانيا جيڪا ورهاست ڪئي هئي ان جي حاصلات آمريڪا يورپ سان نيٽو جي صورت ۾ گڏجي کاڌي. انهن طاقتن مسلم دنيا اندر ڪنهن به جمهوريت کي وڌڻ ويجهڻ ڪونه ڏنو. ايران جي ڊاڪٽر مصدق کان ڀُٽي تائين. مجيب الرحمان کان مرسي تائين سڀني کي مارائي ڇڏيو. نه رڳو جمهوريت کي پلجڻ نه ڏنو ويو، پر سڄي مسلم دنيا تي آمرن جو قبضو قائم ڪيو. بادشاهه مڙهيا پوءِ ڪم ڪڍي کين ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيو. هنن سامراجي قوتن دنيا اندر هر ان انسان کي ختم ڪري ڇڏيو، جنهن هنن جي مفادن کي نٿي مڃيو. شاھ فيصل کان وٺي جمال الناصر تائين، قذافي کان ياسر عرفات تائين کي دنيا جي صفحي تان مٽائي ڇڏيو. هنن سامراجي ملڪن اندر طاقتور ڊيپ اسٽيٽون ٺهي ويون. جيڪي ملڪن جي قسمتن جا فيصلا ڪري رهيون آهن. اڄ آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ اليڪشن يهودي لابي جي آشيرواد کانسواءِ کٽي نٿي سگهجي. ملڪن جي آرمي چيف جي مقرري جا فيصلا پينٽاگون کانسواءِ نٿا ٿين، هي اسرائيل جو وجود ڇا آهي؟ يھودي لابي يھودي سرمائيدار جي مفادن جو قلعو آهي. جنگيون هميشه معاشي مفادن تي لڳيون آهن. پوءِ ڀلي ان جي پويان مذهبي عقيدن جا نعرا هجن يا ڪو ٻيو ڪجهه. اصل ۾ اهو سڀ کيل معاشي مفادن جو ئي آهي. سومناٿ جي مندر مٿان سورنهن ڪاهون حقيقت ۾ اتي چار سئو مڻ سون جي ئي حاصلات لاءِ هيون جيڪو سون مندر جي بت ۾ هو. هي عرب، منگول، مغل ھندستان ڇا لاءِ ڪاهون ڪري آيا؟ يقينن دولت ۽ معاشي مفادن لاءِ. انگريز هندستان ڇو آيو؟ ايسٽ انڊيا ڪمپني ٺاهي انهن به ڦرلٽ جو بازار گرم ڪيو. اڄ جو سرمائيدار ملڪن ۾ رجيم تبديل ڇو ٿو ڪرائي؟ وسيلا ڦٻائڻ لاءِ. رڳو زمانو بدليو آهي، انسان جي جبلت، بک، لالچ ڪونه بدلي آهي. انسان ساڳيو وحشي ئي آهي، جهڙو جهنگلي دور ۾ هو، جهڙو قبائلي دور ۾ هو، اهڙو ئي سرمائيدار دور ۾ آهي. صرف هٿيار، واردات جا طريقا تبديل ٿيا آهن، باقي وحشت ساڳي آهي. اسان هتي قابض ڌرين ۽ قوتن جي وارتا ڪري رهيا آهيون. باقي دنيا اندر انفرادي ۽ اجتماعي طور ڀلائين جا پڻ باب ڀريا پيا آهن. مذهبن کان سائنس جي ميدانن ۾، ادب، ڪلچر، فنون لطيفا ۽ ڏاهپ جي ميدان ۾، پر قابض قوتون، عالمي سامراج، ڊيپ اسٽيٽ، هٿرادو پروپيگنڊا ڪري مذهبي نفرتون پکيڙي دنيا کي تباهيءَ جي جهنم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڄ دنيا جي جنگ جو ميدان ريئر منرلس ۽ زمين اندر لڪل تباهه ڪار ارٿ منرلس آهن، ايندڙ جنگيون انهن تي، پاڻيءَ تي ۽ زرخيز زمينن جي حاصلات تي هونديون. جنهن جي پويان اهي ئي استعماري قوتون، ڪمپنيز جا معاشي مفاد آهن. ڪارپوريٽ سيڪٽر، گرين انيشيئيٽو، هاءِ برڊ ٻج، هاڻي ته ملڪ به هاءِ برڊ طرز حڪومت تي هلايا پيا وڃن.
مصنوعي فوڊ، گوشت، ڊرنڪس، فاسٽ فوڊ جي صورت ۾ هر گهٽيءَ ۾ پهچي چڪو آهي. ان جي پويان صرف سرمائي جو کيل آهي. هاڻي ته ڪٿي ان ٿيوري تي به ڪم هلي رهيو آهي ته ويٽيڪن سٽي طرز تي مسلمانن لاءِ پڻ ساڳيو تجربو ڪجي. گريٽ گيم جا اهي سڀ حصا آهن. سعودي عرب يمن جنگ کي ان نگاهه سان ڏسي سگهجي ٿو، پر ٻئي پاسي جين زي يا خدا جي خلق پڻ سجاڳ آهي. تازو يورپ، فرانس، اسپين، اٽلي ۾ جين زي پنهنجن مسئلن لاءِ روڊن تي نڪري آئي، ڏسجي ته حالتون ڪٿي ٿيون دنگ ڪن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو