مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

فريبِ آزادي لارينس آف عربيه

Sufi Rahman Ali

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پهرين عالمي جنگ (1914ع-1918ع) انساني تاريخ جو اهو وڏو قتل گرد سياسي ۽ جاگرافيائي زلزلو هئي، جنهن نه رڳو يورپ، پر ايشيا ۽ آفريڪا جي نقشن کي به مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو، ان دور جو سڀ کان وڏو المياتي ۽ فيصلائتو موڙ عثماني سلطنت جو زوال ۽ وچ اوڀر جي نئين سر سياسي ورهاست هئي. 1299ع ۾ عثمان غازي اناطوليه جي هڪ ننڍڙي رياست ۾ عثماني سلطنت جو بنياد وڌو، اها اڳتي هلي ڇهن صدين تائين اسلامي دنيا جي سڀ کان وڏي ٽن بري اعظم تي پکڙيل سياسي ۽ دفاعي قوت بڻجي سامهون آئي. 1453ع ۾ سلطان محمد فاتح پاران بازنطيني عيسائي سلطنت جي مرڪزي شھر قسطنطنيه جي فتح رومي بازنطيني غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ سلطان سليمان اعظم (1520ع-1566ع) جي سنهري دور تائين هيءَ سلطنت روسي بلقان، شام، فلسطين، عراق، مصر، حجاز ۽ يمن تائين پکڙيل هڪ عالمي سپر پاور بڻجي اڀري، پر سترهين صديءَ کانپوءِ اندروني بدعنواني، سياسي انتشار، انتظامي ڪمزوري، صنعتي انقلاب کان دُوري ۽ فوج کي جديد نه ڪري سگهڻ جي ڪري، هيءَ عظيم اسلامي سلطنت آهستي آهستي ڪمزور ٿيڻ لڳي. اوڻيهين صديءَ تائين يورپي سفارتڪاريءَ ۾ ان کي يورپ جو مردِ بيمار قرار ڏنو ويو. يورپي قوتن (برطانيا، فرانس ۽ روس) کي صنعتي انقلاب کانپوءِ نون واپاري رستن، خام مال ۽ منڊين جي سخت ضرورت هئي ۽ وچ اوڀر ان جو مرڪزي محور هو. 1869ع ڏکڻ يورپ کي ھندستان ۽ ٻين ايشيائي ملڪن واپاري مقصدن لاءِ سامونڊي رستي سوئيز ڪئنال جي افتتاح مصر ۽ عرب دنيا جي جيو پوليٽيڪل اهميت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، جنهن برطانوي سامراج کي بيٺڪي رياست هندستان تائين پنهنجي رستي جي حفاظت لاءِ هن خطي تي قبضي ڪرڻ جو وڌيڪ طاقتور بڻايو.
تاريخ جي ورقن تي جڏهن به رت سان لکيل داستانن جو مطالعو ڪبو آهي ته ڪي واقعا صرف وقت جو حادثو ناهن هوندا، پر اهي پوريءَ صديءَ جي جيو پوليٽيڪل نقشي کي تبديل ڪرڻ جو سبب بڻبا آهن. 6 جولاءِ 1917ع تي تاريخ ڳاڙھي سمنڊ جي ڪناري تي عقبه بندرگاهه جي فتح وچ اوڀر جي جديد تاريخ جو هڪ اهڙو ئي المياتي موڙ آهي، عقبه ڳاڙهي سمنڊ جي مٿان جبلن ۽ واري جي سمنڊ جي وچ ۾ هڪ اهڙو قدرتي قلعو هو، جنهن تي سمنڊ واري پاسي کان حملو ڪرڻ خودڪشيءَ جي برابر هو، عثماني بحري ڪمانڊرن ساحل تي وڏيون توپون نصب ڪري ڇڏيون هيون. ڇاڪاڻ ته سندن خيال هو ته موت جي ٻئي نالي جهڙي خطرناڪ صحرا النفوذ کي پار ڪري پٺيان کان ڪو حملو ڪرڻ ناممڪن آهي، پر جنگين جا فيصلا صرف روايتي هٿيارن سان نه، پر جاگرافيائي جي غير متوقع استعمال سان بدلبا آهن. مغربي ميڊيا ۽ هالي ووڊ جي فلمن سڄو ڪريڊٽ برطانوي انٽيليجنس آفيسر ٿامس ايڊورڊ لارنس، لارنس آف عربيه جي جهوليءَ ۾ اڇلايو، پر حقيقت اها آهي ته ان انٽيليجينس جو اصل هيرو هوئيطات قبيلي جو دلير بدوي سردار عوده ابو تايه هو. بدوي جنگجو لارنس جي سحر ۾ نه، پر عوده جي غيرت ۽ لبيڪ تي النفوذ واري جي طوفانن کي چيري اچي عثمانين جي پٺيان ڪنھن آفت جيان ڪڙڪيا، اها هڪ اهڙي غير متوقع گوريلا ضرب هئي، جنهن عثماني فوج جي حواسن کي خطا ڪري ڇڏيو ۽ هڪ مختصر، پر خونريز ويڙهه کانپوءِ عقبه تان عثماني پرچم هميشه لاءِ لهي ويو.
اميدن جا محل ۽ سائيڪس پيڪو جو خفيه خنجر:
1915ع-کان 1916ع دوران مڪي جي شريف حسين بن علي ۽ مصر ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر سر هينري مڪموهن وچ ۾ لکيل خطن عربن کي هڪ “عظيم متحدہ عرب سلطنت” جا خواب ڏيکاريا هئا. واعدو هو ته عثمانين خلاف بغاوت جي بدلي کين حجاز، شام، عراق ۽ فلسطين تي ٻڌل آزاد رياست ملندي. تنهنڪري 10 جون 1916ع تي شريف حسين بغاوت جو اعلان ڪيو ۽ بدوي جنگجو پنهنجي آزاديءَ جي اميد ۾ صحرا جي واري کي پنهنجي رت سان سيراب ڪرڻ لڳا، پر اها تاريخ جي سڀ کان وڏي سامراجي منافقت هئي ته جڏهن عرب هٿيار کڻي وڙهي رهيا هئا. تڏهن لنڊن ۽ پيرس جي بند ڪمرن ۾ مئي 1916ع ۾ برطانوي سفارتڪار مارڪ سائيڪس ۽ فرانسيسي نمائندي فرانڪوئس جارج پيڪو جي وچ ۾ سائيڪس پيڪو معاهدو طئي ٿي چڪو هو، هن معاهدي تحت عربن جي قربانين جو سودو ڪندي، نقشي تي فوٽ پٽي رکي مصنوعي سرحدون ڇڪيون ويون، شام ۽ لبنان فرانس جي حصي ۾ آيا. جڏهن ته عراق، اردن ۽ ڪوويت تي تاج برطانيه پنهنجو قبضو ڄمايو، يروشلم ۽ فلسطين کي بين الاقوامي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي تجويز ڏني وئي. اڳتي هلي 1917ع جي بالفور پڌرنامي ذريعي اتي يهودي رياست جو ٻج ڇٽيو ويو. جڏهن 1917ع جي آخر ۾ روس جي بالشيوڪ ڪميونسٽ انقلاب هن خفيه معاهدي جو راز فاش ڪيو ته عربن جي پيرن هيٺان زمين کسڪي وئي، پر گھڻي دير ٿي چڪي هئي تير ڪمان مان نڪري چڪو هو. سيپٽمبر 1918ع ۾ جڏهن عرب فوجون دمشق ۾ داخل ٿيون ۽ فيصل بن حسين عرب حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته 1920ع ۾ فرانسيسي فوج طاقت جي زور تي کيس تڙي ڪڍيو، هن پوري ويساهه گھاتيءَ ۽ ڪوڙ جو سڀ کان وڏو گواهه خود ٽي. اي. لارنس بڻيو. هن پنهنجي مشهور سوانح حيات “سيون پلرز آف وزڊم” ۾ ان جرم ۽ ضمير جي ملامت جو کليو اعتراف ڪندي لکيو آهي. اسان عربن کي پنهنجي مفادن لاءِ هڪ اوزار طور استعمال ڪيو، اسان کين آزاديءَ جا اهي خواب ڏيکاريا جيڪي ڪڏهن پورا ٿيڻا ئي نه هئا. آئون پنهنجي ملڪ جي ان جي سامراجي سياست تي شرمسار هئس، جتي اسان ان صاف دل بدوين سان وڏي خيانت ڪئي ۽ سندن رت جو سودو پنهنجي سامراجي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو، لارنس جو اهو اعتراف ثابت ڪري ٿو ته عرب بغاوت ڪا مذهبي يا نظرياتي جنگ نه، پر مغربي سامراج جي شطرنج جي اها راند هئي، جنهن جو مھرو عربن کي بڻايو ويو.
فتح عقبه ۽ سائيڪس پيڪو جي هن تاريخي الميي وچ اوڀر جي سيني تي اهي گهرا زخم لڳايا، جيڪي هڪ صدي گذرڻ کانپوءِ اڄ تائين تازا آھن تاريخدان سمجهن ٿا ته لارنس برطانوي سلطنت جي پاليسين جو آخري فيصلو ڪندڙ نه، پر ان وڏي سامراجي شطرنج جو رڳو هڪ اهم مهرو يا ايجنٽ هو.
پهرين عالمي جنگ جي خاتمي کانپوءِ 1919ع جي پيرس امن ڪانفرنس ۽ اپريل 1920ع جي امن ڪانفرنس ۾ اتحادي طاقتن عثماني علائقن کي ليگ آف نيشنز جي مينڊيٽ تحت پاڻ ۾ ورهائي پنھنجي ناجائز قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو برطانوي مينڊيٽ دوران فلسطين ۾ يهودين جي آبادڪاري تيزيءَ سان وڌائي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 1936ع 1939ع جي عرب بغاوت کي جنم ڏنو، جنهن کي تاج برطانيه بي رحميءَ سان دٻائي ڇڏيو، هي اهي ئي فيصلا هئا، جيڪي اڳتي هلي 1948ع ۾ ڌرتي ڪٽر مذهبي رياست اسرائيل جي قيام ۽ عرب اسرائيل جنگين جو مستقل بنياد بڻيا. جيتوڻيڪ ٻي عالمي جنگ 1939ع-1945ع دوران نازي جرمنيءَ جي آمر ايڊولف هٽلر يورپي سامراجي قوتن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. 1945ع ۾ گڏيل قومن (UN) جي قيام کانپوءِ قومي آزاديءَ جي تحريڪن کي عالمي سطح تي اخلاقي حمايت ملي. 1946ع ۾ شام ۽ لبنان مڪمل آزادي حاصل ڪئي. 1946ع ۾ اردن به خود مختيار ٿيو. 1952ع جي مصري انقلاب کانپوءِ برطانوي اثر گهٽجڻ لڳو. 1956ع ۾ سوئيز بحران دوران برطانيا ۽ فرانس کي عالمي دٻاءُ سبب مصر مان پوئتي هٽڻو پيو. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ الجزائر، ڪوويت، يمن ۽ خليج جون ڪيتريون ئي رياستون به آزاديءَ ڏانهن وڌيون، لورينس آف عربيه جي دور کان وٺي ٻي عالمي جنگ تائين وچ اوڀر جي سياست سامراجي مفادن، تيل جي دولت، سامونڊي رستن ۽ قومي تحريڪن جي وچ ۾ هڪ مسلسل جدوجهد رهي، پر اڄ ڏينهن تائين اولهه جي نئين سامراجي قوت آمريڪا جيڪا ٻئي عالمي جنگ جي خاتمي کانپوءِ اڀري اھا اولهه جي نئين امپريلزم طاقت پنهنجو اقتصادي، فوجي ۽ سفارتي اثر برقرار رکيو پيو اچي جنهن کي نئون سامراج (New Imperialism) چيو وڃي ٿو.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو