مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڏانو ڌانڌل سانحو: ٿر جي ڪوئلي سان ملڪ روشن، پر ٿر جون زندگيون اونداهيءَ ۾!

Raja Dasrath Depar

ڪيمسٽري ٽيچر، ڪالم نگار، محقق

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ٿر جي واريءَ ۾ دفن ڪوئلو جڏهن زمين مان نڪري بجليءَ ۾ تبديل ٿئي ٿو ته ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن جون روشنيون وڌن ٿيون، صنعتن جا ڦيٿا هلن ٿا ۽ ترقيءَ جا نوان خواب ڏيکاريا وڃن ٿا، پر افسوس ته ان ئي ٿر جي ڪنهن ڳوٺ ۾ جڏهن انساني حياتيون باهه جي لپيٽ ۾ اچن ٿيون ته انهن کي بچائڻ لاءِ گهربل سهولتن جي کوٽ جا سوال اڀري پون ٿا. ڏانو ڌانڌل جو المناڪ سانحو رڳو هڪ حادثو ناهي، پر اسان جي صحت جي نظام، هنگامي امداد جي انتظامن ۽ حڪومتي ذميوارين بابت ڪيترائي سنجيده سوال کڻي آيو آهي، جن جا جواب هاڻي رڳو افسوس جي بيانن سان نٿا ڏئي سگهجن. 28 آڪٽوبر جي رات ٿرپارڪر جي ڏانو ڌانڌل واري علائقي ۾ ايمبولينس کي لڳل باهه جي واقعي انساني ضمير کي ڌونڌاڙي ڇڏيو آهي. ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن موجب، هن واقعي ۾ ڏھه انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪجھه ماڻهو سڙي زخمي پڻ ٿيا. هڪ اهڙي گاڏي، جنهن جو بنيادي مقصد بيمارن ۽ لاچار ماڻهن کي زندگيءَ ڏانهن وٺي وڃڻ هوندو آهي، سا جيڪڏهن موت جو سبب بڻجي وڃي ته ان واقعي جي هر پهلوءَ جي جاچ ٿيڻ لازمي آهي. اکين ڏٺي شاهد جي بيان موجب ايمبولينس ۾ آڪسيجن سلينڊر تبديل ڪرڻ دوران باهه لڳي، پر باهه ڪهڙي سبب لڳي، ان کي ڪهڙي شيءِ وڌيڪ ڀڙڪايو ۽ ڇا ان واقعي کي روڪي سگهجي پيو؟ اهي سوال اڃا مڪمل ۽ تصديق ٿيل جاچ جا منتظر آهن. سنڌ جي وڏي وزير طرفان ھرھڪ فوتي جي وارثن لاءِ ويهه لک روپين جي مالي امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ متاثر خاندانن جي مدد ڪرڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي ۽ امداد جو اعلان پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿو، پر ڇا ڪنهن انسان جي زندگيءَ جو نعم البدل ويهه لک روپيا ٿي سگهن ٿا؟ ڇا هڪ ماءُ پنهنجي پٽ جي وڇوڙي جو درد رقم سان وساري سگهي ٿي؟ ڇا ڪنهن ٻار جي مٿي تان پيءُ جو شفقت ڀريو هٿ کسجي وڃڻ کانپوءِ مالي امداد ان خال کي ڀري سگهي ٿي؟ ڇا ڪنهن گهر جي ڪمائيندڙ فرد جي موت کانپوءِ ان خاندان جي زندگي اڳ وانگر ٿي سگهي ٿي؟ معاوضو متاثر خاندانن جي مالي سهائتا ڪري سگهي ٿو، پر زندگيءَ جي واپسيءَ جو وسيلو نٿو بڻجي سگهي. تنهنڪري حڪومت جو فرض رڳو امداد جو اعلان ڪرڻ تائين محدود نه هجڻ گهرجي، پر ان ڳالهه کي به يقيني بڻائڻ گهرجي ته هن سانحي جا سبب سامهون اچن، ذميوارين جو تعين ٿئي ۽ مستقبل ۾ اهڙي قسم جي واقعن کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. هن واقعي بابت سڀ کان اهم سوال ايمبولينس ۾ موجود سلينڊر ۽ باهه لڳڻ جي سبب بابت آهي. عام طور تي آڪسيجن کي باهه ٻارڻ وارو ٻارڻ نه، پر باهه جي شدت وڌائيندڙ مادو سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن آڪسيجن ليڪ ٿئي ۽ ڀرسان ٻرندڙ مواد يا باهه موجود هجي ته باهه تيزيءَ سان پکڙجي سگهي ٿي. ٻئي طرف، سلينڊر جي خرابي، والو جي نقصان، بجليءَ جي نظام ۾ نقص يا ڪنهن ٻئي فني سبب جي ڪري به خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ايمبولينس ۾ CNG سلينڊر به نصب هو ته ان جي تنصيب، منظوري ۽ فني حفاظت بابت سوال وڌيڪ اهم ٿي وڃن ٿا، پر جاچ کان اڳ اهو چوڻ ته باهه لازمي طور CNG سبب لڳي يا آڪسيجن سلينڊر جي ڌماڪي سان ئي سڄي گاڏي سڙي، حتمي نتيجو ڪڍڻ ٿيندو. اصل حقيقت فني ماهرن جي جاچ، سلينڊرن جي معائني، گاڏيءَ جي حالت ۽ واقعي واري هنڌ تان گڏ ڪيل ثبوتن سان ئي واضح ٿي سگهي ٿي. سنڌ حڪومت جي صحت کاتي، PPHI ۽ لاڳاپيل انتظاميا کي عوام آڏو واضح ڪرڻ گهرجي ته ايمبولينس ۾ موجود آڪسيجن سلينڊر جي آخري فني چڪاس ڪڏهن ٿي هئي، اها چڪاس ڪنهن اداري ڪئي هئي ۽ ان جو رڪارڊ موجود آهي يا نه. ايمبولينس جي سارسنڀال، سلينڊر جي تبديلي ۽ عملي جي تربيت بابت ڪهڙا ضابطا لاڳو هئا؟ جيڪڏهن گاڏيءَ ۾ CNG سلينڊر نصب هو ته ان جي منظوري ڪنهن ڏني هئي، ان جي آخري چڪاس ڪڏهن ٿي ۽ ڇا اها تنصيب قانوني ۽ فني معيارن مطابق هئي؟ اهي سوال ڪنهن تي بنا ثبوت الزام هڻڻ لاءِ نه، پر حقيقتن تائين پهچڻ ۽ انساني جانين جي تحفظ لاءِ ضروري آهن. جيڪڏهن ڪنهن اداري، ٺيڪيدار، انتظاميا يا عملي جي غفلت ثابت ٿئي ته ان جي ذميواري قانون موجب طئي ٿيڻ گهرجي، پر ڏانو ڌانڌل جو سانحو رڳو ايمبولينس جي سلينڊر تائين محدود سوال نٿو ڇڏي. هي واقعو ان هنگامي نظام بابت به سوال پيدا ڪري ٿو، جيڪو حادثي وقت ماڻهن جي مدد لاءِ موجود هجڻ گهرجي. ڇا لاڳاپيل اسپتال ۾ فائر سيفٽيءَ جا مناسب انتظام موجود هئا؟ جيڪڏهن باهه وسائڻ جا اوزار موجود هئا ته ڇا اهي فعال ۽ استعمال لائق هئا؟ ڇا اسپتال جي عملي کي باهه وسائڻ ۽ مريضن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪرڻ جي تربيت مليل هئي؟ واقعي کانپوءِ فائر برگيڊ کي اطلاع ڪڏهن ڏنو ويو ۽ گاڏيون ڪيتري دير ۾ پهتيون؟ مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر ۽ ٿر ڪول جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ فائر برگيڊ جون ڪيتريون گاڏيون موجود آهن، انهن مان ڪيتريون فعال آهن ۽ انهن جي عملي وٽ ضروري سامان موجود آهي يا نه؟ انهن سوالن جا جواب سرڪاري رڪارڊ ۽ شفاف جاچ وسيلي سامهون اچڻ گهرجن. ٿر ڪول کان ٿوري پنڌ تي واقع علائقن ۾ جيڪڏهن هنگامي صورتحال دوران باهه وسائڻ يا زخمين کي مناسب علاج تائين پهچائڻ جا انتظام اثرائتا نه هجن ته پوءِ ترقيءَ جي دعوائن جو جائزو وٺڻ لازمي بڻجي وڃي ٿو. ٿرپارڪر هڪ وسيع ضلعو آهي، جتي ڪيترائي ڳوٺ هڪ ٻئي کان پري ۽ طبي سهولتن کان پري واقع آهن. اهڙي علائقي ۾ ايمبولينس جو فعال نيٽ ورڪ، تربيت يافته عملي، فائر برگيڊ جون گاڏيون ۽ اسپتالن ۾ ضروري هنگامي سهولتون عياشي نه، پر انساني ضرورت آهن. ڪنهن حادثي ۾ زخمي ٿيل ماڻهوءَ لاءِ پهريان ڪجهه منٽ انتهائي اهم ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن امداد وقت سر نه پهچي، مناسب طبي سهولت موجود نه هجي يا مريض کي هڪ اسپتال کان ٻي اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ قيمتي وقت ضايع ٿئي ته نتيجا وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. ٿر ۾ برنس وارڊ ۽ سڙيل مريضن جي علاج لاءِ گهربل سهولتن جي کوٽ بابت به سنجيدگيءَ سان جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. سڙيل مريضن جي علاج لاءِ مخصوص تربيت، مناسب طبي سامان، مسلسل نگراني ۽ ماهر عملي جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن ٿرپارڪر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ اهي سهولتون اڻپوريون آهن ته حڪومت کي انهن کي بهتر ڪرڻ لاءِ واضح ۽ وقتائتو منصوبو پيش ڪرڻ گهرجي. رڳو عمارتون ٺاهڻ يا اسپتالن جي بجيٽ جو اعلان ڪرڻ ڪافي ناهي؛ اصل اهميت ان ڳالهه جي آهي ته مريض کي ضرورت وقت علاج ملي ٿو يا نه. اسپتال ۾ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سامان موجود آهي يا نه، عملي کي ان جي استعمال جي تربيت آهي يا نه ۽ مريض کي وڌيڪ سهولتن واري مرڪز تائين محفوظ نموني پهچائڻ جو انتظام آهي يا نه. ٿر جي ترقيءَ تي فخر ڪرڻ وقت اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ترقيءَ جو معيار رڳو ڪوئلي جي پيداوار، بجليءَ جي مقدار يا مالي آمدنيءَ جا انگ ناهن. ترقيءَ جو اصل معيار اهو آهي ته ان علائقي جو عام ماڻهو ڪيترو محفوظ آهي.
گوراڻو ۽ ٻين متاثر علائقن جي ماڻهن جا خدشا به هن بحث کان الڳ ناهن. زمينن، چراگاهن، گهرن، قبرستانن ۽ سماڌين بابت مقامي آباديءَ جون شڪايتون ٻڌڻ، قانوني حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ماحولياتي توڙي سماجي اثرن جو شفاف جائزو وٺڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ترقيءَ جا منصوبا تڏهن ئي ماڻهن جي حقيقي ڀلائيءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ڏانو ڌانڌل سانحي کانپوءِ سڀ کان اهم ضرورت هڪ شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ جي آهي، جيڪا واقعي جي هر پهلوءَ کي سامهون آڻي. سنڌ حڪومت کي قانوني طريقيڪار تحت عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، جڏهن ته فني ماهرن کان ايمبولينس، سلينڊرن، باهه لڳڻ جي سبب ۽ فائر سيفٽيءَ جي انتظامن بابت الڳ تفصيلي جائزو به وٺڻ گهرجي. صحت کاتي، PPHI، اسپتال انتظاميا، ايمبولينس جي سارسنڀال ڪندڙ اداري ۽ ضلعي انتظاميا جي ذميوارين جو تعين ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن به سطح تي غفلت، ضابطن جي ڀڃڪڙي يا ذميواريءَ کان لاپرواهي ثابت ٿئي ته قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. جاچ رپورٽ کي عوام آڏو پيش ڪيو وڃي ته جيئن متاثر خاندانن ۽ عام ماڻهن کي خبر پوي ته حقيقتون ڇا هيون ۽ مستقبل ۾ اهڙي سانحي کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن. ساڳئي وقت فوتين جي وارثن کي اعلان ڪيل مالي امداد بنا غيرضروري دير جي فراهم ڪئي وڃي، زخمين جي علاج ۽ بحاليءَ جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ متاثر خاندانن کي عملي سهائتا ڏني وڃي. ضلعي ۾ موجود ايمبولينسن جي فني حالت، آڪسيجن سلينڊرن جي حفاظت، اسپتالن جي فائر سيفٽي، فائر برگيڊ جي موجودگي ۽ برنس وارڊ سميت ضروري طبي سهولتن جو جائزو وٺي هڪ عملي منصوبو جوڙيو وڃي. ان منصوبي لاءِ ذميوار ادارا، بجيٽ، ڪم مڪمل ڪرڻ جو وقت ۽ نگرانيءَ جو طريقو به واضح هئڻ گهرجي. ڇو ته عوام کي هاڻي رڳو اعلان نه، پر نتيجا گهرجن. ڏانو ڌانڌل جو سانحو ڪجهه ڏينهن جي سوڳ کانپوءِ وساري ڇڏڻ جهڙو واقعو ناهي. هر ڀيري فوتين جي وارثن لاءِ امداد جو اعلان ڪرڻ، تعزيتي بيان جاري ڪرڻ ۽ پوءِ خاموش ٿي وڃڻ ڪنهن به ذميوار حڪومت لاءِ ڪافي نٿو ٿي سگهي. ٿر بدليندو پاڪستان، پر ٿر جي ماڻهن جي زندگي ڪير بدلائيندو؟ هي سوال اڄ ڏانو ڌانڌل جي واريءَ کان وٺي سنڌ جي اقتداري ايوانن تائين پهچڻ گهرجي. ڏانو ڌانڌل جي انهن معصوم جانين سان انصاف جو تقاضو آهي ته سندن موت جا سبب سامهون اچن، ذميوارن جو تعين ٿئي ۽ اهڙا قدم کنيا وڃن، جن سان مستقبل ۾ انساني حياتيون بچائي سگهجن. اصل انصاف اهو هوندو ته ڪنهن ٻي ماءُ جي هنج اهڙيءَ طرح خالي نه ٿئي، ڪنهن ٻار جي اکين مان پنهنجي پيءُ جي وڇوڙي جا ڳوڙها نه وهن ۽ ڪنهن غريب خاندان کي هنگامي امداد جي کوٽ سبب پنهنجي پياري جي زندگي وڃائڻ جو ڏک نه سهڻو پوي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو