مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۽ هند جون تهذيبون

Tufail Magsi

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آثار قديمه جا ماهرن جديد تحقيق کان هينئر تائين اهو ثابت ڪري چڪا آهن ته “ٽامي جي زماني” ۾ جڏهن هتي وادي سنڌ جي هڙپائي تهذيب جو دور هو (يعني اڄ کان چار هزار سال اڳ جو زمانو) ته ان وقت هند يورپي قبيلن جو اهو گروهه جيڪو بعد ۾ آريائي سڏيو ويو، انهن جا وڏڙا ان وقت اڄ جي ازبڪستان ۽ ترڪمانستان جي علائقن ۾ آباد هئا، جنهن کي آثار قديمه جا ماهر Anderonovo ۽ Sintashta ڪلچر سڏين ٿا. ٺيڪ انهيءَ زماني ۾ جڏهن انڊس ويلي جي تهذيب پراسرار طور تي هڪدم ختم ٿي، انهيءَ وقت اهي پروٽو آريائي ماڻهو (انڊو-يورپي) به پنهنجن علائقن کان ڏکڻ ڏانهن منتقل ٿيا. غالب خيال اهوئي آهي (۽ ان جا ثبوت به ملي، چڪا آهن) ته ان زماني ۾ وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي پرڳڻي ۾ ڪشادي پيماني تي موسمياتي تبديليون نروار ٿيون هيون جيئن ته برساتن جي تمام گهڻي کوٽ يا واڌارو، دريائن جا رخ تبديل ٿيڻ، زلزلا وغيره جيڪي هڪ پاسي ته انڊس ويلي تهذيب جو اختتام جو ڪارڻ بڻيون آهن. وچ ايشيا جي لڏپلاڻ ڪندڙ مال چاريندڙن کي به نون ساون ميدانن جي به تلاش ۾ پنهنجن علائقن کان لڏپلاڻ ڪرڻي پئي. اهي مختلف گروهن ۽ قبيلن جي شڪل ۾ پهرين افغانستان آيا، پوءِ ايندڙ ڪجھه سئو سالن ۾ ڏکڻ اولھه پاسي لڏپلاڻ ڪندا رهيا. اڄ کان لڳ ڀڳ پنجٽيهھ سئو سال اڳ (1500قبل مسيح) جي ويجهو آريائن جي شروعاتي گروهه موجوده پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ آباد ٿي چڪا هئا. اها ڳالھه به ثابت ٿيل آهي ته آريائن جي هتي آبادڪاري ڪنهن هڪ لهر ۾ يا هڪ گروهه جي صورت نه ٿي، بلڪه اهي ماڻهو ڪيتريون ئي صديون مختلف ٽولن جي شڪل ۾ هتي هوريان هوريان آباد ٿيندا رهيا. عام طور تي رگ ويد لکڻ واري ڀارتا قبيلي جا ماڻهو سڀني کان پڇاڙي ۾ هتي پهتا هئا (1100 قبل مسيح جي ويجهو) ان وقت تائين هتي شروعات ۾ اچڻ وارا آريا نه صرف آباد هئا، بلڪه ڪافي حد تائين اهي هتي قديمي هڙپائي رهواسين سان گڏجي ويا هئا. جڏهن ته اهو به ثابت آهي ته ان وقت تائين ڪجھه پراڻا رهواسي اڃان خالص نسل ۾ به آباد هئا، جن کي ويدن ۾ دسوئيا يا مليچا سڏيو ويو آهي. اڄ جا ڀنگي، اڇوت، جوڙي، شودر، چمار ۽ پکي واس/کوجا لفظ ملوها جي ئي بگڙيل صورت آهي.
ڀارتا قبيلي جا ماڻهو ويدي سنسڪرت جي شروعاتي ٻولي ڳالهائيندا هئا. جڏهن ته ايران ۾ وڃي رهندڙ آريائي قبيلا پراڻي پرشئين ۽ افغانستان ۾ رهجي ويل آوستا ٻولي ڳالهائيندا هئا. اهي ٽئي ٻوليون هڪ نسل کان نڪتيون هيون ۽ ڪافي پاڻ ۾ ملنديون هيون. هوريان هوريان ٻنهي گروهن ۾ جاگرافيائي ڏوري ۽ ورهاست جي سبب کان انهن جون ٻوليون الڳ پاسن ۾ ارتقا پذير ٿيڻ لڳيون. ايندڙ ڪجھه سئو سالن ۾ آوستا ٻولي اڻلڀ ٿي وئي.
جڏهن ته اولڊ پرشئين ارتقا جي مرحلن کان گذري “پهلوي” ۽ پوءِ جديد فارسي بڻي. جڏهن ته ويدي ٻولي ٻن قسمن ۾ ورهائجي وئي، هڪ جيڪي عوامي ٻوليون بڻيون “پاڪرتيون” سڏيون انهن کان ئي اسان جون اڄ جون سموريون آريائي ٻوليون نڪتيون ۽ اشرافيه جي ادبي ٻولي سنسڪرت بڻي جيڪا وڌي ويجهي نه سگهي ۽ اڻلڀ ٿي وئي.
اسان کي يقين سان پتو ناهي ته آريائن کان اڳ جي سنڌو سرسوتي تهذيب جا ماڻهو پنهنجي ملڪ (اڄ جي پاڪستان) کي ڇا سڏيندا هئا. باوجود ان جي ميسوپوٽيميا جا ماڻهو جن سان گڏ اسان جي هڙپائي وڏڙن جا واپاري لاڳاپا هئا، اهي انڊس ويلي جي سر زمين کي ملوها جي نالي سان سڏيندا هئا. درياءِ سنڌ جي اوڀر جي علائقي (موجوده پنجاب، هريانه ۽ سنڌ) کي رگ ويد ۾ آريا ورتا ۽ سپتا سنڌو ڪو وقت مها سنڌو جي نالي سان سڏيو ويو. جڏهن ته سنڌ درياءَ اولهائين علائقي موجوده پختونخواھ/ڪابل درياءَ جي وادي کي هنن گنڌارا جو نالو ڏنو. ڪجهھ ئي عرصي ۾ ڀارت قبيلي سموري سپت سنڌو ۽ گنڌارا تي پنهنجو تسلط قائم ڪري ورتو. مها ڀارت نالي مشهور جنگ به انهيءَ زماني ۾ درياءَ راوي جي ڪناري ڪٿي وڙهي وئي هئي. رگ ويد ۾ انهيءَ کي دسارجنا يعني ڏُهڻا راجائن جي وچ ۾ ٿيل جنگ سڏيو ويو آهي. جڏهن ته مها ڀارت جو ڊگهو نظم/ڌارمڪ ڪلام تمام پوءِ لکيو ويو.
سن پندرهن سئو قبل مسيح کان وٺي ڪري ڇھه سئو قبل مسيح تائين واري زماني کي “ويدي دور” سڏيو وڃي ٿو (انهيءَ کي وڌيڪ ٽن دورن ۾ ورهايو ويو آهي.) ان زماني جي آخر تائين انڊس درياءَ جي اوڀر جي سمورن علائقن کي آريا ورتا سڏيو ويندو هو. جڏهن ته سپت سنڌو پنجاب ۽ هريانه جي علائقي لاءِ خاص ٿي رهجي ويو هو. پوءِ ڇهين صدي قبل مسيح ۾ حالتن ۾ هڪ وڏي تبديلي نروار ٿي. ايران ۾ ڪوروش اعظمCyrus The Great بخامنشي سلطنت جو بنياد رکيو جيڪا دنيا جي پهرين بين الاقوامي سلطنت هئي. سن 535 قبل مسيح ۾ سائرس گنڌارا ۽ سنڌ درياءَ جي اوڀر ۾ واقعي ٽڪشائلا (ٽيڪسيلا) کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو. ان هن پرڳڻي کي ٻن صوبن (ستراپون) ۾ ورهايو، گنڌارا جو ستراپ جنهن جي گادي جو هنڌ پشڪلاوتي (موجوده چارسده) بڻيو.
جڏهن ته سنڌو درياءَ جي اوڀرين حصي کي هفته هندو جو ستراپ بڻايو ويو. ڇاڪاڻ ته ايراني ٻوليءَ ۾ سپتا سنڌو جو لفظ هفته هندو هو، جنهن جو تخت ٽيڪسيلا هو. هوريان هوريان هفته هندو کان صرف هندو ٿي ويو. ائين پهريون ڀيرو مقامي ماڻهو پاڻ کي سنڌو سڏيندا هئا. بخامنشي فارسين جي اثر هيٺ سلطنت جو ٻن سالن وارو راڄ جڏهن 326 قبل مسيح ۾ سڪندراعظم يوناني جي هٿان خاتمو ٿيو ته ان وقت تائين مقامي ماڻهن پنهنجو پاڻ کي هندو چوڻ شروع ڪري ڇڏيو. جڏهن ته هتي ٻه ڌرم هئا هڪ برهمڻ مت ۽ ٻيو ٻڌمت. يونانين انهيءَ هندو لفظ کي بگاڙي Indoos ڪري ڇڏيو. جڏهن ٻي صديءَ ۾ يونان تي رومي سلطنت جو قبضو ٿيو ته رومين وٽ اهو لفظ Indus بڻيو، جيڪو نيٺ درياءَ جي لاءِ خاص ٿيو. جڏهن ته سنڌ درياءَ جي اوڀر جو سمورو ملڪ India انڊيا سڏرائڻ لڳو. لاطيني جي وسيلي اهوئي انڊيا انگريزي ۾ داخل ٿيو ۽ پوءِ ڪالونيل وقتن ۾ انگلستان جي انگريز انڊيا لفظ کي واپس هندستان کڻي ڪري آيا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو