وڏيرڪو نظام ۽ هاريءَ جا قيد ٿيل خواب
Dr Nazir Ahmed Abro محقق، تعليمدان، ليکڪ
پي ايڇ ڊي ماڪڙ جي حياتياتي ڪنٽرول بيجنگ چين مان. پيسٽيسائيڊ جي نقصانن تي تحقيق ڪندڙ. سامي فائونڊيشن عمرڪوٽ ۾ پروجيڪٽ مينيجر.
هاريءَ جا اڌورا خواب رڳو مٽيءَ تي لکيل ڪهاڻي ناهن، پر اهي هن ڌرتيءَ جي روح جا اهڙا اڻ ڇٽندڙ ڦٽ آهن، جيڪي صدين جي بي حسيءَ جي ڪري پچي رهيا آهن. سنڌ جي ڳاڙهي، سڙندڙ ۽ پگهر سان ڳاهه ٿيندڙ ٻنين جو اهو هڪ اهڙو دکندڙ سچ آهي، جنهن کي اسان روز ڏسون ٿا، پر اسان جو سماج ان جي درد کان بيگانو بڻيل آهي. هاري، جيڪو هن مٽيءَ جو سچو عاشق ۽ ڌرتيءَ جو حقيقي سينگار آهي، تنهن جي پنهنجي جهولي هميشه خالي رهندي آهي. هو راتين جي اوجاڳن ۽ ڏينهن جي تيز اس ۾ پنهنجو رت ۽ پگهر ڏئي سڄي ملڪ جو پيٽ ڀري ٿو، پر جڏهن سندس پنهنجي معصوم خوابن جو وارو اچي ٿو ته اڳيان بيٺل ظالم نظام جي ديوار کين هميشه لاءِ قيد ڪري ڇڏي ٿي. هو جڏهن ٻنيءَ جي هنج ۾ ٻج ڇٽيندو آهي ته هو رڳو اناج جا داڻا ناهي پوکيندو، پر مٽيءَ جي ان پاڪيزه گود ۾ پنهنجي ٻارن جي مرڪن جا گل ۽ پنهنجي نسل جي بقا جا خواب به امانت طور رکندو آهي. هن جي انهن خوابن جو رنگ اونهاري جي تيز اس ۾ پچي راس ٿيندڙ ڪڻڪ جهڙو سنهري ۽ پاڪ هوندو آهي. هن جي دل جي ڪنڊ ۾ اها تمنا پيدا ٿئي ٿي ته سندس ٻار به سنڌوءَ جي لهرن وانگر آزاد ٿي تعليم پرائين، جهالت جي اونداهين مان نڪري روشنيءَ جا سفير بڻجن ۽ هن جي مٽيءَ مان ٺهيل ڪچي گهر جي اڱڻ ۾ به ڪا خوشحاليءَ جي هير گهلي. هاريءَ جو اهو هڪ ئي ته سادو خواب هوندو آهي ته سندس ٻار ٻنپهرن جي تيز اس ۾ پيرين اگهاڙو ٻنين ۾ رلڻ بدران هٿن ۾ ڪتاب کڻن. هو چاهيندو آهي ته هن جي ڪچي گهر تان سدائين لاءِ غربت جا ڪارا ڪڪر هٽي وڃن ۽ برسات جي ڏينهن ۾ مٿان ٽمندڙ ڇت کين وڌيڪ بي گهر نه ڪري. پر حقيقت جي تلخي هن جي اميدن جي گلاب کي چيڀاٽي ڇڏيندي آهي. ڇاڪاڻ ته ٻج، ڀاڻ، ۽ پاڻي خريد ڪندي ئي هو هڪ اهڙي اڻکٽ قرض جي ٻانهن ۾ جڪڙجي ويندو آهي، جو فصل لهڻ کان اڳ ئي سندس پگھر جي سڄي ڪمائي وڏيرن جي اوطاقن ۽ واپارين جي بي رحم کاتن جي نظر ٿي ويندي آهي. جڏهن به هو پنهنجي معصوم ٻارن جي اکين ۾ نوان سپنا ڏسندو آهي، تڏهن وڏيرڪي نظام جو لوهي بار کيس زمين تي ڪيرائي ڇڏيندو آهي. فڪر جي سانجهي جڏهن لهندي آهي، تڏهن تيز واءُ جا جهوٽا هن جي اميدن جا ڏيئا اجهائي ڇڏيندا آهن. واپارين جا ظالماڻا کاتا، وڏيرن جون بي رحم اکيون ۽ ڪامورن جي گهري بي حسي، هن جي هرهڪ معصوم سپني کي چيري ڇڏيندي آهي. هو جنهن ڌرتيءَ جو اصل مالڪ هجڻ گهرجي، تنهن تي ئي اڄ به هڪ بي زبان غلام وانگر پيرين اگهاڙو بيٺو آهي، جتي هن جو ٻار اڄ به ڪتاب جي جاءِ تي هٿ ۾ ڏاٽو کڻي پنهنجي پيءُ جي اڌورن خوابن جو بار کڻڻ تي مجبور هوندو آهي. ڪڏهن سڪي ويل واهن جا پڇڙ اڃ جا پڙاڏا بڻجي هن جي اميدن کي ائين ساڙي ڇڏيندا آهن جيئن تيز باهه سڪل گاهه کي ساڙيندي آهي ته ڪڏهن وري آسمان مان وسندڙ قهر ۽ تيز ٻوڏون هن جي سڄي عمر جي پورهئي کي گندگي وانگر لوڙهي ڇڏينديون آهن. جڏهن فصل ٻڏندو آهي ته رڳو زمين پاڻيءَ هيٺ ناهي ايندي، پر هڪ غيرتمند پيءُ جي انا، هڪ ماءُ جون پاڪ آسون ۽ گهر جي اونداهي ڪنڊ ۾ ويٺل جوان ڌيءَ جي شاديءَ جو ڳاڙهو جوڙو به ان ٻوڏ جي بي رحم لهرن ۾ لڙهي ويندو آهي. قدرتي آفتن ۽ انساني نظام جي گڏيل مار رڳو فصلن تائين محدود ناهي رهندي، پر اها هاريءَ جي روح کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندي آهي. جڏهن سڄو ملڪ ترقيءَ جي مصنوعي روشنين ۾ گم هوندو آهي، تڏهن سنڌ جو هاري پنهنجي تباهه ٿيل اڱڻ جي دڙي تي ويهي آسمان کان انصاف جي صبح جو سوال ڪندو آهي. سنڌ ۾ هارين جي مظلوميت اها تاريخي حقيقت آهي جيڪا صدين کان هلي پئي، جنهن جي خلاف سنڌ هاري ڪميٽيءَ 1930 جي ڏهاڪي ۾ هڪ عظيم تاريخي جدوجهد جو بنياد رکيو هو Sindh Hari Committee ڪامريڊ عبدالقادر ۽ حيدر بخش جتوئي جهڙن دردمند انسانن هارين کي پنهنجي حقن جو شعور ڏنو. “جيڪو کيڙي سو کائي” جو نعرو رڳو هڪ سياسي نعرو نه هو، پر اهو هاريءَ جي روح مان نڪتل بقا ۽ خود مختياريءَ جو هڪ مقدس آواز هو، پر صدين جي اها رت سان لکيل جدوجهد اڄ به پنهنجي منطقي انجام کي پهچي ناهي سگهي، اڄ به سنڌ جو هاري ان اڌوري انقلاب جو منتظر آهي جنهن جا سپنا ڏهاڪا اڳ ڏٺا ويا هئا. وڏيرڪو راڄ اڄ به هاريءَ جي مقدر تي نانگ بڻجي ويٺو آهي ۽ ڌرتيءَ جو اصل وارث اڄ به پنهنجي ئي مٽيءَ تي بي زمين مسافر بڻيل آهي. سنڌي ادب، شاعري ۽ روحانيت ۾ هاريءَ جي درد کي هميشه هڪ پاڪيزه مٿانهون مقام مليل آهي. شيخ اياز هاريءَ جي ان پگهر ۽ مظلوميت کي جنهن ادبي رنگ سان پنهنجي لفظن جي مالها ۾ پوئيو آهي، اهو اڄ به پٿر دل انسانن جي روح کي تڙپائي ڇڏڻ لاءِ ڪافي آهي. هاريءَ جو پگهر جڏهن اڃايل مٽيءَ تي ڪرندو آهي ته اها زمين رڳو زراعت لاءِ هڪ ٽڪرو ناهي رهندي، پر پورهئي جي هڪ مقدس عبادتگاهه بڻجي ويندي آهي، پر افسوس جو هن روحاني محنت جو صلو هميشه بي قدريءَ، تذليل ۽ بک جي روپ ۾ ملندو آهي. هاريءَ جا خواب رات جي ڪاري اونداهيءَ ۾ ائين گم ٿي ويندا آهن، جيئن تيز صحرائي طوفان ۾ پاڻيءَ جا ڦڙا. ادب اسان کي اهو احساس ڏياري ٿو ته هاري رڳو ڪو عام ڪردار ناهي، پر هو سنڌ جو اهو ساهه کڻندڙ وجود آهي جنهن کانسواءِ هيءَ سڄي ڌرتي هڪ ويران بيابان آهي. هاريءَ جا اڌورا ۽ قيد ٿيل خواب اسان جي پوري سماجي ساخت ۽ رياستي نظام جي چهري تي هڪ وڏو ۽ گهرو سواليه نشان آهن. هڪ اهڙو نظام جتي اناج پيدا ڪندڙ پاڻ اڌ پيٽ تي سمهي ۽ عيش عشرت ڪندڙ وري بغير ڪنهن محنت جي بلند محلن ۾ عيش ڪن، تنهن کي ڪڏهن به انساني يا عادلانه نظام نٿو چئي سگهجي. هاريءَ جي هيءَ چيچلاٽ ڪندڙ غربت ڪو قدرتي فيصلو ناهي، پر اها انسانن جي جوڙيل ظالماڻي وڏيرڪي نظام جي پيدا ڪيل هڪ مصنوعي مصيبت آهي. جيستائين زمينن جي هيءَ اڻبرابري واري ورڇ منصفاڻي قانون تحت تبديل نه ٿيندي ۽ هاريءَ کي سندس راتين جي جاڳ جو پورو ملهه نه ملندو، تيستائين ترقيءَ ۽ روشنيءَ جا سڀئي نعرا ڪوڙا، بي معنيٰ ۽ فريب نظر ايندا. هاري ڪو خيرات جو گهرجائو ناهي، هو پنهنجي ان حلال حق جو طالب آهي جنهن لاءِ هن صدين کان پنهنجو رت ٻاريو آهي. هاريءَ جا اڌورا خواب سنڌ جي تاريخ جو اهو سڀ کان وڌيڪ دردناڪ ۽ لڙڪن سان ڳاڙهو باب آهن، جيڪو اڄ به اوتري ئي تلخيءَ سان لکجي رهيو آهي. هو اڄ به پنهنجي ان اداس ڪهاڻيءَ سان گڏ مٽيءَ جي دڙي تي بيٺو آهي، ان هڪ اميد سان ته ڪڏهن ته هن محڪوم ڌرتيءَ جو نصيب بدلبو ۽ هن جي قيد ٿيل خوابن کي به هڪ ڏينهن تعبير جو گهرو آسمان نصيب ٿيندو. جيستائين هاريءَ جي زندگيءَ مان وڏيرڪي راڄ جا هي ڪارا پاڇا ختم نه ٿيندا، تيستائين ڌرتيءَ جو هي سچو پٽ ائين ئي پنهنجي قيد ٿيل اڌورن خوابن جو جنازو کڻي جيئندو ۽ ائين ئي خاموشيءَ سان مٽيءَ جي هنج ۾ سمهي پوندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟