مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آفريقي آمريڪين جي بليڪ هسٽري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آفريقي غلامن کي جڏهن آمريڪا آندو ويو ته انهن جي قبائلي سڃاڻپ، مذهب ۽ ٻولي کي تبديل ڪري انهن جي نالن کي به بدلايو ويو، ان صورتحال جي نتيجي ۾ اهي ڪاري چمڙي وارا رهواسي پنهنجي ماضي ۽ تاريخ کان محروم ٿي ويا. آمريڪا ۾ آفريقي غلامن کي ان وقت آزادي ملي جڏهن گهرو ويڙھ جي ڪري غلامي جو خاتمو ٿيو. غلامي جي سموري دور ۾ نه انهن جي ڪا سڃاڻپ هئي نه ڪنهن قسم جي آزادي ۽ انهن جي لکڻ پڙهڻ تي به پابندي هئي. جڏهن انهن منجهان ڪجھه غلامن تي حد کان وڌيڪ ظلم وڌي ويندو هو، اهي يا ته فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا هئا يا محدود بغاوتون ڪندا هئا. غلامي جي خاتمي کانپوءِ به انهن جا مسئلا گهٽ نه ٿيا. هاڻي انهن کي نئين روزگار جي ڳولا هئي. ڪي جا ماڻهو انهن کي ڊيڄاريندا هئا. نسلي تعصب جي ڪري نه ته اڇي چمڙي وارن اسڪولن ۾ پڙهي سگهندا هئا ۽ نه ئي انهن جي عباتگاهن ۾ وڃي سگهندا هئا، رنگ جي بنياد تي علحيدگي جي پاليسي اختيار ڪئي وئي هئي. ان ماحول ۾ آمريڪي آفريقين جي تاريخ لکڻ هڪ مشڪل مرحلو هو. انهن جو ماضي غلامي جو هو، جنهن ۾ انهن جي لاءِ ڪا دلچسپي نه هئي. ان لاءِ آفريقي مورخن بليڪ هسٽري جا نوان بنياد تلاش ڪيا. هنن هن پاسي ڌيان ڏياريو ته آمريڪا جي معاشي ترقي ۾ انهن جو حصو آهي. ڇاڪاڻ ته هنن پوکي راهي ۽ زرعي پيداوار ۾ واڌارو ڪري معيشت کي ترقي ڏني. انهن جي محنت و مشقت کان ڏاکڻين رياستن وارن اڇي چمڙي وارن ماڻهن فائدو ورتو ۽ پنهنجو اميراڻو ڪلچر پيدا ڪيو. ان ڪري آفريقين تي انهن جو احسان آهي، جنهن کي هو ياد رکن. انهيءَ دوران آفريقين جا اهم اڳواڻ سامهون آيا. آفريقين جي ترقي جي لاءِ ضروري هو ته انهن ۾ افريقي سڃاڻپ جو جذبو هجي، جيڪو کين پاڻ ۾ متحد ڪري. ٻي اهم ڳالھه جنهن تي ڌيان ڏنو ويو اها تعليم هئي. تعليم جي وسيلي انهن کي نه صرف هنرمند بڻايو وڃي بلڪه ۽ علم و ادب ۽ آداب به سيکاريا وڃن. اڳواڻ جن هن ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو اهو جارج واشنگٽن، وليم فريڊرڪ ڊگلس ۽ بوڪر ٽي واشنگٽن هئا، بوڪر ٽي واشنگٽن جي ڪتاب سوانح عمري” Up Slavery” ان دور جي نمائندگي ڪري ٿي، پر ان دور جي هڪ اهم شخصيت Du Bois جي هئي. اهو پهريون آفريقي هو، پر ان عهد جي هم شخصيت Du Bois، جنهن هارورڊ يونيورسٽي کان فلسفي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي هئي. ان جو ڪتاب The Souls of black folk وڏو مشهور ٿيو. آمريڪي صدر ٿيوڊور روزويلٽ ان جي باري ۾ چيو هو ته ان شخص تي نظر رکجو ڇاڪاڻ ته اهو ڪميونسٽ خيال رکي ٿو. آفريقي اڳواڻن ۾ اهو اختلاف هو ته حالتن جي تحت ڪهڙي پاليسي اختيار ڪئي وڃي. ڪن خيال هو ته اڇي چمڙي وارن ماڻهن سان ٺاھ سان رهڻ کپي ۽ جيستائين تعليم يافته ۽ تهذيب يافته نه ٿي وڃن انهن کي اڇي چمڙي وارن جي معاشري ۾ رهندي انهن کان سکڻ گهرجي، پر Du Bois ان ڳالھه سان متفق نه هو ۽ هن جو دليل هو ته آفريقين کي معاشري ۾ برابري وارو مقام ملڻ گهرجي. Du Bois آفريقي سڃاڻپ جي ڳولا ۾ آفريقا وڃي پهتو. هتي هو ڳوٺن ۽ ٻهرڙاين ۾ گهميو، هارين ۽ عام ماڻهن سان گڏ رهيو ۽ انهن جي ڪلچر جو گهرائي سان مطالعو ڪيو. اهو اهڙو زمانو هو جڏهن آفريقي ملڪ بيٺڪيتن کان آزاد ٿيا. گهانا ۾ ڪوامي نڪرمهه جي حڪومت هئي. هن Du Bois کي گهانا اچڻ جي دعوت ڏني. پهرين هو روس ويو جتي هن کي لينن پرائيز ڏنو ويو، گهانا ۾ رهندي هن انسائيڪلوپيڊيا آف آفريقاناس لکڻ جو منصوبو ٺاهيو، جيڪو هن جي زندگي ۾ ته مڪمل نه ٿيو، پر بعد ۾ ٻين اسڪالرز ان کي شايع ڪرايو. آمريڪي حڪومتDu Boisجي شهرت ختم ڪري ڇڏي ۽ هن جو پاسپورٽ معطل ڪري ڇڏيو. گهانا ۾ Du Bois جي وفات 1963 ۾ ٿي.
ان دوران ۽ آمريڪا ۾ پروفيشنل آفريقي تاريخدان سامهون آيا جن ۾ Clark G. Woodson ۽Henry Rodger ذڪر جوڳا آهن. هنن اڪيڊمڪ هسٽري تي ڪم ڪيو ۽ بليڪ هسٽري کي آمريڪا جي تعليمي ادارن ۾ روشناس ڪرايو. انهن مورخن آفريقي ڪميونٽي جا ٽڪرا گڏ ڪيا. انهن ۾ سوانح عمريون، ڊائريون، اخبارن جا مضمون شامل هئا. ان جو نتيجو اهو ٿيو ته گهٽ ۾ گهٽ 10کان 12 تعليمي ادان ۾ آفريقي تاريخ جا دستاويز محفوظ ٿي ويا. انهن مورخن وڌيڪ ريسرچ جرنلز شايع ڪرڻ شروع ڪيا. ڪانفرنسون ڪوٺايون ۽ پنهنجا پبلشنگ هائوس قائم ڪيا. ڇو ته آمريڪي پبلشرز انهن جا ڪتاب ڇاپڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ويسٽ انڊيز جي ٻن مصنفن ڪافي شهرت حاصل ڪئي، جنهن مان هڪ C.L.R James ذڪر جوڳو هو،جنهن جا ٻه ڪتاب مشهور آهن، جن منجهان هڪ “The Black Jacobins” آهي جيڪو هيٽي جي انقلاب تي لکيو ويو، جنهن جو ليڊر ٽو سينٽ لووورچر هو. هن جو ٻيو ڪتاب “ڪرڪيٽ” تي هو، جنهن جا سمورا رانديگر ڪاري چمڙي وارا هئا. ٻيو اهم ليکڪ Frantz Fanon هو، جنهن جو ڪتاب The Wretched of the Earth بيٺڪيي نظام جي خلاف آهي. هن جو دليل آهي ته آفريقا صرف انهيءَ وقت آزاد ٿيندو، جڏهن هتان کان يورپي سامراج جي سمورن نشانن کي مٽايو ويندو. فينن پاڻ به الجزائر هليو ويو، جتي هن فرانس جي خلاف جنگ ۾ حصو ورتو. 1960 ۾ آفريقين جي سول رائٽس جي تحريڪ هلي. هن ٻه اهم اڳواڻ پيدا ڪيا، هڪ ميلڪوم جيڪو نهايت جذباتي مقرر هو ۽ ٻيو مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر جيڪو عدم تشدد جو حامي هو ۽ جنهن جي تقرير I have a dream ٻڌڻ وارن کي بي انتها متاثر ڪيو، پر ٻنهي اڳواڻ جو انجام افسوسناڪ ٿيو ميڪولم کي 1965۾ ۽ مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر کي 1968 ۾ قتل ڪيو ويو. انهن سڀني سلوڪن جي باوجود آمريڪي، آفريقي مسلسل سرگرم رهيا آهن. هنن اديب، آرٽسٽ، فلم اسٽار، موسيقار ۽ رانديگر پيدا ڪيا، جن عالمي شهرت حاصل ڪئي. انهن جي مزاحمت جاري رهي ۽ موجوده دور ۾ به آفريقي ڪميونٽي کان زندگي جي هر شعبي ۾ ماهر سامهون اچي رهيا آهن. هينئر اهي پنهنجي نئين تاريخ مرتب ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ انهن جي پنهنجي سڃاڻپ آهي ۽ پنهنجي قوميت تي فخر به آهي. ان سلسلي ۾ اليڪس هيلي جي ناول ”The Roots“تي ٽي ڊراما به ٺهيا ۽ فلم به ٺهي جنهن بليڪ هسٽري کي مقبول ڪيو. هن رائيٽر ئي ميڪلوم جي سوانح عمري به لکي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو