بلفور معاهدو ڇا هو ۽ ان ڪيئن فلسطين جي حقيقت کي تبديل ڪيو؟
Tufail Magsi
ڪالم نگار
ٻه نومبر اوڻيهه سئو ستهتر جو اهو اڀاڳو ڏينهن جڏهن لنڊن جي هڪ ننڍڙي آفيس ۾ هڪ شخص ميز تي ويهي صرف 67 لفظ لکيا ۽ بعد ۾ انهن ستهٺ لفظن پنجن هزارن سالن جي تاريخ کي ئي بدلائي ڇڏيو ۽ اڄ تائين انهن 67 لفظن جي سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا ۽ اڄ تائين انهن جو رت قرباني جي ڍورن جيان وهايو پيو وڃي. جنهن شخص اهي ستهٺ لفظ لکيا سندس نالو آرٿر جيمز بلفور آهي، جيڪو ان وقت برطانيه جو پرڏيهي وزير هو. خط ۾ ڪهڙيون ڳالهيون لکيون ويون اچو ته انهيءَ جو مختصر جائزو وٺون.
خط صرف ايترو هو: “برطانيه جي حڪومت فلسطين ۾ يهودي ماڻهن جي لاءِ هڪ قومي گهر جي قيام کي چڱي نظر سان ڏسي ٿي ۽ انهيءَ مقصد جي حاصلات لاءِ هو پنهنجيون سموريون ڪوششون استعمال ڪندو.” صرف هڪ جملو، هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو ۽ ان تي ڪنهن ٻئي جي زمين ڪنهن ٻئي کي ڏني وئي.
خط جي حقيقت ڇا هئي؟: پهرين حقيقت اها ته فلسطين ان وقت برطانيه جو هو ئي نه. 1877 ۾ فلسطين خلافت عثمانيه جو حصو هو، اتي ترڪ فوج هئي، برطانيه جو ڪوبه قبضو نه هو يعني اهو ائين هو جيئن مان پنهنجي گهر جو سودو پنهنجي دوست سان ڪري ڇڏيان، حالانڪه گهر منهنجو آهي ئي نه.
ٻي حقيقت اها ته برطانيه اهو خط هڪ امير يهودي لارڊ روٿس چائلڊ کي لکيو هو. روٿس چائلڊ اهو خاندان هو جنهن برطانيه کي پهرين جنگ عظيم لاءِ پسئا ڏنا هئا. برطانيه تي انهيءَ خاندان جو وڏو قرض هو ۽ بلفور اهو خط قرض جي بدلي ۾ لکيو هو.
ٽين ۽ سڀ کان خطرناڪ حقيقت اها آهي ته ان وقت فلسطين ۾ صرف اٺ سيڪڙو يهودي هئا، ٻيانوي سيڪڙو مسلمان ۽ عيسائي هئا. فلسطين ۾ 1977 ۾ ڇھه لک مسلمان رهندا هئا. انهن کان پڇڻ بنا انهن جي مرضيءَ جي بنا، انهن جي زمين جو فيصلو لنڊن ۾ ويهي ڪري ڪيو ويو. ان سازش جي پٺيان ڪير هو؟ ان جي پٺيان ٻه ماڻهو هئا؟
پهريون شخص جيم وائز مين، هڪ يهودي سائنسدان جنهن انگريز فوج لاءِ بارود ٺاهڻ جو فارمولو ٺاهيو هو. ان بارود سبب برطانيه جنگ ۾ کٽي رهيو هو. وائز مين چيو ته مون کي پئسا نه گهرجن بلڪه مون کي فلسطين گهرجي. ٻيو شخص هو مارڪ سائيڪس، هڪ انگريز جاسوس، هن اڳ ئي فرانس سان گڏجي سائيڪس پيڪو معاهدو ڪيو هو، جنهن ۾ طئي ٿيو هو ته خلافت ٽٽڻ کانپوءِ عراق برطانيه کڻندو، شام فرانس کڻندو ۽ فلسطين کي بين الاقوامي بڻايو ويندو، ليڪن بلفور اهو معاهدو به ٽوڙي ڇڏيو ۽ فلسطين يهودين کي ڏنو ويو.
ان خط جو نتيجو ڇا نڪتو؟:1917 ۾ جڏهن اهو خط ڇپيو ته سموري دنيا جي يهودين جشن ملهايو، پر فلسطين جي مسلمانن کي پتو به نه هو ته انهن سان ڇا ٿي ويو آهي. اوڻيهه سئو ارڙهن ۾ انگريز فوج فلسطين ۾ داخل ٿي، عثماني فوج کي ڪڍيائين ۽ پوءِ هن يهودين جا جهاز ڀري فلسطين آڻڻ شروع ڪيا. 1920 ۾ صرف ڏھ هزار يهودي آندا ويا. 1935 تائين پنج لک يهودي آڻي رهايا ويا. فلسطينين احتجاج ڪيو ته انگريزن انهن تي گوليون هلايون. 1937 ۾ جڏهن فلسطينين هڙتال ڪئي ته انگريزن انهن جي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ 14 مئي 1948 تي انهيءَ هڪ خط جي بنياد تي اسرائيل جو اعلان ڪيو ويو. ان ڏينهن ساڍا ست لک فلسطينين کي انهن جي گهرن کان ڪڍيو ويو. ان ڏينهن کي فلسطيني اڄ به يوم النڪبه يعني تباهي جو ڏينهن سڏين ٿا.
هڪ گهٽ مشهور حقيقت جيڪا ڪير نٿو ٻڌائڻ چاهي ته بلفور پاڻ هڪ سخت يهودي مخالف هو؟ هن 1950 ۾ برطانيه ۾ هڪ قانون پاس ڪيو هو، جنهن تحت يهودين کي برطانيه ۾ اچڻ کان روڪيو ويو هو. هو يهودين کي برطانيه ۾ ڏسڻ نه چاهيندو هو. ان لاءِ هن چيو ته انهن کي فلسطين موڪلي ڇڏيو ته جيئن اهي برطانيه کان پري هليا وڃن، اها محبت نه هئي، بلڪه اهو نسلي تعصب هو ۽ ٻي حقيقت اها آهي ته بلفور معاهدي کانپوءِ جڏهن فلسطينين جو هڪ وفد لنڊن ويو ۽ بلفور سان مليو ۽ چيو ته اوهان اسان جي زمين ڇو وڪڻي ته بلفور ٽهڪي چيو ته اسان فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي اهو ٿي ئي رهندو. هڪ ڪاغذ، ستهٺ لفظ ۽ سڄي امت جو پهريون قبلو اڄ تائين سڙي رهيو آهي. سوال اهو آهي ته ڇا هڪ خط سان ڪنهن جي زمين کسي سگهجي ٿي؟ جيڪڏهن اڄ ڪو اوهان جي گهر جو خط ڪنهن ٻئي جي نالي لکي ڏئي ته اوهان ڇا ڪندئو؟
هي مضمون ڪيئن رهيو؟