اي آءِ جو دور، جتي مشيني جسم ۽ اي آءِ روح رکندڙ دوست هر وقت ڪچھري لاءِ تيار آهي
Ramesh Raja سول اينڊ ريسرچ انجنيئر، آرٽسٽ، ڪالم نگار
PMP سرٽيفائيڊ ۽ ادب، فن ۽ سياحت سان خاص شوق رکندڙ.
اڄ رات، سمهڻ کان اڳ، پاڻ کان رڳو هڪڙو سادو سوال پڇجو: اڄ جڏهن توهان کي ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت هئي، تڏهن توهان ڪنهن سان ڳالهايو؟ شايد پنهنجي جيون ساٿيءَ سان، ڪنهن دوست سان، پنهنجي ٻار سان، ڪنهن ساٿي يا پاڙيسريءَ سان، پر هاڻي دنيا جي لکين ماڻهن لاءِ هن سوال جو جواب آهستي آهستي تبديل ٿي رهيو آهي. شايد جواب هجي: هڪ مشين سان. اها مشين انسان ناهي، ان وٽ نه ننڍپڻ جون يادون آهن، نه ڪو خاندان، نه ڪا ذاتي زندگي ۽ نه ئي انساني دل، پر اها هر وقت موجود آهي، اڌ رات جو به جواب ڏئي ٿي، ٻڌندي ٻڌندي ٿڪجي نٿي، توهان کي اهو نٿي چوي ته “هاڻي مان مصروف آهيان.” توهان ساڳي ڳالهه بار بار ورجايو ته به اها ڪاوڙجي نٿي. ڪالهه جيڪا ڳالهه توهان ان سان ڪئي هئي، اها اڄ به ياد رکي سگهي ٿي ۽ گفتگو اتان ئي اڳتي وڌائي سگهي ٿي، جتان ڪالهه ڇڏي هئي. شايد انساني تاريخ ۾ اهو هڪ نئون موڙ آهي. اسان مصنوعي ذهانت کي رڳو سوالن جا جواب وٺڻ لاءِ استعمال نٿا ڪريون. هاڻي اسان ان سان پنهنجا احساس به ونڊڻ لڳا آهيون. اسان ان کان پنهنجي روزگار، ڪاروبار، شادي، اولاد، مستقبل، خوف، پريشاني، اڪيلائي ۽ انهن فيصلن بابت پڇون ٿا، جيڪي اسان پاڻ نٿا ڪري سگهون. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙيون ڳالهيون به ان سان ڪري وڃون ٿا، جيڪي شايد پنهنجي ويجهي دوست، جيون ساٿي يا خاندان جي ڪنهن فرد سان به نه ڪيون هجن. هي هاڻي ڪنهن سائنس فڪشن فلم جي ڪهاڻي ناهي. سيپٽمبر 2026ع جي هڪ سروي موجب، آمريڪا جي 27 سيڪڙو بالغ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جا AI سان سماجي يا جذباتي نوعيت جا لاڳاپا آهن ۽ انهن مان ڪجهه ماڻهو پنهنجي AI کي دوست طور ڏسن ٿا.
انگ اکر پنهنجي جاءِ تي اهم آهن، پر اصل سوال انگن کان گهڻو وڏو آهي: جڏهن هڪ مشين انسان سان ڳالهائڻ لاءِ سڀ کان آسان “ساٿي” بڻجي وڃي، تڏهن انساني رشتن تي ان جو ڪهڙو اثر پوندو؟ هڪ وقت هو، جڏهن اڪيلائيءَ جو علاج ڪنهن انسان جي تلاش هوندو هو. اسان دوست کي فون ڪندا هئاسين، پاڙيسريءَ جي در تي ويندا هئاسين، گهروارن سان گڏ ويهندا هئاسين، چانهه جي هوٽل تي ڪجهه گهڙيون گذاريندا هئاسين يا شام جو اوطاق ۾ وڃي ويهندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن ته ڳالهائڻ جي به ضرورت نه هوندي هئي. ڪنهن پنهنجائپ واري ماڻهوءَ جي ڀرسان خاموش ويهڻ ئي دل لاءِ ڪافي هوندو هو. اڄ اسان وٽ دنيا سان رابطو رکڻ جا ذريعا اڳ کان ڪٿي وڌيڪ آهن، پر ساٿ شايد اوترو ناهي. اسان جي موبائل فون ۾ سوين نالا ۽ رابطا محفوظ آهن. سوشل ميڊيا تي سوين، هزارين ماڻهو اسان سان ڳنڍيل آهن. اسان سڄو ڏينهن پيغام موڪليون ٿا، تبصرا ڪريون ٿا، وڊيو ڪالون ڪريون ٿا ۽ مختلف بحثن ۾ شامل رهون ٿا، پر ان هوندي به ڪڏهن ڪڏهن دل چوي ٿي: “مون کي سمجهڻ وارو آخر ڪير آهي؟“ شايد جديد انسان جو الميو اهوئي آهي ته هو ماڻهن سان اڳ کان وڌيڪ ڳنڍيل هوندي به اندر کان اڳ کان وڌيڪ اڪيلو ٿي سگهي ٿو.AI انهيءَ ئي خال ۾ داخل ٿي رهي آهي. ڪو پوڙهو ماڻهو، جنهن جا ٻار هزارين ميل پري رهن ٿا، شام جي اڪيلائيءَ ۾ AI سان ڪجهه گهڙيون ڳالهائي سگهي ٿو. امتحانن جي دٻاءُ ۾ آيل ڪو شاگرد شايد پنهنجي والدين آڏو خوف ظاهر ڪرڻ کان اڳ مشين کان سوال پڇڻ کي آسان سمجهي. شادي شده زندگيءَ ۾ ڪنهن ڏکيائيءَ کي منهن ڏيندڙ ماڻهو شايد AI کي اهي ڳالهيون ٻڌائي ڇڏي، جيڪي ڪنهن دوست سان به شيئر ڪرڻ لاءِ تيار نه هجي ۽ ڪو ٻيو ماڻهو شايد رڳو ڊگهي، ٿڪائيندڙ ڏينهن کانپوءِ ڪنهن سان ڳالهائڻ چاهي، جڏهن ته سندس چوڌاري موجود سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي مصروفيتن ۾ گم هجن. AI وٽ نه ننڍپڻ آهي، نه ماءُ پيءُ، نه خاندان، نه ذاتي تجربا ۽ نه پنهنجي ڪا زندگي، پر ان سان ڳالهائيندڙ انسان جا احساس حقيقي هوندا آهن. اها ڳالهه ئي هن نئين دور کي پيچيده بڻائي ٿي. ڇو ته انسان لاءِ ڳالهائڻ رڳو لفظن جي ڏي وٺ ناهي. ڳالهائڻ ۾ آواز جو لهجو، اکين جي نگاهه، چهري جا تاثرات، خاموشي، ڇهاءُ، موجودگي ۽ گڏ ويهڻ جو احساس به شامل هوندو آهي. مشين انهن مان گهڻين شين کان محروم آهي، پر پوءِ به اها انسان کي ٻڌڻ جو احساس ڏئي سگهي ٿي. شايد ايندڙ سالن جو سڀ کان وڏو سوال اهو نه هوندو ته AI ڪيتري ذهين ٿي ويندي. اصل سوال اهو هوندو ته انسان پنهنجي انساني رشتن کي ڪيترو زنده رکي سگهندو. ڇا اسان مشينن سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي انسانن سان ڳالهائڻ وساري ڇڏينداسين؟ ڇا اسان پنهنجا راز، پنهنجا خوف ۽ پنهنجا خواب انهن نظامن جي حوالي ڪندا وينداسين، جن وٽ دل ته ناهي، پر اسان جي ڳالهين کي ياد رکڻ جي صلاحيت آهي؟ يا AI رڳو انسان جي ان اڪيلائيءَ کي ڪجهه گهٽ ڪرڻ جو هڪ نئون ذريعو ثابت ٿيندي، جنهن جو مڪمل علاج اڃان تائين ڪنهن مشين وٽ ناهي؟ شايد حقيقت انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي. مصنوعي ذهانت وڌيڪ انساني نظر اچي رهي آهي ۽ ساڳئي وقت انسان به شايد وڌيڪ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي. شايد اسان مصنوعي ساٿ جي دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، جتي نئون دوست AI جي روح ۽ مشين جي جسم سان اسان جي زندگيءَ جو حصو بڻجي رهيو آهي، پر آخر ۾ هڪ سوال وري به انسان وٽ ئي رهندو، مشين اسان سان کڻي ڪيترو به ڳالهائي، ڇا اها ڪڏهن ڪنهن پنهنجي ماڻهوءَ جي موجودگيءَ جو مڪمل متبادل بڻجي سگهندي؟
هي مضمون ڪيئن رهيو؟