مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ابراهم اڪارڊ ۽ وچ اوڀر جو مستقبل

Sufi Rahman Ali

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وچ اوڀر هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سياست جي مرڪز ۾ بيٺو آهي. تيل، گئس، سامونڊي واپاري رستا، مذهبي اهميت ۽ فوجي اتحاد هن خطي کي سدائين عالمي طاقتن جي دلچسپيءَ جو محور بڻائيندا رهيا آهن، پر اڄ جيڪو وچ اوڀر اسان جي سامهون آهي، اهو ويهين صديءَ جي وچ اوڀر کان بلڪل مختلف آهي، هتي رڳو سرحدون نه، پر اتحاد، مفاد، خطرا ۽ اميدون به تبديل ٿي رهيون آهن، 2020ع ۾ شروع ٿيندڙ ابراھم اڪارڊ (Abraham Accords) ان تبديليءَ جي هڪ اهم ڪڙي آهي، ظاهري طور تي هي معاهدو عرب ملڪن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحاليءَ جو هڪ نئون باب آهي، جنهن تحت گڏيل عرب امارات، بحرين، مراڪش ۽ سوڊان اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آندا، پر حقيقت ۾ هي معاهدو رڳو سفارتڪاريءَ جو هڪ قدم نه، پر وچ اوڀر جي سياسي جاگرافي کي نئين شڪل ڏيڻ جي ڪوشش آهي.
مھادي ابراهيم جي هن سحرانگيز پسمنظر تي جڏهن آمريڪا پنهنجو نئون سياسي رنگ چاڙهيو، تڏهن وچ اوڀر جي سياست جي شطرنج تي رڳو مهرا نه تبديل ٿيا آهن، پر قومن جا مقدر به داءُ تي لڳي ويا آهن، عالمي ميڊيا جي ايوانن ۾ اڄ هڪ لفظ گونجي رهيو آهي “ابراھم اڪارڊ” نالو ڪيترو نه پاڪيزه ۽ روحاني آهي، اهو نالو جيڪو يهوديت، عيسائيت ۽ اسلام جي گڏيل ڏاڏي، حضرت ابراهيم عليه السلام ڏانهن منسوب آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا وائيٽ هائوس جي حڪمتِ عملين مان جنم وٺندڙ هي معاهدو واقعي حضرت ابراهيم عليه السلام جي امن، رواداري ۽ انسانيت واري پيغام جو تسلسل آهي يا عالمي طاقت جي حمايت سان پراڻي راند جو هڪ نئون باب گريٽر اسرائيل؟
سياست جو هڪ پراڻو اصول آهي ته هوءَ ڪڏهن به پنهنجي حقيقي چهري سان سامهون ناھي ايندي. سال 2020ع ۾ شروع ٿيندڙ هي سفارتي عمل مٿاڇري تي اقتصادي ترقي، واپار ۽ امن جو پيغام ڏئي ٿو، پر تاريخ جو روح اڄ به سوال ڪري ٿو ته جيڪڏهن هي امن جو معاهدو آهي ته پوءِ غزه ۽ لبنان جي گهٽين مان اٿندڙ دونهون، تباهه ٿيندڙ گهر ۽ جنازا ڪهڙي حقيقت جي گواهي ڏئي رهيا آهن؟ ڇا هي معاهدو فلسطيني عوام کي پنهنجي سرزمين تان بي دخل ڪري گريٽر اسرائيل جي جاگرافيائي پکيڙ کي رستو ڏيڻ جي ڪوشش آهي. عالمي سياسي مفڪر جان ميرشائيمر جو خيال آهي ته رياستون اخلاقي قدرن کان وڌيڪ پنهنجي قومي مفادن ۽ طاقت جي توازن جي بنياد تي فيصلا ڪنديون آهن، شايد ابراھم اڪارڊ به انهيءَ اصول جو هڪ جديد مثال آهي. آمريڪا ۽ ان جا اتحادي چاهين ٿا ته هن معاهدي جو دائرو وڌيڪ وسيع ٿئي ۽ سعودي عرب، پاڪستان، قطر، ترڪيه، مصر، انڊونيشيا، بنگلاديش ۽ ممڪن طور تي مستقبل ۾ ايران کي به هن عمل جو حصو بڻايو وڃي. گذريل ڪجهه ٻن سالن دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن ان بحث کي وڌيڪ تيز ڪيو آهي. واشنگٽن چاهي ٿو ته وچ اوڀر ۾ هڪ اهڙو نئون سياسي ۽ معاشي اتحاد وجود ۾ اچي، جيڪو هڪ طرف اسرائيل جي سلامتيءَ کي يقيني بڻائي ۽ ٻئي طرف ايران جي سياسي فوجي نظام کي متوازن ڪري، پر ان رستي ۾ ڪيترائي سياسي، مذهبي ۽ قومي سوال اڃان به موجود آهن.
هن سڄي صورتحال ۾ پاڪستان جو ڪردار غيرمعمولي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. پاڪستان رڳو اسلامي دنيا جي واحد ائٽمي طاقت نه، پر چين، نار ۽ مغربي دنيا جي وچ ۾ هڪ اهم سفارتي پل پڻ آهي، پاڪستان جو موقف اڄ به واضح آهي ته فلسطيني عوام جي جائز حقن ۽ آزاد رياست جي قيام کانسواءِ اسرائيل سان مڪمل سفارتي لاڳاپن بابت ڪو به قدم ان جي بنيادي پاليسي سان هم آهنگ نه هوندو. ساڳئي وقت پاڪستان جا سعودي عرب سان روحاني ۽ تاريخي تعلقات، ۽ چين سان اسٽريٽجڪ شراڪتداري ان کي هڪ اهڙي حيثيت ڏين ٿا جيڪا وچ اوڀر جي ڪنهن به نئين سياسي ترتيب ۾ نظرانداز نٿي ڪري سگهجي، ڪيترن سفارتي حلقن جو خيال آهي ته جيڪڏهن مستقبل ۾ ابراھم اڪارڊ جو دائرو وسيع ٿيو ته پاڪستان جو فيصلو ان عمل جي ڪاميابي يا ناڪامي تي وڏو اثر وجهي سگهي ٿو. ٻئي طرف ترڪيه جي وڌندڙ فوجي ۽ سفارتي طاقت وچ اوڀر جي نئين مساوات جو هڪ اهم عنصر بڻجي چڪي آهي. صدر رجب طيب اردگان جي قيادت ۾ ترڪيه دفاعي صنعت، ڊرون ٽيڪنالاجي، بحري قوت ۽ علاقائي اثر رسوخ ۾ غير معمولي واڌ آندي آهي. شام، ليبيا، آذربائيجان ۽ اوڀر بحيره روم جي معاملن ۾ ترڪيه جو ڪردار هاڻي رڳو هڪ علاقائي طاقت جو نه، پر هڪ اڀرندڙ عالمي رانديگر جو ڏيک ڏئي ٿو، اسرائيل، آمريڪا، ايران وچ ۾ جاري جنگ هن سڄي منظرنامي کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي، نار واريون رياستون هڪ طرف ايران جي فوجي ۽ نظرياتي اثر بابت فڪرمند آهن، ته ٻئي طرف کليل جنگ کان به پاسو ڪرڻ چاهين ٿيون. ڇاڪاڻ ته جنگ جو سڌو اثر سندن معيشتن، توانائي مارڪيٽن ۽ عالمي سيڙپڪاريءَ تي پئجي سگهي ٿو.
اڄ جي وچ اوڀر ۾ ٽن وڏن سياسي بلاڪن جي شڪل ظاھر ظھور نظر اچي ٿي، هڪ طرف آمريڪا ۽ اسرائيل سان ويجها لاڳاپا رکندڙ عرب اتحادي آهن، ٻي طرف ايران ۽ ان جا ساٿي جڏهن ته ٽئين پاسي ترڪيه پنهنجي آزاد ۽ خود مختيار علاقائي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، انهن ٽنهي قوتن جي وچ ۾ هلندڙ مقابلو ايندڙ ڏهاڪن جي سياسي رخ جو فيصلو ڪندو، پر هتي فرانسس فوڪوياما جو اهو مشاهدو به ياد رکڻ گهرجي ته پائيدار تبديلي صرف تڏهن ممڪن هوندي آهي جڏهن اها سماج جي بنيادي ڍانچي سان انصاف ڪري، تاريخ جو ترازو اڄ به انهيءَ اصول تي قائم آهي ته امن، انصاف کانسواءِ ھر قسم جي ڪوشش بي معنيٰ آهي.
جيستائين فلسطيني عوام کي سندن جائز قومي حق، خودمختيار رياست ۽ باعزت زندگي جو موقعو نٿو ملي، تيستائين وچ اوڀر جو امن اڌورو رهندو. ساڳئي طرح پاڪستان جي اندر به وفاقي هم آهنگي، صوبائي حقن، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ، اظهار جي آزادي ۽ آئيني اصولن جي احترام کانسواءِ قومي استحڪام جو خواب مڪمل نٿو ٿي سگهي، سوال اڄ به ساڳيو آهي ڇا ابراھم اڪارڊ واقعي امن جو رستو آهي يا نئين سياسي ترتيب جو اوزار؟ شايد حقيقت انهن ٻنهي انتهاپسندن جي وچ ۾ موجود آهي، هي معاهدو معاشي تعاون، واپار ۽ سفارتڪاريءَ جا نوان دروازا کولي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ان جو بنياد انصاف بدران صرف طاقت جي توازن تي بيٺو هوندو ته تاريخ ان کي هڪ عارضي بندوبست کان وڌيڪ حيثيت نه ڏيندي.
ايندڙ سالن ۾ رياض، تهران، انقره، اسلام آباد، واشنگٽن ۽ تل ابيب جا فيصلا وچ اوڀر جي مستقبل جو رخ طئي ڪندا، پر هڪ ڳالهه يقيني آهي ابراھم اڪارڊ کانپوءِ خطو اڳ وارو وچ اوڀر نه رهيو آهي، نئين سياسي نقشي جي تعمير جاري آهي، اتحاد بدلجي رهيا آهن، طاقت جا مرڪز تبديل ٿي رهيا آهن ۽ تاريخ هڪ نئون باب لکڻ ۾ مصروف آهي، آخرڪار، سچو ۽ پائيدار امن طاقتور ملڪن جي گڏيل مفادن مان نه، پر مظلوم قومن جي حقن جي بحالي، انصاف جي بالادستي ۽ انسانيت جي احترام مان جنم وٺندو آهي، ان کانسواءِ هر معاهدو تاريخ جي ٻيڙيءَ تي هڪ اڻپورو مسافر آهي، جيڪو ڪنهن به وقت سياسي طوفانن جي ور چڙهي سگهي ٿو.
ابراھم اڪارڊ رڳو هڪ سفارتي معاهدو نه، پر وچ اوڀر جي بدلجندڙ سياسي، معاشي ۽ فوجي حقيقتن جو عڪس آهي اڄ جڏهن عالمي طاقتون نوان اتحاد جوڙي رهيون آهن، تڏهن خطي جي قومن آڏو سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته ڇا امن طاقت جي توازن سان قائم ٿيندو يا انصاف جي بنياد تي تاريخ ٻڌائي ٿي ته عارضي سياسي معاهدا وقتي استحڪام ته آڻي سگهن ٿا، پر پائيدار امن صرف تڏهن ممڪن ٿيندو آهي جڏهن مظلوم قومن جي حقن کي تسليم ڪيو وڃي، فلسطين جو مسئلو اڄ به وچ اوڀر جي سياست جو مرڪزي نقطو آهي، ۽ ان جي منصفاڻي حل کانسواءِ ڪنهن به نئين علائقائي نظام جي ڪاميابي مڪمل نٿي ٿي سگهي. ساڳئي وقت پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جهڙيون مسلم دنيا جون اهم قوتون هڪ اهڙي پيج تي بيٺيون آهن، جتي کين قومي مفادن، اسلامي هم آهنگي ۽ عالمي سفارتڪاري جي وچ ۾ توازن قائم رکڻو پوندو، جيڪڏهن اهي ملڪ دانشمندي، خودمختياري ۽ اصولي موقف سان اڳتي وڌن ٿا ته اهي نه رڳو پنهنجي قومن، پر سڄي خطي جي مستقبل تي مثبت اثر وجهي سگهن ٿا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو