مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

گذريل ڪجهه سالن دوران استادن جي قتل جا واقعا!

Muhi uddin Jokhio

تعليمدان، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

استاد ڪنهن به سماج جو اهو فرد هوندو آهي، جيڪو صرف ڪتابن جا سبق نٿو پڙهائي، پر ايندڙ نسلن جي سوچ، شعور ۽ ڪردار جي تعمير ۾ به بنيادي ڪردار ادا ڪندو آهي. اسڪول جو استاد هجي، ڪاليج جو ليڪچرار، يونيورسٽي جو پروفيسر يا ڪنهن علمي اداري سان لاڳاپيل دانشور، سندس ڪم جو بنيادي مقصد سماج کي وڌيڪ باشعور، پڙهيل ۽ ذميوار بڻائڻ هوندو آهي. ان ڪري جڏهن ڪنهن استاد کي قتل ڪيو وڃي ٿو ته اهو واقعو رڳو هڪ فرد جي زندگي ختم ٿيڻ تائين محدود نٿو رهي، پر ان جا اثر سندس شاگردن، ساٿين، خاندان ۽ مجموعي سماج تائين پهچن ٿا. پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران استادن، عالمن، مفڪرن، ليڪچرارن ۽ يونيورسٽي پروفيسرن جي قتل جا ڪيترائي واقعا سامهون آيا آهن. انهن واقعن مان اهو احساس پيدا ٿئي ٿو ته علم ۽ شعور سان لاڳاپيل ماڻهو به مختلف قسمن جي تشدد، انتهاپسندي، قبائلي دشمني، ذاتي تڪرارن، مذهبي يا سياسي اختلافن ۽ ٻين سببن جي ڪري محفوظ ناهن. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته ملڪ جي ٻين صوبن مان پڻ ماسترياڻين ۽ استادن جي قتل جا واقعا سامهون ايندا رهيا آهن.
هيومن رائٽس واچ جي هڪ رپورٽ موجب صرف 2008ع کان 2010ع تائين بلوچستان ۾ 22 استاد مختلف واقعن ۾ قتل ڪيا ويا. انهن ۾ مرد ۽ عورت استاد ۽ پروفيسر شامل هئا. ان عرصي دوران بلوچستان جي تعليمي ادارن سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو. پروفيسر خورشيد انصاري، پروفيسر نازمه طالب، پروفيسر مرزا امانت علي بيگ ۽ ٻين تعليمي شخصيتن جا نالا پڻ انهن واقعن جي حوالي سان سامهون آيا. پروفيسر نازمه طالب کي 27 اپريل 2010ع تي قتل ڪيو ويو. رپورٽن موجب سندس قتل جي ذميواري بلوچستان لبريشن آرمي (BLA) جي ترجمان قبول ڪئي هئي. ڪنهن به استاد يا پروفيسر جو قتل، ڀلي ان جو پسمنظر سياسي هجي، قبائلي هجي يا ڪنهن ٻئي قسم جو بنيادي طور تي علمي ماحول لاءِ هڪ وڏو ڌڪ هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته تعليمي ادارا اختلافن جي حل، بحث ۽ دليل جا هنڌ هجڻ گهرجن، تشدد جا نه.
ڪراچي ۾ پڻ تعليمي ۽ مذهبي علم سان لاڳاپيل شخصيتون تشدد جو نشانو بڻيون. آڪٽوبر 2010ع ۾ مولانا محمد امين، جيڪو جامعه بنوريا العالميا سان لاڳاپيل استاد هو، قتل ڪيو ويو. اهڙا واقعا ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائين ٿا ته تعليمي ۽ مذهبي ادارن سان لاڳاپيل ماڻهو به ملڪ ۾ موجود عدم تحفظ کان محفوظ ناهن. سنڌ ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران اسڪولن جي استادن، ڪاليج جي ليڪچرارن ۽ يونيورسٽين جي پروفيسرن جي قتل جا ڪيترائي واقعا ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي نمايان ٿيا آهن. انهن مان ڪجهه واقعا ذاتي دشمني، ڪجهه قبائلي تڪرارن، ڪجهه مبينا انتهاپسندي ۽ ڪجهه ٻين سماجي سببن سان ڳنڍيل رهيا آهن. اپريل 2023ع ۾ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جو قتل سنڌ ۾ استاد جي قتل جو هڪ انتهائي نمايان واقعو بڻجي سامهون آيو. ڊاڪٽر اجمل ساوند کي ڪنڌڪوٽ ۾ قبائلي دشمني جي پسمنظر ۾ قتل ڪيو ويو. هو هڪ پڙهيل لکيل، علمي شخصيت ۽ يونيورسٽيءَ جو استاد هو. سندس قتل کان پوءِ سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جي استادن پاران احتجاج ڪيو ويو ۽ بليڪ ڊي پڻ ملهايو ويو. ان واقعي سنڌ جي علمي حلقن ۾ وڏي تشويش پيدا ڪئي ته جيڪڏهن يونيورسٽي جو استاد به قبائلي دشمني جي ور چڙهي سگهي ٿو ته پوءِ علم ۽ تعليم سان لاڳاپيل ماڻهن جي تحفظ جو سوال ڪٿي وڃي بيهندو؟
ان کان اڳ به ڪراچي يونيورسٽي جا استاد قتل ٿيندا رهيا آهن. 2015ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر سيد وحيد الرحمان جيڪو ياسر رضوي جي نالي سان پڻ سڃاتو ويندو هو، کي سندس ڪار ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. هڪ يونيورسٽي استاد جو پنهنجي تعليمي اداري کان ٻاهر اهڙي نموني نشانو بڻجڻ، علمي برادري لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه هئي. 2014ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف اسلامڪ اسٽڊيز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر شڪيل اوج کي پڻ قتل ڪيو ويو. هو هڪ نامور استاد ۽ علمي شخصيت هو. سندس قتل پڻ يونيورسٽي ۽ علمي حلقن لاءِ هڪ وڏو نقصان هو. ساڳئي سال گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي، سائيٽ ڪراچي جي استاد پروفيسر سيف الدين جعفري کي ڪاليج کان گهر ويندي رستي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. هڪ استاد جو روزاني معمول مطابق پنهنجي ڪم تان گهر واپس ويندي رستي ۾ قتل ٿي وڃڻ ان حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو ته تشدد جو خطرو ڪڏهن ڪڏهن انسان جي روزاني زندگيءَ جي عام رستن تائين به پهچي وڃي ٿو.
2012ع ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي استاد پروفيسر علي ڏني شر کي ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ وقت گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. ساڳئي سال سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرز پروفيسر بشير احمد چنڙ کي يونيورسٽي ڪيمپس اندر ڊيوٽي دوران قتل ڪيو ويو. تعليمي اداري جي اندر هڪ استاد يا انتظامي آفيسر جو قتل ان اداري جي محفوظ ماحول بابت به ڪيترائي سوال پيدا ڪري ٿو.
استادن جي قتلن ۾ عورت استادن جا واقعا پڻ انتهائي ڏکوئيندڙ آهن. 2023ع ۾ ڄامشوري جي نوجوان استاد نورين فاطمه مهر جو لاش سندس گهر مان مليو. شروعاتي طور تي هن واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جون ڳالهيون سامهون آيون، پر بعد ۾ پوليس جي رپورٽ ۾ واقعي کي قتل قرار ڏيڻ بابت ڄاڻ سامهون آئي. اهڙن واقعن ۾ حقيقت تائين پهچڻ لاءِ شفاف جاچ ۽ قانوني عمل جي وڏي اهميت هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ غلط تاثر به مقتولا ۽ سندس خاندان سان انصاف جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو.
نومبر 2024ع ۾ مٽياري ضلعي جي نيو سعيد آباد ۾ بکر جمالي هائر سيڪنڊري اسڪول جي گريڊ 17 جي ليڪچرار افشان جمالي جي قتل جو واقعو پڻ سامهون آيو. رپورٽن موجب سندس مڙس تي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو. پوليس موجب مڙس پاران “ڪاروڪاري” جو الزام لڳائڻ واري ڳالهه سامهون آئي، جڏهن ته مقتولا جي والد ان الزام کي رد ڪندي قتل جو ٻيو سبب بيان ڪيو. اهڙي صورتحال ۾ پوليس جاچ ۽ عدالت جي قانوني عمل کي بنياد بڻائڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به عورت تي الزام هڻي سندس قتل کي جائز قرار نٿو ڏئي سگهجي. اپريل 2025ع ۾ قمبر شهدادڪوٽ ۾ هڪ ٻي عورت استاد جي قتل جو واقعو پڻ انتهائي افسوسناڪ هو. رپورٽن موجب ڳوٺ راهوجا جي پرائمري اسڪول ۾ مقرر استاد صدف حاصلو 7 اپريل 2025ع تي ٻين عورت استادن سان گڏ وين ۾ اسڪول جي ڊيوٽي ختم ڪرڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي پنهنجي گهر ڏانهن واپس وڃي رهي هئي، جڏهن رستي ۾ مٿس فائرنگ ڪئي وئي ۽ هوءَ فوت ٿي وئي. پوليس موجب صدف حاصلو جي قتل جي سلسلي ۾ سندس مڱيندي ۽ اڳوڻي پوليس ڪانسٽيبل فريد حاصلو کي جوابدار قرار ڏنو ويو. رپورٽن موجب پوليس سندس گرفتاري لاءِ انعام جو پڻ اعلان ڪيو ۽ هو ڪيترن ئي هفتن تائين روپوش رهيو. آخرڪار 30 مئي 2025ع تي کيس دادو ضلعي جي سنڌي بٽڙو مان گرفتار ڪيو ويو. هي واقعو خاص طور تي ان ڪري به اهم آهي، جو هڪ عورت استاد جيڪا روزانو ٻين استادن سان گڏ اسڪول مان گهر واپس وڃي رهي هئي، ان کي رستي ۾ نشانو بڻايو ويو. عورت استادن جي تحفظ بابت هي واقعو پڻ سنجيده سوال اٿاري ٿو.
سنڌ کان ٻاهر به استادن جي قتل جا واقعا رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. مون کي هڪ پراڻو ڪيس خيبر پختونخوا سان لاڳاپيل مليو، جنهن ۾ 26 مارچ 2013ع تي هڪ ماسترياڻي کي اسڪول ويندي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ جي رپورٽ سامهون آئي هئي. اهڙا واقعا ٻڌائين ٿا ته استاد ۽ ماسترياڻيون ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مختلف قسمن جي خطرن کي منهن ڏيندا رهيا آهن. تازو 22 سيپٽمبر 2026ع تي ميرپور ماٿيلو ۾ رٽائرڊ هاءِ اسڪول استاد بلاول ملناس جي قتل جو واقعو پڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. رپورٽن ۽ مقامي طور تي سامهون آيل ڄاڻ موجب کيس منجهند ڌاري فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. سندس قتل بابت مختلف ڳالهيون ۽ دعوائون گردش ۾ آهن، جن ۾ سندس سوشل ميڊيا تي لکڻين ۽ خيالن کي به پسمنظر سان ڳنڍيو پيو وڃي. اهڙي معاملي ۾ حتمي طور تي قتل جو سبب ۽ جوابدارن بابت فيصلو جاچ ۽ عدالتي عمل کانپوءِ ئي سامهون اچڻ گهرجي.
بلاول ملناس جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ جو ذڪر پڻ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ مسلمانن پاران مسلمانن جي قتل ۽ تاريخ ۾ مسلمانن جي هٿان مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم بابت سوال اٿاريو ويو هو. اهڙي پوسٽ جو مقصد، ان جي پسمنظر ۽ ان سان قتل جو ڪو تعلق هو يا نه، ان بابت حتمي راءِ ڏيڻ کان اڳ معتبر جاچ ۽ تصديق ضروري آهي. البت هڪ ڳالهه واضح آهي ته ڪنهن به شخص جي خيالن، لکڻين يا اختلاف راءِ جو جواب قتل نٿو ٿي سگهي. اختلاف جو جواب دليل سان، تنقيد جو جواب تنقيد سان ۽ فڪري اختلاف جو جواب فڪري انداز ۾ ڏيڻ ئي هڪ مهذب سماج جي نشاني آهي.
افسوس جو اسان جي سماج ۾ ڪيترن ئي قتلن کانپوءِ ڪجهه ڏينهن احتجاج، مذمت، سوشل ميڊيا تي پوسٽون ۽ بيان بازي ٿيندي آهي، پر وقت گذرڻ سان اهو واقعو ماڻهن جي يادگيري مان غائب ٿي ويندو آهي. پوءِ ماٺ، سانت ۽ خاموشي ڇائنجي ويندي آهي. ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪو راڪاس اچي سماج مان گذري ويو هجي ۽ پوئتي رڳو خوف ۽ وحشت ڇڏي ويو هجي. قاتل ڪڏهن گرفتار ٿين ٿا، ڪڏهن روپوش رهن ٿا ۽ ڪڏهن ڪيس سالن تائين قانوني مرحلن ۾ هلندا رهن ٿا. نتيجي ۾ عام ماڻهوءَ جي ذهن ۾ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته انساني جان جي قيمت آخر ڪيتري آهي؟
استاد جو قتل صرف هڪ خاندان جو نقصان ناهي. هڪ استاد جي پويان شاگردن جا ڪيترائي نسل هوندا آهن، جيڪي سندس علم، تربيت ۽ فڪر مان فائدو وٺندا آهن. هڪ پروفيسر جي تحقيق، هڪ ليڪچرار جي تدريس، هڪ اسڪول استاد جي تربيت ۽ هڪ دانشور جي فڪري ڪوشش سماج جي مستقبل سان ڳنڍيل هوندي آهي. جڏهن اهڙي ماڻهو کي قتل ڪيو وڃي ٿو ته صرف سندس زندگي ختم نٿي ٿئي، پر سندس علمي سفر، سندس شاگردن سان لاڳاپو ۽ سماج لاءِ سندس مستقبل جون خدمتون پڻ ختم ٿي وڃن ٿيون. اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته استاد سماج جو اهو طبقو آهي، جنهن وٽ سوال ڪرڻ، سوچڻ ۽ دليل ڏيڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ جي ذميواري هوندي آهي. جيڪڏهن استاد پاڻ خوف ۾ زندگي گذاريندو ته هو پنهنجي شاگردن کي آزاديءَ سان سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ اختلاف رکڻ جو حوصلو ڪيئن ڏيندو؟ جيڪڏهن يونيورسٽي جو پروفيسر، ڪاليج جو ليڪچرار يا اسڪول جو استاد پنهنجي جان جي تحفظ بابت پريشان هوندو ته علمي ماحول ڪيئن ترقي ڪندو؟
استادن جي تحفظ لاءِ رڳو ڪنهن هڪ قتل کانپوءِ احتجاج ڪرڻ ڪافي ناهي. ضروري آهي ته هر قتل جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ٿئي، جوابدارن کي قانون جي دائري ۾ آندو وڃي ۽ ڪيسن کي انجام تائين پهچايو وڃي. ساڳئي وقت اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ مرد استادن ۽ عورت استادن جي تحفظ لاءِ عملي انتظام، محفوظ سفري سهولتون، حساس علائقن ۾ سيڪيورٽي ۽ خطري جي صورت ۾ فوري مدد جو نظام پڻ موجود هجڻ گهرجي. سماج ۾ اختلاف راءِ کي برداشت ڪرڻ جي ثقافت پيدا ڪرڻ به ايتري ئي ضروري آهي. ڪنهن استاد، ليکڪ، صحافي، دانشور يا عام شهري سان اختلاف هجي ته ان جو جواب دليل، گفتگو ۽ قانوني طريقي سان ڏيڻ گهرجي. فڪر کي گولي سان خاموش ڪرڻ سان فڪر ختم نٿو ٿئي، پر سماج ۾ خوف ضرور پيدا ٿئي ٿو. اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان اهڙو سماج چاهيون ٿا، جتي استاد پنهنجا خيال بيان ڪرڻ کان ڊڄن، يا اهڙو سماج، جتي اختلاف باوجود هر ماڻهوءَ جي جان، عزت ۽ اظهار جي حق جو تحفظ هجي. تعليم جو بنيادي مقصد ئي انسان کي خوف کان آزاد ڪري سوچڻ سيکارڻ آهي. جيڪڏهن تعليم ڏيندڙ ئي خوف جو شڪار ٿي وڃن ته پوءِ سماج جي فڪري آزادي جو مستقبل ڪهڙو رهندو؟
جڏهن استاد محفوظ هوندو ته اسڪول محفوظ هوندو، جڏهن اسڪول محفوظ هوندو ته شاگرد محفوظ هوندا، ۽ جڏهن شاگرد محفوظ ۽ باشعور هوندا ته سماج جو مستقبل به وڌيڪ محفوظ هوندو. هڪ استاد جو قتل فقط هڪ انسان جو قتل ناهي هوندو؛ اهو سماج جي رچنا جو قتل هوندو آهي، مستقبل جي اميدن جو قتل هوندو آهي ۽ شعور جي قتل جي برابر هوندو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو