مهانگائي قابو ڪري سگهجي ٿي جيڪڏهن سيلز ٽيڪس گهٽائي رڳو انڪم ٽيڪس وڌائي ڇڏجي، ڇو ته سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ سان عام واهپي جون شيون سستيون ٿي سگهن ٿيون. وري ساڳيو فارمولو ائين به آهي ته جي شين جي کپت وڌندي ته فيڪٽرين ۾ پيداوار گهڻي ٿيندي ۽ فيڪٽرين جي پيداوار وڌڻ سان”جي ڊي پي“ ڀلي ٿيندي، روزگار جا موقعا گهڻا ٿيندا، ماڻهن جي خريد جي قوت وڌندي، عام ماڻهو خوشحال ٿيندو، پر سيلز ٽيڪس جي چڪر ۾ جيڪڏهن مهانگائي ڪبي ۽ سيلز ٽيڪس وڌائبي ته جيڪي به فيڪٽريون آهن جيڪي اڳي ئي ان بارَ ۾ دٻيل ۽ پريشان آهن ته اهي حڪومتي قانوني لاهن چاڙهن کي ڏسن، ملڪي سيڪيورٽيءَ جي خراب صورتحال جي ڪري فيڪٽريءَ جي پيداوار جي گهٽتائي برداشت ڪن يا سرڪار جي بي مقصد ٽيڪس جي ڄار ۾ ڦٿڪن. بجلي، گيس ۽ پيٽرول جي واڌ جي ڪري ملازمن ۽ مزدورن جا بارَ هلڪا ڪن يا ڊائون سائيزنگ ۽ رائيٽ سائيزنگ ڪن يا مورڳو ئي فيڪٽريون ويڙهي کڻي هتان کان بنگلاديش هليا وڃن. ان ڪري ٻيا ملڪ يا سڀ ملڪ سيڙپڪارن جي آجيان ڪندا آهن اهي چاهيندا آهن ته انهن وٽ ائين سيڙپڪار وڌن ڇو ته جو اهي ملڪ سيڙپڪارن کي بجلي، ٽيڪس، گيس، سيڪيورٽي ۽ ايڪسپورٽنگ جون سڀ سهولتون مهيا ڪندا آهن، جنهن جي ڪري سيڙپڪارن جي لاءِ دلچسپي رهي ٿي ۽ اهي اتي فيڪٽريون شفٽ ڪري هليا ٿا وڃن.