فقير محمد سنڌي 7 جنوري 1983ع تي لاڙڪاڻي ۾ دين محمد جي گهر جنم ورتو. ايم اي سنڌي ادب 2006ع ۾ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. بنيادي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. ديني تعليم ۾ مولوي، عالم ۽ فاضل جو امتحان 1998ع تي پاس ڪيائين ۽ درس نظاميءَ جو ڪورس 1995ع کان 2001ع تائين مدرسه عربيه جيلاني لاڙڪاڻي مان فارغ التحصيل سان ڪيو. سنڌي شاعريءَ سان رغبت هئڻ ڪري لکڻ جي ابتدائي شروعات 1995ع ۾ ڪيائين. شاعريءَ جي بنيادي سکيا، غلام فاروق خاصخيلي، جي ايم رئيساڻي ۽ سرمد چانڊيو کان سکيا حاصل ڪئي. فقير محمد سنڌي نثر ۾ به پاڻ ملهايو آهي. نظم ۽ نثر ۾ ڪيترائي ڪتاب ترتيب، تاليف ۽ تصنيف ڪيا اٿائين. صحافت ۾ خدمتون مڃڻ جوڳيون آهن ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پڻ ڪمپيئر جي حيثيت ۾ پاڻ ملهائي رهيو آهي. ٻالڪ ادب سان محبت رکندي ڪيترن ڪتابن جي اوک ڊوک ڪندي هڪ شاندار ڪتاب “ٻاراڻي ادب جو تجزيو” لکي پاڻ موکيو آهي. اچو ته کانئس ٻارن جي ادب بابت ڳالھ ٻولهه ڪريون.