نالي ماتر سنڌ جي مسئلن تي مخالف ڌر جي روايتي سياست
Shabir Khokharr تجزيه نگار، ليکڪ، ڪالم نويس، سينئر صحافي
ايم فل اسڪالر، شاعر، تجزيي نگار، نقاد، محقق، اٺ ڪتابن جو ليکڪ، مضمون نگار، ڪالم نويس.
سنڌ سان گذريل اڌ صديءَ کان روايتي قومپرست سياست جو ناڪام مذاق ڪيو پيو وڃي، جنھن سان سنڌ کي نقصان کانسواءِ ڪجھه حاصل ناهي. اقتدار اشرافيه حوالي باقي مظلوم عوام کي سياست چمڪائڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. مخالف ڌر ڪٿي به اشرافيه جي جڳاڙي جمھوريت تي سوال نٿي اٿاري. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اهي اسيمبلين ۾ ويٺل ناهن، پر اسيمبلين ۾ نه اچڻ ۽ اقتدار ۾ حصيداري جو مطالبو نه ڪرڻ به هڪ اسٽريٽجي نظر اچي ٿي. رڳو مسئلن تي واويلا جي سياست سان عوام جو وقت ضايع ڪيو پيو وڃي. دنيا ۾ ڪٿي به ان جو ڪو مثال نه ملندو مخالف ڌر پنجاھ سالن جي سياست کانپوءِ به اسيمبليءَ تائين نه پھچي سگھي. مقامي چونڊن ۾ ڪائونسلر به نه چونڊجي سگھي ۽ دعويٰ سنڌ جي مالڪي کان گھٽ نه ڪري اقتدار جي سياست بجاءِ رڳو مخالف ڌر طور رينگٽ جاري رکڻ جي سياست ۾صديون وڃائڻ لاءِ مظلوم کي گمراھ ڪرڻ جي تحريڪ ۾اڳيان اڳيان حصو وٺڻ پاڻ کي ھيرو ڪري پيش ڪرڻ جي سياست رڳو سنڌ ۾ ٿي رھي آھي. اقتدار جي سياست کي اشرافيه حوالي ڪري پاڻ رڳو نام نهاد نظرياتي روايتي سياست جو راڳ آلاپڻ ان ۾ به تاحيات اڳواڻي ڪرڻ، مرڻ کانپوءِ جانشين قيادت مظلوم قوم جي مٿي ۾ ھڻڻ جا مثال قائم ڪيا آهن. مخالف ڌر جي سياست جي موروثيت جي ڪري حڪومت جي ڪابينا به موروثي ٿي چڪي آهي. پيءُ کان پٽ وزارت تائين، بناوٽي مخالف ڌر جي اڳواڻي به پيءُ کان پٽ تائين منتقل ٿي رھي آھي، پر مظلوم جي قسمت ساڳي حالت ۾ آھي. ھڪ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي سڄي عمر مخالف ڌر ۾ گذري مرڻ کانپوءِ پٽ جانشين ٿي ويٺو، پر سياست ۾ سڌارو نه آيو، نه آڻيندا نه حڪمت عملي تبديل ٿي رڳو چھرا تبديل ٿيا.
مخالف ڌر جي روايتي سياست جي غير سنجيدگيءَ جو ھڪ دليل ته ھنن مان ڪنھن به سياسي پارٽي ڪنھن دانشور يا ليکڪ، سول سوسائٽي جي شخصيتن کي ڪڏھن پنھنجي نه بريفنگ، افطار پارٽي، مذاڪري يا گڏجاڻي ۾ مدعو ڪيو آهي نه وري اڻ سڌي طرح سان ميڊيا معرفت انھن کان ڪا رھنمائي حاصل ڪرڻ جو اعتراف ڪري سگھي آهي. نالي ماتر مخالف ڌر جي سياست کي رڳو عام ڪارڪنن تائين محدود ڏٺو ويو آھي. سنڌ ۾ مخالف ڌر جي سياست سنڌ جي غلامي کي دوام بخشيو آهي، مخالف ڌر جي سياست درست گس اختيار ڪري ته سنڌ اشرافيه جي غلاميءَ مان نجات حاصل ڪري سگهي ٿي. مخالف ڌر جي ڪنھن به سياسي پارٽي وٽ ڪا نئين درست ايجنڊا ناھي جيڪا قوم کي ڪناري تي پهچائي سگھي. سڀ پارٽيون طئي ٿيل ايجنڊا تي عمل پيرا آهن، جنهنڪري سسٽم کي نه ڪا لھر نه ڪو لوڏو. سياسي اڳواڻن جي ھدايت مطابق ڪجھه سرگرم شاگرد رھنما رڳو ڪچا، نڪور يونيورسٽيءَ جا نوجوان پڪڙي انھن جو ذھن صاف ڪن ٿا. انھن کي ھڪطرفو سياسي مواد ذھن نشين ڪرائڻ کانپوءِ پارٽي جو چڳ وڍيو مريد بڻائي سياسي پارٽي جي مرڪزي آفيس تائين پهچايو وڃي ٿو، جتي اڳواڻ مرشد کان فيضياب ڪرايو وڃي ٿو. اھڙا اڳواڻ ڪڏهن به ڪنھن دانشور، پختي ذھن، سياسي بصيرت رکندڙ فردن کي پارٽي ۾ شموليت يا پارٽي بابت بريفنگ يا تعارفي گڏجاڻي جي دعوت ڏيڻ جي زحمت نٿا ڪن، نه وري پارٽي اڳواڻ اھڙن فردن سان ملاقات لاءِ ڪا گڏجاڻي رکي ٿو. بيشڪ ھو پنھنجي اشرافيه سهولتڪار سياست جا نشان ڇڏي ويو آهي. ھن جي پاڻي جي سياست، بھاري مخالف، ايم آر ڊي تحريڪ جي سياست اشرافيه جي ايجنڊا تحت ھئي، جنھن جو مقصد عوام کي اقتدار جي سياست کان پري رکڻ ھو. اشرافيه جي سياست جو ڪمال مظلوم به ھنن جي مٺ ۾ اقتدار ۾ به ڪا سياسي پارٽي ناھي، جنھن جي ايجنڊا اشرافيه جي مرضيءَ مطابق نه ھجي، سياسي پارٽي جي ڪفالت جو مسئلو ھن جي ڪمزوري آهي، جنھن جي ڪري ھو پنھنجي آزاد پاليسي نٿي رکي سگھي. نامور سياسي ادبي شخصيتن تي تنقيد ڪرڻ لاءِ جرئت ۽ بيباڪي جي صفت گھربل ھوندي آھي. ذوالفقار علي ڀٽي، جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي، اياز لطيف پليجو تي تنقيد ڪرڻ جي مجال جو شرف ھر ڪنھن کي حاصل نٿو ٿي سگهي. ڪتاب ھمعصر سياست ۽ ادب جي لکت اھا جرئت ڪري ڏيکاري آهي، جنھن کي ھمعصر دور جا دانشور پنھنجي راءِ ڏيڻ کان به قاصر آهن، جو مصلحتن ھٿان مجبور ھجڻ ڪري ان ڪتاب جو نالو کڻڻ ۾ به احتياط ڪندي ڏسجن ٿا. جتي وقت جا نامور دانشور انھن شخصيتن تي رڳو قصيده گوئي ۾ مصروف ھجن اتي ھڪ ليکڪ طرفان دليلن سان، اڻ ڌري جائز اصلاحي تنقيد جي جرئت ڪرڻ ھڪ مثالي قدم ٿي سگهي ٿو. نالي ماتر مخالف ڌر جي سياست سان گذريل پنجاھ سالن ۾ مظلوم طبقي جو ڪو ھڪڙو مسئلو حل ٿي سگهيو ھجي، جنس جي بنياد تي جوڙيل تحريڪ سان مظلوم عورت کي ڪو انصاف مليو ھجي؟ سوال اٿاريندڙن کي نظرانداز ڪرڻ، جواب نه ڏيڻ سان کاٻي ڌر جي سياست کي تحفظ نه ملي سگهندو، پر اڃان وڌيڪ ناڪامي جو شڪار ٿي سگهي ٿي، ھنن جو غير علمي رويو عقيدت منديءَ جو سبب ٿي سگهي ٿو. روايتي سياست سان ڪجھه نه ٿيندو، ان کان بھتر آهي ته سياسي ايجنڊا تي مذاڪرو ڪرايو، جنھن ۾ سياست، ادب، صحافت تي سوال اٿاريندڙن کي شريڪ ڪيو، نه ڪي انهن مقررن کي، جيڪي اڳواڻ پنھنجي محلي، ڳوٺ، شھر کي به سڌاري نه سگھيا، ڪائونسلر، جي سيٽ به حاصل نه ڪري سگهيا، انھن کي پارٽي طرفان قائد انقلاب ۽ ڏاھپ جا خطاب ڏنا ويا آهن. کاٻي ڌر جي سياست اختلاف راءِ رکندڙن جي سوالن جا جواب ڏيڻ پسند نٿي ڪري، اھا مظلوم طبقن کي انصاف ڪٿان ڏياري سگھندي؟ جيستائين سوالن جا جواب نه ملندا قوم کي درست گس نه ملي سگهندو، درست ايجنڊا کانسواءِ جدوجهد اجائي آهي. مخالف ڌر جي سياست رڳو مظلوم پئي ڳولهي اھڙا مظلوم ڪارڪن جن کي ھو احتجاج ۽ جلسن لاءِ استعمال ڪري سگھي. پنھنجي سياست چمڪائي سگھي، باقي باشعور فردن جي سوالن جا جواب ڏيڻ ھن کي پسند ناھن. اقتدار جي سياست جو مقابلو صرف اقتدار جي سياست سان ڪري سگهبو، ھن نظرياتي سياست سان ڪجھه حاصل نه ٿيندو. اشرافيه جي اقتدار جي سياست رڳو بالغ ووٽ تي بيٺل آهي، ان بالغ ووٽ مان جان آجي ڪرائڻ کپي. اقتدار ۾ حصيداري کانسواءِ قوم جي قسمت نه بدلبي، مخالف ڌر جي سياست کي پنھنجو رخ بدلائڻ کپي. افسوس ته هڪ “پمفليٽ” جيڪو رڳو مسئلن کان آگاھ ڪري ٿو، جن جي سڀني کي خبر آهي. ٻيو انھن مسئلن کي روڪڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ڪٿي به اقتدار جي سياست يا حڪومت جي تبديلي جي ڪابه ڳالھه ناهي، سسٽم ساڳيو ڀلي ھجي رڳو مسئلا روڪڻ لاءِ جدوجھد ٿيندي. اشرافيه جو اقتدار قائم ھجي ۽ مخالف ڌر جدوجهد ۾ مصروف رھي. منھنجو موقف اھو آھي ته مخالف ڌر جي ڪابه پارٽي ھڪ مذاڪرو ڪرائي جنهن ۾ اختلاف راءِ رکندڙن، سوال اٿاريندڙن کي شامل ڪيو وڃي ان مڪالمي سان ھڪ متفق ايجنڊا تي سياست ڪرڻ گھرجي، جنھن سان اقتدار جي سياست کي لوڏي سگھجي. “پمفليٽ” جي سياست کان اڳ مخالف ڌر جي سياست کي پنھنجن سياسي روين، فڪر، ايجنڊا تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. اختلاف راءِ رکندڙن کي دشمن سمجھڻ بيوقوفي آهي. مخالفن کي ٻڌڻ کپي، انھن سان مڪالمو ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي روايتي سياست کي خدا حافظ ڪري اڳتي وڌڻ گھرجي، روايتي سياست جو تجربو گھڻو ٿي چڪو، رڳو نالي ماتر مخالف ڌر طور سڄي عمر جي سياست جو رينگٽ ڪونه هلندو. عوام توھان جي نظرياتي ناڪام سياست کي رد ڪري چڪي آهي. “پمفليٽ” جي مواد ۽ ٻوليءَ مان صاف واضح آهي ته ھي رڳو وفاقي حڪومت کي مخاطب ٿي لکيل آهي. ھن ۾ سنڌ حڪومت جو ڪوبه ذڪر ناھي، جيڪا وفاق سان معاملا نبيرڻ، منھن ڏيڻ جي ذميوار چونڊيل نمائندہ اسيمبلي آهي، ان جي ڪھڙي ضرورت آهي، جو سڀ ڪم مخالف ڌر کي ڪرائڻا آهن. تنھنڪري ھن “پمفليٽ” جو متن ئي درست ناھي، ھن تي پڻ نظرثاني جي ضرورت آھي. ھڪڙي اڳواڻ جي لکيل “پمفليٽ” تي قوم کي اکيون ٻوٽي نه ھلڻ جڳائي، عوام کي ھر دستاويز تي دل کولي پنھنجي راءِ ڏيڻ گھرجي. ڪيترا دانشور، اھل راءِ سمجھدار فرد سياسي پارٽين کان پري ويٺل آھن، اختلاف راءِ رکڻ سبب نظرانداز ڪيا ويا آهن، جيڪي ھڪ سگھارو موقف رکندڙ آهن، انفرادي طور سرگرم آهن. بيشڪ مون پنھنجي لکيل سچ جي تصديق پنھنجي زندگي ۾ ڏٺي آهي. اها ساڳي ڳالھه پنهنجي ڪتاب “ھمعصر سياست ۽ ادب” ۾ به لکي آهي ته بالغ ووٽر اشرافيه جو غلام بڻيل آهي، ان کي ووٽ جو حق بنا گھرڻ جي ڏنو ويو. ھاڻي دانشور ساڳي ڳالھه پيا ڪن! بيشڪ سچ اھو آھي جيڪو وقت ثابت ڪري، بالغ ووٽ کان انڪار، ان کي محدود ڪرڻ جي ڳالھه ڪتاب “ھمعصر سياست ۽ ادب” ۾ واضح طور لکيل آهي جنهن جي تصديق سيمينار ۾ اھل بصيرت ڪئي آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟