سُگھڙ ٻولي ۽ ثقافت جا محافظ آهن
سنڌ جي مٽي ۾ جيڪا خوشبو آهي اها ڪنهن ڪارخاني ۾ نه ٺهندي آهي، اها خوشبو صوفي جي سر، شاعر جي بيت، ڪافي جي سُر ۽ سگھڙ جي ڳالهه مان نڪرندي آهي. اسان جڏهن به پنهنجي ماضي ڏانهن ڏسندا آهيون ته اسان کي هڪ منظر نظر ايندو آهي، شام جو وقت، هڪ کليل ڪمرو، چوڌاري کٽون، وچ ۾ هڪ سگري يا چانهه جي ڪيٽلي ۽ معتبر ماڻهو ويٺا آهن. چوڌاري ننڍا ٻار چپ ڪري ويٺا آهن، اکيون وڏيون ڪري ٻڌي رهيا آهن. ڪو بزرگ هڪ بيت ٻڌائي ٿو ته سڄي محفل جھومي ٿي، ڪو ٻيو هڪ پهاڪو اڇلائي ٿو ته سڀ کلن ٿا ۽ ڪو ٽيون هڪ ڳجھارت پڇي ٿو ته ٻارن جا مٿا گهميو وڃن ٿا. ان ڪمري کي اسان اوطاق چوندا هئاسين ۽ ان اوطاق ۾ ويٺل اهي معتبر ماڻهو جن کي سگھڙ چئبو هو. اڄ اسان ترقي جي نالي تي ايترا اڳتي وڌي ويا آهيون جو اسان کي خبر ئي نه پئي ته اسان پويان ڇا ڇڏي آيا آهيون. اسان پنهنجا گهر ته وڏا ڪري ڇڏيا، پر اوطاقون ننڍيون ڪري ڇڏيون. اسان جا موبائل ته اسمارٽ ٿي ويا، پر اسان جي ٻولي ۽ سليقو پراڻو ٿي ويو. اسان وٽ ڊگريون ته گهڻيون ٿي ويون، پر ادب گهٽجي ويو ۽ سڀ کان وڏو نقصان اهو ٿيو ته اسان پنهنجن سگھڙن کي وساري ڇڏيو. سگھڙ اهو شخص ھو جيڪو ڪنهن يونيورسٽي جو پروفيسر نه هوندو هو، پر سندس سيني ۾ هزارين ڪتابن جو علم هوندو هو. هو اخبار نه پڙهندو هو، پر کيس سڄي دنيا جي خبر هوندي هئي. هو ليڪچر نه ڏيندو هو، پر سندس هڪ ڳالهه مان نسل سنواريا ويندا هئا.
اوطاق ڪا سِرُن ۽ گارن جي عمارت نه هئي، اوطاق هڪ سوچ هئي، هڪ درسگاهه هئي، هڪ تربيت گاهه هئي جتي زندگي سيکاري ويندي هئي ۽ اٿڻ ويھڻ ثقافتي روايتي ڍنگ سيکاريندي ھئي. اڳي هر ڳوٺ ۾، هر محلي ۾، هر وڏي جي گهر ۾ هڪ اوطاق ضرور هوندي هئي. مغرب جون نمازون پڙهي ماڻهو پنهنجا ڪم ڇڏي اوطاق ۾ پهچي ويندا هئا. اتي ڪا ايجنڊا نه هوندي هئي، ڪا ميٽنگ نه هوندي هئي، بس ڳالهه هوندي هئي. ڳالهه فصل جي به ٿيندي هئي، ڳالهه سياست جي به ٿيندي هئي، ڳالهه ڳوٺ جي جهڳڙن جي به ٿيندي هئي، پر سڀ کان وڏي ڳالهه جيڪا ٿيندي هئي اها هئي نوجوان نسل جي تربيت جي. نوجوان اتي ويهي سکندا هئا ته وڏي سان ڪيئن ڳالهايو ويندو آهي، مهمان آيو ته پهريون ڇا پڇيو ويندو آهي، ڪنهن جي عزت ڪيئن ڪئي ويندي آهي، سچ ڪيئن ڳالهايو ويندو آهي ۽ غلطي ٿئي ته معافي ڪيئن گهري ويندي آهي. اهي سبق ڪنهن ڪتاب ۾ نه لکيل هئا، اهي سبق سگھڙ جي زبان مان نڪرندا هئا ۽ سڌا دل ۾ لهي ويندا هئا. اوطاق جي سڀ کان وڏي خوبي اها هئي ته اتي ڪو ننڍو وڏو نه هوندو هو، اتي استاد ۽ شاگرد جو فرق نه هوندو هو، اتي امير غريب جو فرق نه هوندو هو، اتي جيڪو به ويهندو هو اهو سکڻ لاءِ ويهندو هو ۽ جيڪو ڳالهائيندو هو اهو سيکارڻ لاءِ ڳالهائيندو هو. منهنجي هڪ وڏي مون کي هڪ دفعي چيو هو ته پٽ ياد رک، اوطاق اوجھڙو آهي جنهن ۾ سڄو ڳوٺ نظر اچي ٿو. ان وقت مون کي ان ڳالهه جي سمجهه نه آئي، پر اڄ جڏهن مان ڏسان ٿو ته اسان جون اوطاقون بند ٿي ويون آهن ۽ اسان جا نوجوان رستا وساري ويٺا آهن ته ان ڳالهه جي گهڻائي سمجهه اچي ٿي.
اوطاق جي اندر جيڪو سڀ کان روشن چراغ هوندو هو اهو سگھڙ هوندو هو. سگھڙ لفظ پاڻ ۾ هڪ ڪتاب آهي. سگهڙائپ يعني سمجهه، يعني فراست، يعني ڳالهائڻ جو فن. سگھڙ ڪو اهڙو ماڻهو نه هوندو هو جنهن وٽ ڪا ڊگري هجي، ڪو سرٽيفڪيٽ هجي. سگھڙ اهو هوندو هو جنهن راتيون جاڳي شاهه لطيف جا بيت ياد ڪيا هجن، جنهن بزرگن جي مجلسن ۾ ويهي زندگي جا سبق سکيا هجن، جنهن ماڻهن کي پرکڻ جو هنر سکيو هجي. سگھڙ هڪ ئي وقت گهڻا ڪم ڪندو هو. هو تاريخدان هوندو هو. ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجي ڌرتي جي هر قلعي، هر جنگ، هر صوفي جي خبر هوندي هئي. هو شاعر هوندو هو، ڇاڪاڻ ته موقعي تي بيت ٻڌائي ڇڏيندو هو، هو استاد هوندو هو. ڇاڪاڻ ته ٻارن کي ڳجھارتون ڏئي انهن جو دماغ تيز ڪندو هو. هو قاضي هوندو هو، ڇاڪاڻ ته ٻن ڀائرن جي جهڳڙي کي هڪ پهاڪي سان ختم ڪري ڇڏيندو هو ۽ هو طبيب هوندو هو، ڇاڪاڻ ته اداس دل واري کي هڪ ڪهاڻي ٻڌائي خوش ڪري ڇڏيندو هو. سگھڙ جي مجلس ۾ وقت جو پتو نه پوندو هو. هو ڳالهائڻ شروع ڪندو هو ته لڳندو هو ڄڻ درياءَ وهڻ لڳو آهي. ڪڏهن هو شاهه جو بيت ٻڌائيندو هو ته اکيون ڳيليون ٿي وينديون هيون، ڪڏهن هو سسئي پنهون جو قصو ٻڌائيندو هو ته دل ڀرجي ويندي هئي، ڪڏهن هو هڪ ننڍڙي ڳجھارت پڇندو هو ته ٻار ٽپا کائيندا هئا، جيڪو علم اسان کي اڄ وڏين يونيورسٽين ۾ به نٿو ملي اهو علم اسان جي وڏن کي اوطاق ۾ ويٺل هڪ سگھڙ کان ملي ويندو هو. ڇاڪاڻ ته سگھڙ جو علم ڪتابي نه هوندو هو، اهو تجربي جو علم هوندو هو، اهو زندگي جو علم هوندو هو.
ياد ڪريو ته سگھڙ اسان کي ڇا سيکاريندو هو. هو اسان کي ٻولي سيکاريندو هو. اڳي ٻار جڏهن ڳالهائيندا هئا ته انهن جي زبان مان مٺاس ايندي هئي، وزن ايندو هو. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته اهي روز سگھڙ کان نوان لفظ سکندا هئا، نوان بيت ٻڌندا هئا. سگھڙ ٻارن کي پهاڪا ياد ڪرائيندو هو، جيئن “جيڪو پاڻ نه ڪندو تنهن جو ڪير ڪندو”، “هٿ سان ڏنل ۽ وات سان چيل واپس نه ٿيندو.” “سچ جي راهه ڪنڊن واري آهي، پر منزل سهي آهي.” اهي پهاڪا ڪنهن اخلاقيات جي ڪتاب کان وڌيڪ اثر ڪندا هئا. سگھڙ ٻارن کي ذهين به بڻائيندو هو. هو هڪ ڳجھارت پڇندو هو ۽ سڄي مجلس ان جواب ڳولهڻ ۾ لڳي ويندي هئي. اهڙي شيءِ ٻڌاءِ جنهن جا هٿ پير نه هجن، پر هلي؟ جواب هوندو هو پاڻي.!! اهڙي ڳالهه ٻڌائي جيڪا ڏينهن ۾ ٻه دفعا اچي، پر رات ۾ هڪ دفعا؟ جواب هوندو هو اکر ق!!. اهڙين ڳجھارتن سان ٻارن جي سوچڻ جي صلاحيت وڌندي هئي. سگھڙ اسان کي مسئلا حل ڪرڻ به سيکاريندو هو. جيڪڏهن ٻن ڳوٺن ۾ زمين جو جهڳڙو ٿي پوندو هو ته وڏا سگھڙ کي وچ ۾ وجهندا هئا. سگھڙ ٻنهي ڌرين کي ويهاري هڪ ڪهاڻي ٻڌائيندو هو ۽ آخر ۾ چوندو هو ڏسو ڀائرو، وڏن چيو آهي ته معاف ڪرڻ وڏائي آهي ۽ جهڳڙو ڪمزوري، بس ڳالهه ختم. ڪوبه ڪيس ڪورٽ ۾ نه ويندو هو.
پر اڄ اسان ڪٿي پهتا آهيون، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ اوطاقون ختم ٿي رهيون آهن. جن گهرن ۾ اوطاقون هيون اتي هاڻي ڊرائنگ روم ٺهي ويا آهن، جتي وڏي ٽي وي لڳل آهي، پر ڪا ڳالهه ناهي. سگھڙائپ ختم ٿي رهي آهي، جيڪي چند سگھڙ بچيا آهن اهي به هاڻي پوڙها ٿي ويا آهن ۽ انهن جي جاءِ وٺڻ لاءِ ڪو نئون تيار ناهي. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته اسان ان کي پراڻو سمجهون ٿا. اسان کي لڳي ٿو ته هي زمانو سگھڙ جو ناهي، هي زمانو موبائل جو آهي ۽ ان جو نتيجو اسان جي اڳيان آهي. اڄ جو نوجوان جنهن ۾ مان پاڻ به شامل آهيان اسان کي نه ڳالهائڻ جو ڍنگ آهي، نه ويهڻ جو سليقو، نه اٿڻ جو طريقو، نه هٿ ملائڻ جو ادب. اسان وٽ فيس بڪ تي هزار دوست آهن، پر اسان کي خبر ناهي ته پاڙي ۾ ڪير بيمار آهي. اسان وٽ علم جا سڀ ذريعا آهن، پر اسان وٽ تربيت ناهي. اسان وٽ ڊگريون آهن، پر اسان وٽ ادب ناهي. اسان جي وڏن وٽ جيڪي رواج هئا مهمان نوازي جو، وڏن جي عزت جو، ڀائيچاري جو، رواداري جو، اهي سڀ اسان کان ڏينهون ڏينهن پري ٿيندا پيا وڃن. بيشڪ اسان کي دنيا سان گڏ هلڻو آهي. اسان کي ڪمپيوٽر سکڻو آهي، اسان کي انگريزي سکڻي آهي، اسان کي جديد سائنس سکڻي آهي، پر ڇا ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي ٻولي وساريون؟ ڇا ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي اوطاق بند ڪريون؟ ڇا ان لاءِ ضروري آهي ته اسان سگھڙ کي وساريون؟ ڪڏهن به نه. هڪ وڻ جيترو به وڏو ٿي وڃي، پر جيڪڏهن ان جون پاڙون ڪمزور هجن ته اهو هڪ طوفان ۾ ڪري پوندو. اسان جي پاڙ اوطاق ۽ سگھڙ آهي.
اسان جي وڏن سگھڙ ۽ اوطاق بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون ڇڏيون آهن جيڪي اڄ به اسان لاءِ مشعل راهه آهن. اهي چوندا هئا، “جنهن گهر ۾ اوطاق ناهي ان گهر ۾ ادب ناهي.” اهي چوندا هئا ته “سگھڙ جي زبان ۾ کنڊ آهي، پر سچ جي ڪڙواهٽ به آهي.” اهي چوندا هئا ته “اوطاق ۾ ويهڻ سان عقل وڌي ٿو ۽ وهم گهٽجي ٿو.” اهي چوندا هئا ته “سگھڙ بغير ڪتاب جو مدرسو آهي.” اهي چوندا هئا ته “ڳالهائڻ هنر آهي، پر سگھڙ وانگر ڳالهائڻ عبادت آهي” ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اها چوندا هئا ته “پهاڪو هڪ لفظ ۾ هزار ڪتابن جو نچوڙ آهي.” انهن چوڻين ۾ سڄي زندگي جو فلسفو بند آهي. جيڪڏهن اسان انهن تي عمل ڪريون ته اسان جا اڌ کان وڌيڪ مسئلا پاڻ حل ٿي ويندا.
مون کي اڃان ياد آهي ته هڪ سگھڙ جي شام ڪيئن هوندي هئي. سياري جي ٿڌي رات هوندي هئي، اوطاق ۾ سگري پئي ٻرندي هئي، چانهه جا پيالا پيا ڦرندا هئا. سگھڙ سڀني کي سلام ڪري ويهندو هو ۽ پوءِ ڳالهه شروع ڪندو هو. ڪڏهن هو شاهه جو هي بيت ٻڌائيندو هو ته “جي ماڻهو ڏک سهن تن جا ڏينهن سهاڳ” ۽ پوءِ ان جي ايتري سهڻي تشريح ڪندو هو ته لڳندو هو ڄڻ اسان جي پنهنجي زندگي جي ڳالهه آهي. پوءِ ڪو نوجوان سوال ڪندو هو ته سائين زندگي ۾ ڪاميابي جو راز ڇا آهي؟ ته سگھڙ کلندي چوندو هو پٽ رازڪو نه آهي بس محنت ڪر ۽ نتيجو الله تي ڇڏي ڏي. پوءِ ڪو ٻار اٿي ڳجھارت پڇندو هو ۽ سڄي مجلس ان ۾ شامل ٿي ويندي هئي. رات جا ٻارهن وڄي ويندا هئا، پر ڪنهن کي ننڊ نه ايندي هئي. اها هئي اسان جي يونيورسٽي، اها هئي اسان جي تربيت گاهه، اها هئي اسان جي ثقافت.
هاڻي سوال اهو آهي ته حل ڇا آهي؟ ڇا اسان بس ويهي روئيندا رهنداسين ته اوطاقون ختم ٿي ويون؟ نه. هاڻي وقت آهي ڪم ڪرڻ جو. جيڪڏهن اڄ به اسان نه جاڳياسين ته ڏهن سالن کانپوءِ اسان جي ٻارن کي سگھڙ جو مطلب گوگل تي ڳولهڻو پوندو ۽ اهو اسان لاءِ سڀ کان وڏي شرم جي ڳالهه هوندي. منهنجي سنڌ حڪومت جي ثقافت واري کاتي کان عاجزاڻي درخواست آهي ته خدارا هن معاملي کي سنجيدگي سان وٺو. پهريون ڪم اهو ڪيو وڃي ته جيڪي سگھڙ اڄ به سنڌ ۾ زنده آهن ۽ جن جي عمر سٺ سالن کان مٿي آهي انهن کي سرڪاري طور تي تسليم ڪيو وڃي ۽ انهن کي عزت سان گڏ هڪ ننڍڙو وظيفو به ڏنو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي زندگي جا آخري ڏينهن عزت سان گذاري سگهن ۽ نئين نسل کي تربيت ڏئي سگهن. ٻيو ڪم اهو ڪيو وڃي ته هر تعلقي ۾ هڪ سرڪاري اوطاق قائم ڪئي وڃي. سادي اوطاق جتي هر هفتي هڪ سگھڙ کي گهرائي نوجوانن جي مجلس ڪرائي وڃي. ٽيون ڪم اهو ڪيو وڃي ته سنڌ ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ سان ڪجهه نه ٿيندو. هڪ ڏينهن ۾ ثقافت زنده ناهي ٿيندي. سال ۾ هڪ هفتو مقرر ڪيو وڃي سنڌ ثقافت جو هفتو جي نالي سان. ان هفتي ۾ هر شهر، هر ڳوٺ، هر يونيورسٽي ۽ هر ڪاليج ۾ سگھڙائپ جا مقابلا ڪرايا وڃن. ٻارن کان پهاڪا پڇيا وڃن، نوجوانن کان بيت ٻڌا وڃن، سگھڙن کان تقريرون ڪرايون وڃن. چوٿون ڪم اهو ڪيو وڃي ته اسڪولن جي نصاب ۾ لوڪ ادب جو هڪ پيرڊ شامل ڪيو وڃي. استادن کي ٽريننگ ڏني وڃي ته اهي ٻارن کي شاهه، سچل ۽ سگھڙن جي ڳالهين کان واقف ڪرائين ۽ پنجون ۽ سڀ کان اهم ڪم اهو ڪيو وڃي ته اسان پاڻ به پنهنجي گهرن ۾ تبديلي آڻيون. اسان پاڻ به هفتي ۾ هڪ ڏينهن پنهنجو موبائل بند ڪري پنهنجي وڏن سان ويهون ۽ انهن کان هڪ ڪهاڻي ٻڌون. اسان پاڻ به پنهنجن ٻارن کي پنج پهاڪا ۽ ٽي بيت ياد ڪرايون. اسان پاڻ به پنهنجي گهر ۾ هڪ ننڍڙي اوطاق جو رواج وجهون جتي ڳالهه هجي، بحث هجي، پر محبت هجي.
پيارا نوجوان دوستو، مان ڄاڻان ٿو ته توهان مان ڪيترن کي اهو سڀ پراڻي ڳالهه لڳندي. توهان کي لڳندو ته هي زمانو ٽيڪنالاجي جو آهي. مان انڪار نٿو ڪريان. ٽيڪنالاجي سکو، اڳتي وڌو، دنيا سان مقابلو ڪريو، پر خدارا پنهنجي پاڙن کي نه وساريو. ياد رکو دنيا ۾ ڪابه قوم اهڙي ناهي جنهن پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کانسواءِ ترقي ڪئي هجي. جاپاني اڄ به پنهنجو “ڪيمونو” پائيندا آهن. عرب اڄ به پنهنجي شاعري تي فخر ڪندا آهن. اسان ڇو پنهنجي سگھڙ کان شرمايون؟ اوطاق ۾ ويهڻ سان توهان جي انگريزي خراب نه ٿيندي. سگھڙ جو بيت ياد ڪرڻ سان توهان جو گريڊ گهٽ نه ٿيندو، پر توهان هڪ سٺا انسان ضرور بڻجي ويندا ۽ دنيا کي سٺن انسانن جي ئي ضرورت آهي تنھنڪري سگھڙ، ٻولي ۽ ثقافت جا محافظ آھن.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟