مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سوڊان: عالمي طاقتن جي لالچ ۽ انسانيت جو ننگو ناچ!

Tufail Magsi

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سوڊان جي موجوده صورتحال دنيا جي انهن بحرانن منجهان آهي جيڪي ظاهر ۾ گهرو ويڙھ جي صورت رکن ٿا، پر حقيقت ۾ عالمي طاقتن، علاقائي مفادن ۽ ڳجهن معاشي مفادن جي ڄار ۾ جڪڙجي چڪا آهن. اوريل ٢٠٢٣ ۾ جڏهن سوڊاني فوج (SAF) ۽ اڌ فوجي تنظيم Rapid Support Forces (RSF)) جي وچ ۾ هٿياربند ٽڪراءُ شروع ٿيو ته دنيا انهيءَ کي صرف هڪ اندروني اقتدار جي جنگ سمجهيو، پر وقت سان گڏ چٽو ٿي ويو ته اهو ٽڪراءُ محض ٻن فوجي قوتن جي وچ ۾ نه، بلڪه طاقت، وسيلن ۽ علاقائي اثر و رسوخ جي عالمي ڇڪتاڻ جو مظهر آهي. انهيءَ جنگ ۾ نه صرف سوڊان جي رياستي سڃاڻپ تباھ ٿي، بلڪه لکين بي گناھ شهري قتل، زخمي، بي گهر ٿي ويا ۽ عالمي ضمير خاموش تماشائي بڻجي رهجي ويو.
سوڊان جي انهيءَ گهرو ويڙھ جا سڌا سنوان ذميوار SAF ۽ RSF جا اهي ڪمانڊر آهن، جن هن اقتدار جي حاصلات، فوجي اقتدار جي بقاءَ ۽ مالي وسيلن جي ڪنٽرول لاءِ عوام کي ٻارڻ بڻائي ڇڏيو. RSF دارفور کان اٿي ڪررني ملڪي رياست ۾ هڪ فوجي رياست جي طور تي قدم رکيو، جتي هن سون جي کاڻين، واپاري رستن ۽ مالي نيٽ ورڪس تي قبضو ڪري پنهنجي طاقت کي سگھه ڏني. ٻئي پاسي سوڊاني فوج پنهنجي مرڪزي حيثيت برقرار رکڻ لاءِ انهن نيٽ ورڪس جي لاءِ فوجي ڪارروائيون ڪيون، پر ان جو مقصد به عوامي نمائندگي ناهي، بلڪه طاقت جي رد و بدل هئي. انهيءَ دوران رياستي ادارا ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيا، عدليه معطل ٿي وئي، حڪومت مفلوج ٿي وئي ۽ عام شهرين تي اهو عذاب نازل ٿيو جيڪو نسل ڪشي جي ويجهو پهچي چڪو آهي. باوجود انهيءَ جي اصل ڍانچو صرف ڏيهي ناهي، بلڪه بين الاقوامي سطح تي ڳنڍيل آهي. ٻاهرين قوتن هن جنگ کي پنهنجن مفادن جي لاءِ استعمال ڪيو. گڏيل عرب امارات تي الزام آهي ته هن RSF کي استعمال ڪيو ته جيئن سون جي غير قانوني ڪاروبار مان نفعو حاصل ڪري سگهي. مصر SAF جي حمايت ڪئي ته جيئن هو مغربي بارڊر جي استحڪام کي برقرار رکي سگهي. روس ويگز گروپ جي وسيلي سوڊان جي سون جي ذخيرن ۾ دلچسپي رکي ۽ انهيءَ سون جي وسيلي يوڪرين جنگ جي لاءِ پنهنجي مالي نيٽ ورڪ کي مضبوط ڪيو. ان ريت سوڊان جا سون ۽ معدنيات جا وسيلا انهيءَ عالمي راند جا مرڪزي ٿنڀ بڻجي ويا. ايران ان بحران ۾ پنهنجي مخصوص “اسٽريٽجڪ منطق” کي استعمال ڪري ان راند ۾ داخل ٿيو. جولاءِ ٢٠٢٦ ۾ سوڊان ۽ ايران باقاعدي سفارتي تعلقات بحال ڪيا ۽ هڪٻئي جا سفير مقرر ڪيا. انکانپوءِ هڪدم رپورٽس سامهون آيون ته ايران سوڊان جي فوج کي جديد ڊرون ٽيڪنالاجي ميسر ڪئي ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي ڪنارن وارن ملڪن ۾ پنهنجو اثر وڌائڻ لاءِ سوڊان کي هڪ اسٽريٽجڪ ڳڙھ جي طور تي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ايران جو مقصد اهو هو ته اوڀر آفريقا ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري تي موجود واپاري ۽ فوجي رستن تي پنهنجو ڪنٽرول وڌائي ته جيئن هو اسرائيل ۽ مغرب جي مقابلي ۾ نئين جاگرافيائي پوزيشن حاصل ڪري. سوڊان ۾ افراتفري ايران کي اهو موقعو ميسر ڪيو ته هو اتي پنهنجي پراڪسي نيٽ ورڪن لاءِ رستن کي فعال ڪري ۽ آفريقا اندر هڪ نئون اثر قائم ڪري جيڪو نار وارن ملڪن ۽ اسرائيل جي توازن جي تبديليءَ جو پيغام بڻجي. ٻئي پاسي اسرائيل سوڊان جي بحران کي ڳاڙهي سمنڊ جي سلامتي جي پسمنظر ۾ ڏٺو. 2021 ۾ سوڊان ۽ اسرائيل وچ ۾ ابراهام معاهدي جي تحت تعلقات معمول تي اچڻ لڳا هئا، مگر گهرو ويڙھ انهن رابطن کي معطل ڪري ڇڏيو. اسرائيل جي لاءِ سوڊان جي اهميت اها آهي ته جيڪڏهن سوڊان ايراني هٿيارن يا ڊرونز جي راهداري بڻجي ويو ته اسرائيل جي سامونڊي صلاحيت خطري ۾ پئجي ويندي. ان ڪري اسرائيل ان جنگ ۾ سڌو سنئون ملوٽ نه هئڻ جي باوجود اطلاعتي، سفارتي ۽ اسٽريٽجڪ سطح تي سرگرم آهي. جيستائين فلسطين ۽ ٻين قوتن جو تعلق آهي، انهن جو ڪردار سڌو سنئون آهي. فلسطيني خاص طور تي حماس، ايران جي ان پرڳڻي ۾ قائم اسٽريٽجڪ نيٽ ورڪ جو حصو آهي، جنهن ۾ سوڊان ماضيءَ ۾ به هٿيارن جي منتقلي لاءِ هڪ رستي جي طور تي استعمال ٿيندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن وقت حماس يا حزب الله جي سوڊان ۾ ڪا سڌي سنئين فوجي مداخلت جي موجودگي ناهي ملي سگهي، پر ايران جي اثر هيٺ اهو نيٽ ورڪ اهڙا رستا ڳولهي رهيو آهي، جنهن کان هٿيار يا مالي امداد وچ اوڀر تائين پهچائي سگهجي. ائين فلسطين جي وابستگي هن پرڳڻي ۾ ايران جي جاگرافيائي ۽ نظرياتي مفادن جي وسيلي ظاهر ٿئي ٿي. انهن سمورن سببن جي پسمنظر ۾ سوڊان هيستائين هڪ اهڙي زمين بڻجي چڪو آهي، جتي ڪيتريون ئي طاقتون هڪ ئي وقت کيڏي رهيون آهن. هڪ پاسي ايران جيڪو پنهنجي سامونڊي پوزيشن مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي ته ٻئي پاسي اسرائيل جيڪو ايران جي خلاف هڪ دفاعي دائرو قائم ڪرڻ چاهي ٿو. نار وارا ملڪ جيڪي وسيلن ۽ واپاري رستن تي ڪنٽرول لاءِ سرمائيڪاري يا مداخلت ڪري رهيا آهن. مغربي طاقتون خاموشي سان انهيءَ خوني راند کان نفعو حاصل ڪري رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته سوڊان جي افراتفري انهن کي آفريقا ۾ پنهنجا فوجي ۽ اقتصادي اڏا مضبوط ڪرڻ لاءِ رستو فراهم ڪندي.
سوڊان جو عوام جيڪو ڪڏهن آفريقا جي روحاني، ثقافتي ۽ زرعي ورثي جي نشاني هو، اڄ انهن عالمي طاقتن جي راند ۾ قربانيءَ جو ٻڪرو بڻجي چڪو آهي. انهن جي شهرن تي بم ڪرن ٿا، عورتون ۽ ٻار پناهگير ڪيمپن ۾ سڏڪي رهيا آهن ۽ انهن جا وسيلا انهن جي قاتلن جي مفاد لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن. اها جنگ صرف زمين جي نه، پر ذهنن، معيشتن ۽ نظرين جي پڻ آهي.
ايران جي لاءِ سوڊان هڪ اسٽريٽجڪ موقعو آهي، اسرائيل جي لاءِ هڪ خطرو، نار وارن رياستن لاءِ هڪ سرمائيڪاري جي زمين، روس لاءِ سون جي کاڻ ۽ مغرب جي لاءِ فوجي رانديڪو، پر سوڊان جي عوام لاءِ اهو هڪ عذاب آهي جيڪو هر ڏينهن انهن کان سندن وطن، سڃاڻپ، اميد ۽ انهن جو نسل کسي رهيو آهي. ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته سوڊان ۾ جاري اها جنگ هڪ اهڙو “خوني واپار” آهي جنهن ۾ هر ڌر ڪنهن نه ڪنهن نفعي جي طلبگار آهي. ڪٿي سون ۽ معدنيات جو نفعو، ڪٿي سامونڊي رستن جو ڪنٽرول، ڪٿي نظرياتي اثر جو دائرو ۽ ڪٿي انهيءَ واپار جي قيمت سوڊان جو عام شهري پنهنجي رت سان ڀري رهيو آهي. جيڪڏهن انهيءَ پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي ته سوڊان اڄ صرف هڪ آفريقي ملڪ نه، پر عالمي سياست، سرمائيداراڻن مفادن ۽ جاگرافيائي اثر ۽ رسوخ جو هڪ تجربي گاھ بڻيل آهي، جتي طاقتور قومون پنهنجن نون منصوبن کي آزمائي رهيون آهن. ان سموري منظرنامي ۾ سوڊان جي سر زمين “طاقت جي مهرن” جو ٽي واٽو بڻجي چڪي آهي، جتي هڪ پاسي مفادن جي نظريي جي پکيڙ جو خواب آهي. ٻئي پاسي سرمائيداري جي مفادن جي بک ته ٽئين پاسي استعمار جا نوان منصوبا آهن. سوڊان جي جنگ رڳو اندروني اقتدار جي جنگ نه، پر هڪ “عالمي معاشي ۽ نظرياتي جنگ آهي” جتي بيگناھ انساني رت وهائي سون ڪڍيو پيو وڃي ۽ امن جي نالي تي اقتدار جا سودا ڪيا پيا وڃن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو