مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪپهه جي ڪرس 682 جنس جي ڪاميابيءَ جي ڪهاڻي. محمد صفر مجيداڻو: زمين سان عشق ڪندڙ محقق

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪن ماڻهن جي سڃاڻپ سندن عهدن سان ٿيندي آهي ته ڪن جي سڃاڻپ سندن ڪيل ڪم سان. وقت جي وهڪري ۾ عهدا ته بدلجندا رهندا آهن، پر اهي ماڻهو، جيڪي پنهنجي علم، محنت، سچائي، ايمانداري ۽ تحقيق وسيلي قومن جي تقدير بدلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، سي تاريخ جي ورقن تي هميشه لاءِ زنده رهندا آهن. سنڌ جي زرخيز ڌرتيءَ ڪيترائي اهڙا زرعي ماهر پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي صلاحيتن سان نه رڳو ملڪ جي زرعي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر آبادگارن جي زندگيءَ ۾ به خوشحالي آندي. اهڙن ئي محنتي ۽ باصلاحيت سائنسدانن ۾ محمد صفر مجيداڻو جو نالو نمايان حيثيت رکي ٿو، جنهن پنهنجي مسلسل سترهن سالن جي تحقيق وسيلي ڪپهه جي اهڙي جنس تخليق ڪئي، جيڪا اڄ نه رڳو سنڌ، پر سڄي پاڪستان جي آبادگارن لاءِ اميد جي نئين روشني بڻجي چڪي آهي. محمد صفر مجيداڻو جو جنم ضلعي نوشهروفيروز جي تعلقي ڀريا سٽي جي ڳوٺ الهه بخش مجيداڻو ۾ ٿيو. ڳوٺاڻي ماحول ۾ اک کوليندڙ هن ٻار جي شروعاتي تعليم به پنهنجي ڳوٺ مان ٿي، جتان هن 1989ع ۾ پرائمري تعليم مڪمل ڪئي. ان کانپوءِ هن گورنمينٽ مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول نوشهروفيروز مان 1994ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. علم جي اڃ اڃان به وڌندي رهي، جنهن کيس گورنمينٽ ڪاليج نور شاهه بخاري، ٽنڊو ڄام وٺي وئي، جتان هن 1997ع ۾ انٽرميڊئيٽ مڪمل ڪئي. زرعي سائنس سان سندس دلچسپي کيس 1998ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام تائين وٺي آئي، جتان هن 2003ع ۾ پلانٽ بريڊنگ اينڊ جينيٽڪس ۾ بيچلر ڊگري ۽ 2005ع ۾ ساڳئي شعبي مان ايم ايس سي (آنرز) حاصل ڪئي.
زرعي تحقيق سان سندس لاڳاپو ڪو اتفاق نه هو، پر هڪ خوبصورت ورثو هو. سندس والد محترم يار محمد مجيداڻو زرعي تحقيقاتي اداري ٽنڊو ڄام ۾، ڪڻڪ جي تحقيقاتي ريسرچ اسٽيشن تي ڪڻڪ جي نون ٻجن تي تحقيق طور خدمتون سرانجام ڏيندا ھئا. گهر ۾ زرعي تحقيق، نون ٻجن ۽ فصلن بابت ٿيندڙ گفتگو ننڍپڻ کان ئي سندس ذهن ۾ علم جي محبت ۽ تحقيق جو جذبو پيدا ڪيو. اهوئي جذبو اڳتي هلي سندس زندگيءَ جو مقصد بڻيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ محمد صفر مجيداڻو پنجن سالن تائين فصلن جي پيداوار وڌائڻ واري منصوبي ۾ ريسرچ آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. انهيءَ عرصي دوران هن زمين، موسم، ٻجن ۽ آبادگارن جي ضرورتن کي ويجهڙائيءَ کان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. سال 2010ع ۾ هن فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو مقابلي وارو امتحان ڪاميابيءَ سان پاس ڪيو ۽ ڪپهه جي مرڪزي تحقيقاتي اداري سڪرنڊ ۾ سائنٽيفڪ آفيسر طور مقرر ٿيو، جتي هو اڄ ڏينھن تائين انتهائي ذميداري ۽ محنت سان پنهنجي قومي خدمت جاري رکيو اچي. ڪپهه پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي سمجهي وڃي ٿي. ملڪ جي ٽيڪسٽائيل صنعت، لکين ماڻهن جو روزگار ۽ زرعي معيشت جو وڏو حصو هن فصل سان جڙيل آهي، پر موسمي تبديليون، پاڻيءَ جي کوٽ، وڌندڙ گرمي ۽ بيماريون ڪپهه جي پيداوار لاءِ وڏا چئلينج بڻجي چڪيون آهن. اهڙين حالتن ۾ نون ۽ بهتر ٻجن جي تياري وقت جي اهم ضرورت هئي. تڏهن محمد صفر مجيداڻو انهيءَ ضرورت کي پنهنجي تحقيق جو محور بڻايو.
کاهوڙِيُنِ کَڻِي، ساجهُرُ ٻَڌا سَندِرا؛
ڏورِيندي ۾ ڏُونگرين، ڪَيائُون پاڻُ پَڻِي؛
ڏَکَنِ ڏِيلُ ھَڻِي، ڇيھُ لَڌائُون ڇَپَرين.
سترهن سالن جي مسلسل تحقيق، تجربي ۽ محنت کانپوءِ سندس تخليق ڪيل ڪپهه جي جنس “ڪرس 682” نه رڳو اداري لاءِ، پر سڄي ملڪ لاءِ هڪ وڏو علمي ڪارنامو ثابت ٿي. هيءَ جنس پيداوار جي لحاظ کان غير معمولي صلاحيت رکي ٿي، جنهن مان سنڌ جا آبادگار 65 مڻ في ايڪڙ تائين پيداوار حاصل ڪري چڪا آهن. ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته هيءَ جنس آڳاٽي ڦٽي ڏئي ٿي، جلدي پچي تيار ٿي وڃي ٿي، سخت گرمي برداشت ڪرڻ جي غير معمولي صلاحيت رکي ٿي، ڇاڻي جي مسئلي کان گهڻو محفوظ آهي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ وارن علائقن ۾ به بهترين پيداوار ڏئي ٿي. ڪرس 682 جنس جا قومي سطح تي ٿيل تجربا به ان جي ڪاميابيءَ جا شاهد آهن. پاڪستان جي مختلف زرعي علائقن ۾ ڪيل آزمائشن دوران ھن جنس پيداوار جي لحاظ کان پهريون نمبر حاصل ڪيو، جيڪو نه صرف محمد صفر مجيداڻو جي تحقيقاتي صلاحيتن جو اعتراف آهي، پر ڪپهه جي مرڪزي تحقيقاتي اداري سڪرنڊ جي سائنسي قابليت جو به روشن ثبوت آهي.
هيءَ جنس سينٽرل ڪاٽن ريسرچ انسٽيٽيوٽ سڪرنڊ اداري جي تاريخ جي پهرين اهڙي جنس آهي، جيڪا قومي سطح تي پنهنجي اعليٰ پيداوار سبب مشهور ٿي. پهريون ڀيرو ان جو ٻج سنڌ جي تقريبن هر شهر ۾ دستياب ٿيو ۽ اڄ به سنڌ جي ڪپهه واري ايراضيءَ جو چاليهه سيڪڙو کان وڌيڪ حصو هن جنس هيٺ اچي چڪو آهي. ان جي غير معمولي ڪارڪردگيءَ کي ڏسندي حڪومت پاڪستان طرفان اعزازي سرٽيفڪيٽ پڻ جاري ڪيو ويو، جيڪو نه رڳو محمد صفر مجيداڻو، پر سڄي اداري لاءِ اعزاز جو باعث بڻيو. اڄ ڪرس 682 سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي آبادگارن ۾ مقبول بڻجي چڪي آهي. خاص طور سان ضلعي سانگهڙ ۾ هن جنس جي وڏي پيماني تي پوکي ڪئي وڃي ٿي. ضلعي سانگهڙ جي مشهور ترقي پسند زميندار حاجي غلام سرور رند پنهنجي فارم تي لڳ ڀڳ 1500 ايڪڙن تي هيءَ جنس پوکي، جتان گذريل سال 45 مڻ في ايڪڙ تائين پيداوار حاصل ڪئي وئي. جڏھن ته سنڌ جي اترين ۽ گرم علائقن ۾ به ھن جنس پنھنجا بھترين نتيجا ڏنا آھن، جتي محترم سمون خان ڀنڀرو جي فارم صالح پٽ سکر ۾ ھي جنس به ھزار ايڪڙن تي ڪاميابيءَ سان پوکيل آھي. ان کان علاوه سنڌ جا مشهور ترقي پسند آبادگار سيد زين شاهه ۽ سيد نديم شاهه پڻ پنهنجي فارمن تي ھن جنس کي ڪاميابيءَ سان پوکي رھيا آھن، جيڪو ڪرس 682 جنس جي عملي ڪاميابيءَ جو زنده مثال آهي. تحقيق صرف ليبارٽري تائين محدود نه هوندي آهي، پر ان جي سڃاڻپ علمي دنيا ۾ شايع ٿيندڙ تحقيقي مقالن سان به ٿيندي آهي. محمد صفر مجيداڻو جا لڳ ڀڳ ويهه قومي ۽ ڏهه بين الاقوامي تحقيقي مقالا مختلف سائنسي جرنلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي زرعي سائنس جي ميدان ۾ سندس علمي حيثيت جو واضح ثبوت آهن.
هن وقت ڪرس 682 جي ڪاميابيءَ کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ پنجاب جي ويهن کان وڌيڪ ٻج ٺاهيندڙ ڪمپنين سان معاهدا ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ آهن. اهي ڪمپنيون پنهنجي فارمن تي هيءَ جنس پوکي ان جو معياري ٻج تيار ڪري ملڪ جي آبادگارن تائين پهچائينديون. انهيءَ عمل سان نه رڳو بهتر ٻج وڏي پيماني تي دستياب ٿيندو، پر ان جي “رائلٽي” ڪپهه جي مرڪزي تحقيقاتي اداري سڪرنڊ ۽ ان جي بريڊر سائنسدانن کي پڻ ملندي، جيڪا تحقيق جي حوصلا افزائي ۽ قومي زرعي شعبي جي ترقيءَ لاءِ هڪ مثبت قدم ثابت ٿيندي. محمد صفر مجيداڻو جي زندگي اهو سبق ڏئي ٿي ته وڏيون ڪاميابيون ڪنهن اوچتي معجزي سان حاصل ناهن ٿينديون، پر مسلسل محنت، علم سان وابستگي، صبر ۽ وطن سان محبت جي نتيجي ۾ جنم وٺنديون آهن. هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان نڪتل نوجوان جو قومي سطح جو سائنسدان بڻجڻ ۽ پوءِ پنهنجي تحقيق سان لکين آبادگارن جي اميد بڻجڻ، حقيقت ۾ سنڌ جي نوجوانن لاءِ هڪ روشن مثال آهي. اسان جي سماج ۾ گهڻو ڪري شهرت انهن ماڻهن کي ملي ٿي، جيڪي ٽيليويزن جي اسڪرينن تي نظر اچن ٿا، جڏهن ته اصل هيرو اهي خاموش محقق آهن، جيڪي ليبارٽرين، تجرباتي فارمن ۽ زرعي تحقيقاتي ادارن ۾ ويهي قوم جي مستقبل لاءِ نيون راهون هموار ڪندا آهن. محمد صفر مجيداڻو به اهڙن ئي خاموش معمارن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي علم، محنت ۽ تحقيق وسيلي ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن ارادا مضبوط هجن ته هڪ ڳوٺ جو نوجوان به سڄي ملڪ جي زرعي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري سگهي ٿو. اهڙن سائنسدانن تي نه صرف سندن ادارن کي، پر سڄي سنڌ ۽ ملڪ کي فخر هجڻ گهرجي ۽ اھڙن سائنسدانن جو قدر ڪرڻ به اسان سڀني جي قومي ذميداري آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو