ڪهاڻي: پوسٽ ڪارڊ
Kaleem Butt
ڪهاڻيڪار
اها مئي مهيني جي ٻاويهن تاريخ هئي، حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن تي ويهي هن کي گاڏي جو انتظار ڪندي بيچيني محسوس ٿي. هن ڀيري هو ولبر سمٿ جو 550 صفحن جي لڳ ڀڳ ٿلهو متارو ناول “ريور گاڊ” کڻي نڪتو هو. هن جو ارادو هو ته هفتي يا ڏهن ڏينهن جو ريل جو سفر ڪندو ۽ ان سفر دوران ناول پڙهي پورو ڪري گهر ورندو ۽ پهريون ڪم سن 1993ع ۾ ڇپيل ان ناول تي تبصري لکڻ جو ڪندو. ان سفر لاءِ هو ٻن مهينن کان پگهار بچائيندو آيو هو. گذريل پنجن سالن کان اها هن جي عادت ٿي پئي هئي ته جيئن ئي موڪلون ٿينديون هيون هو گهران ڪو ٿلهو متارو ڪتاب کڻي ريل جو سفر ڪندو هو حيدرآباد کان لاهور تائين جي ٽڪيٽ ڪرائيندو هو. لاهور پهچي ڪلاڪ کن اسٽيشن تي ويهي وري حيدرآباد جي ٽڪيٽ ڪرائيندو هو ۽ جيتري تائين ڪتاب پڙهي پورو نه ڪندو هو ائين حيدرآباد کان لاهور ۽ لاهور کان حيدرآباد جو سفر ڪندو هو. انهن سفرن دوران هن لاهور جي ريلوي اسٽيشن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه ڏٺو هو. پنج سال اڳ هو گهران ٽالسٽاءِ جو “وار اينڊ پيس” کڻي نڪتو هو، ان کي پڙهندي ٽي هفتا لڳي ويا هئس، ٻئي سال ساڳئي ليکڪ جو اينا ڪرينن کڻي نڪتو هو، جنهن کي پورو ڪندي مهينو لڳي ويو هئس ۽ لاڳيتي سفر جي ڪري بيمار ٿي پيو هو. بيماري جي بستري تي فيصلو ڪيو هئائين ته ٻيهر ٽالسٽاءِ کي ڪونه پڙهندو. ٽئين سال دوستو فسڪي جو “ڪرائيم اينڊ پنشمنٽ” کڻي نڪتو. گذريل سال موراڪامي جي 184Q سان سفر ڪيائين، جنهن کي پورو ڪندي سوا مهينو لڳي ويس ۽ هن ڀيري وري ولبر سمٿ جو “ريور گاڊ” کڻي نڪتو هو. حيدرآباد کان لاهور جي ٽڪيٽ ڪرائي هئائين. ايران ۽ آمريڪا جي جنگ ۽ قرباني واري عيد جي ڪري ڀاڙا آسمانن کي چمي ڏئي رهيا هئا. هر پاسي بي يقيني وارو ماحول هو، گرمي سبب ماحول ۾ بيقراري ۽ بيچيني کي محسوس ڪيو هئائين. پليٽ فارم تي ڪيترائي ماڻهو گاڏي جي اچڻ جي انتظار ۾ هئا، ڪجهه ٻار هيڏانهن هوڏانهن ڀڳا ٿي ۽ سندن مائرن کين پاڻ ڏانهن سڏيو ٿي. هو هر ڳالهه کان بي فڪر ٿي سگريٽ دکائي ان مان ڪش هڻڻ لڳو، هو پنهنجن گذريل سفرن بابت سوچڻ لڳو، انهن سفرن دوران نه ته ڪنهن کيس مرڪندي ڏٺو هو ۽ نه ئي وري کلندي ڏٺو هو، هو پاڻ سان گڏ هڪ عجيب قسم جي اداسي کڻي گهران نڪرندو هو. هن جي ريل جي اهڙي سفر جو رڳو هڪڙو ئي مقصد هو، دنيا جا عظيم ڪتاب پڙهي پورا ڪرڻ… اهي ڪتاب کيس الڳ جهانن جو سير ڪرائيندا هئا، هر پني پڙهڻ سان کيس لڳندو هو ڄڻ سوين سالن جي زندگي گذاري آيو هجي. اهي ڪتاب هن لاءِ ڪنهن امرت مثل ٿي پيا هئا. ڪتابن تي تبصرو ته ڪندو هو، پر انهن ڪتابن بابت ڪنهن سان ڪونه ڳالهائيندو هو، ڪو پڇندو به هئس ته ان تي ڳالهائڻ کان منع ڪندي چوندو هو:
“مان ڪتاب پنهنجي لاءِ پڙهندو آهيان، منهنجو مقصد ڏيکاءُ ڪرڻ نه آهي، ان ڪري پڙهيل ڪتابن تي ڪنهن سان به نه ڳالهائيندو آهيان.” هن جو خيال هو ته انسان جو هر عمل رڳو هن جي پنهنجي ذات لاءِ ئي هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻيو عمل نه تڏهن به لکڻ پڙهڻ رڳو پنهنجي ئي ذات لاءِ هجڻ گهرجي. هن کي اهو به لڳندو هو ته ان ماڻهو کان وڌيڪ منافق ٻيو ڪير به نٿو ٿي سگهي جيڪو ٻين تي رعب رکڻ لاءِ ڪتاب پڙهي. اهڙو ماڻهو ڪتاب پڙهڻ بدران رڳو ڪتابن جا نالا ياد ڪندو آهي ۽ وڏي واڪي هر محفل ۾ انهن جو اظهار ڪري ٻين کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. مذهب جيان لکڻ پڙهڻ به انسان جو ذاتي عمل هجڻ گهرجي، ان بابت پڇڻ جو ڪنهن کي ڪوبه حق نه هجڻ گهرجي.
ٽرين جي سيٽي وڳي، ان جو آواز ويتر ماحول کي بيقرار ڪري ويو. هو ڪتاب سنڀالي اٿيو، ڪتاب کانسواءِ هن وٽ ٻيو ڪوبه سامان ڪونه هو. هن پنهنجي بوگي ڏانهن هلڻ شروع ڪيو، پليٽ فارم تي رش وڌي وئي، نارنگي ڪوٽين وارا قلي مختلف دٻن ڏانهن ڀڄڻ لڳا، جيڪي لٿا ٿي قلين وڃي سندن سامان ۾ هٿ ٿي وڌو، ڪن کين منع ڪري پاڻ ٿي سامان کنيو ته ڪن وري انهن کي سامان کڻڻ ڏنو. هو نيٺ دٻي ۾ چڙهيو ۽ پنهنجي نمبر واري سيٽ ڳولهيندو ان تي اچي ويٺو. دٻي ۾ اڳ ئي جوان مائي ويٺل هئي، کيس پيلي رنگ جي ريشمي ڊريس پهريل هئي جنهن تي ڪارا گل ٺهيل هئا، هن جي ڳچيءَ ۾ سون جي ٿلهي چين ٿي لڙڪي، مائي سان گڏ ڇهن يا ستن سالن جو ڇوڪرو به هو، جنهن کي اڇي ٽي شرٽ ۽ نيرو شارٽ پهريل هئا. هن هيڊي مرڪ مرڪندي مائي کي ڏٺو، مائي کيس ڏسي منهن ڦيري ڇڏيو. ٻار کيس عجيب نظرن سان ڏسڻ لڳو. ويهن منٽن جي وٿيءَ کانپوءِ وري سيٽي وڳي ۽ ٽرين هوريان هوريان چرڻ شروع ڪيو. جيئن ئي ٽرين رفتار پڪڙي ته هن ولبر سمٿ جو ناول “ريور گاڊ” کولي پهريون باب پڙهڻ شروع ڪيو:
“لوسٽرس سندس تڪئي تي ويٺل هئي، سندس ٻانهيون ڪيش جون ٻه سانوريون ڇوڪريون هن جي پيرن ۾ ويٺل هيون، اهي اگهاڙيون هيون سواءِ ان جي ته کين ڳچين ۾ سونهري پٽا هئا. لوسٽرس کي لينن جو گائون پهريل هو، ڄڻ اهو ڪنهن پکيءَ جو اڇو کنڀ هجي. سج جي ڪري سندس چمڙيءَ جو رنگ ديال جي ڪاٺي جي رنگ جهڙو ٿي پيو هو جيڪو بيبلس جي جبل جي چوٽيءَ تي بيٺل هوندو آهي. هن جون ڇاتيون پڪل انجير مثل هيون، جيڪي پٽجڻ لاءِ تيار هجن، انهن (ڇاتين) تي گلاب جون ٻه مکڙيون هيون.“ناول ۾ مصري شهزادي بابت پڙهندي هن جي نظر سامهون ويٺل جوان مائي ڏانهن کڄي وئي، هو اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ واري عالم ۾ هئي. هن واتان پاڻ مرادو نڪري ويو:
لوسٽرس….“ هن جي آواز تي مائي ڇرڪ ڀريو ۽ هن کي ڏسندي چيائين:
“اوهان ڪجهه چيو ڇا؟”
“نه، ڪتاب پيو پڙهان.” هن ڪنڌ نفي ۾ لوڏيندي چئس. مائي وري سمهڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جو ڇوڪرو کنگهرا هڻي رهيو هو. هن وري ناول پڙهڻ جي ڪئي، پر سندس ذهن ڀٽڪڻ لڳو، هن ٽيڏي اک سان مائي ڏانهن ڏٺو. هن جي نظر مائي جي ڇاتين ۾ هئي، ساهه کڻڻ سبب اهي اندر ٻاهر ٿي ٿيون، انهن کي اندر ٻاهر ٿيندو ڏسي کيس عجيب حرارت محسوس ٿي. اوچتو مائي اکيون کولي هن ڏانهن ڏسي کيس لڄي ڪري وئي. هن هڪ ڀيرو وري ڪتاب پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي.
“مون ٽرين جا ڪيترائي سفر ڪيا آهن ۽ هر ڀيري تو جهڙي ڪنهن مرد جون نظرون منهنجي جسم تان ڪپڙا لاهڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. شروع شروع ۾ ان تي ڪاوڙ ايندي هئم، پوءِ ان تي حيراني ٿيڻ لڳي ۽ هاڻي ان جي عادت ٿي وئي آهي.“ هن جي ڪنن تي مائي جو آواز کنوڻ جيان ڪڙڪاٽ ڪري ڪريو، هو ڇرڪجي ويو ۽ ڪتاب هٿن مان ڇڏائجي هيٺ ڪري پيس. هو ڪتاب کڻڻ لاءِ جهڪيو، مائي به ڪتاب کڻڻ لاءِ جهڪي، هن جي چولي ۾ وٿي آئي ۽ سندس گول ڀريل ڇاتيون ظاهر ٿيڻ لڳيون. هن جي نظر مائي جي ڇاتين ۾ هئي، مائي جي نظر هن جي منهن تي هئي ۽ ٻنهي جا هٿ ڪتاب ۾ هئا. مائي ڪتاب مٿي ڪندي مرڪي پڇيس:
“هن ڪتاب ۾ اهڙو ڇا آهي؟”
“مصر جي هزارين سالن جي تهذيب جي بربادي جو احوال آهي ۽ ان سان گڏ هڪ شهزادي جي سونهن جي ڪهاڻي آهي.“ هن ٻڌايس، مائي مرڪي ٽيڪ ڏئي ويهي رهي، ٻئي ڪجهه پلن لاءِ ماٺ ٿي ويا. ايتري ۾ ٽي ٽي دٻي ۾ آيو ۽ هنن کان ٽڪيٽن جي گهر ڪيائين. ٽڪيٽون ڏسندي هن بنا سبب جي ڳالهايو:
“حالتون ڏاڍيون خراب ٿي ويون آهن، پرائي جنگ ۾ لوڙهيون وري اسان پيا.” هنن ٽي ٽي جي ڳالهه کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. هو ٽڪيٽون ڏسي اڳيان وڌي ويو. هن وري ڪتاب پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. ٿوري دير مس گذري جو وري هن جي ڪنن تي مائي جو آواز پيو:
“اوهان ڪتاب ڇو پڙهندا آهيو؟” مائي جو اهو سوال کيس ڪونه وڻيو، پر هن ان سوال تي ڪوبه تاثر نه ڏيکاريو، ڪتاب مان نظرون ڪڍي مرڪي مائي کي ڏسندي چيائين:
“پنهنجي ماسات جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ.”
مائي کي اهو جواب عجيب لڳو ۽ حيراني مان چيائنس:
“مطلب!”
“منهنجو ماسات منهنجو همعمر هو، اسان ننڍپڻ کان ئي گڏ رهياسين، گڏ وڏا ٿياسين، گڏ رانديون ڪيونسين، گڏ سگريٽ ڇڪڻ شروع ڪيا، گڏ عشق ڪياسين ۽ مستي مذاقون ڪيونسين. اسان سنڌ جي جنهن شهر جا آهيون، اتي هر گهر ۾ هڪ چرچائي ضرور ڄمندو آهي. سو اسان ٻئي به حد درجي جا مسخرا هئاسين. هڪ ڀيرو يونيورسٽي جو پيپر پئي ڏنوسين جو مون هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، انوجيليٽر اسان کي ڳالهائيندي ڏسي ورتو ۽ رڙ ڪندي چيائين: ڇا پيو پڇيئنس؟ ان تي مون واري ماسات جواب ڏنس: سر ٻيو ته ڪجهه نه بس پڇي پيو اٿئي! مون جواب ۾ چيومانس: کپئي؟ اهو ٻڌي سڄو ڪلاس ٽهڪ ڏيڻ لڳو ۽ انجوجيليٽر به کل روڪي نه سگهيو، سو ڪلاس کان ٻاهر نڪري ويو.” اهو ٻڌي مائي کلڻ لڳي.
“هڪ ڀيري وري هڪ ٽيچر هن جي بيعزتي ڪئي. ماسات مون کي چيو همراهه کان پلاند ڪرڻو آهي. پيپرن ۾ جنهن ڏينهن هن جي ڊيوٽي هوندي ان ڏينهن سڀني کان آخر ۾ اٿڻو آهي. اسان ٻئي سڄي ڪلاس کان اڳ پيپر ڪري اٿندا هئاسين. جنهن ڏينهن ان ٽيچر جي ڊيوٽي آئي، هروڀرو لکڻ جي رفتار ڍري ڪري ڇڏيسين. سڄو ڪلاس خالي ٿي ويو بس اسان ٻه آخري منٽ تائين ويٺا رهياسين. اسان واري ٽيچر کي وٽ پوندا رهيا، پر همراهه ڇا ٿي ڪري سگهيو قانوني طور اسان ٻن ڪلاڪن تائين پيپر ڪري پئي سگهياسين. جڏهن اٿاسين ته ٽيچر چيو: ڇورا وڏا حرامي آهيو. اسان ٽهڪ ڏيندا ڪلاس مان نڪري آياسين. منهنجي ماسات کي ڪتاب پڙهڻ جو شوق هو، ڏينهن رات پيو ڪتاب پڙهندو هو. اڪثر چوندو هو: دنيا ۾ ايترا ته عظيم ڪتاب لکيا ويا آهن جن کي پڙهڻ لاءِ هي حياتي مختصر ٿي ڀانئجي! هو هر سال موڪلن ۾ مون کان ٽرين جو سفر ڪرائيندو هو ۽ ان سفر دوران ڪتاب پڙهندو رهندو هو. جڏهن ته مون کي ڪتاب پڙهڻ ۾ ڪا به دلچسپي ڪونه هوندي هئي. پنج سال اڳ هو بلڊ ڪينسر جي ڪري گذاري ويو ۽ مون کي هن ظالم دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو، ان ڏينهن کانپوءِ مون کلڻ ئي ڇڏي ڏنو، سندس بنا، بس زندگي جا ڏينهن پورا ڪرڻ لڳس. هڪ ڏينهن هن جا ڪتاب کڻي رهيو هئس جو ڪنهن ڪتاب مان هڪ پوسٽ ڪارڊ مليو، ان تي لکيل هو: دنيا ۾ ايترا ته عظيم ڪتاب لکيا ويا آهن جن کي پڙهڻ لاءِ هي حياتي مختصر ٿي ڀانئجي! اڃان به ڪيترا ئي عظيم ڪتاب آهن جن کي مان پڙهي نه سگهيو آهيان. اهو پوسٽ ڪارڊ پڙهي منهنجون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون ۽ هن جو هڪ هڪ ڪتاب کڻي ان کي چمڻ لڳس. ان وقت خيال آيم ته هن جيان مان به ٽرين جو سفر ڪندس ۽ سفر دوران ڪتاب پڙهي سندس خواهش پوري ڪندس.” هن ڳالهائڻ بس ڪيو. دٻي ۾ ماٺ ڇانئجي وئي.
ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ٽرين هڪ اسٽيشن تي بيٺي، هو سگريٽ ڇڪڻ لاءِ هيٺ لهي ويو، سگريٽ ڇڪي وريو ته دٻي ۾ هڪ ٻيو همراهه به ويٺل هو. ان جي منهن تي گهاٽي ڪاري ڏاڙهي هئي ۽ سندس وڏيون اکيون سرمي سان ڀريل هيون، کيس مٿي تي ڪارو پٽڪو پهريل هو. هو ڪاري ٿيلهي کي سيني سان ائين لايو ويٺو هو ڄڻ ان جي ڦرجي وڃڻ جو ڀئو هجيس. ڪنهن به ڪنهن سان ڪونه ڳالهايو، هو ڪتاب پڙهڻ لڳي ويو، ٽرين هلي پئي. ڏاڙهي وارو همراهه چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳو:
“انا لله و انا اليه راجعون (اسين تنهنجا آهيون ۽ تو ڏانهن ئي ورڻا آهيون).” جيئن ئي ٽرين رفتار پڪڙي ته هن تيز تيز چوڻ شروع ڪيو:
“انا لله و انا اليه راجعون…. انا لله و انا اليه راجعون…”
سندس اهڙي حالت تي باقي ٻن کي حيراني ۽ پريشاني ٿي، پر هو کيس نظر انداز ڪري ڪتاب پڙهندو رهيو.
“الله اڪبر…” دٻي ۾ ان رڙ کانپوءِ هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو ۽ هر پاسي باهه لڳي وئي. دٻي مان هڪ ٿلهو ڪتاب ٻاهر وڃي ڪريو ۽ ان ۾ رکيل پوسٽ ڪارڊ هوا ۾ اڏامڻ لڳو، ان پوسٽ ڪارڊ تي لکيل هو:
“دنيا ۾ ايترا ته عظيم ڪتاب لکيا ويا آهن جن کي پڙهڻ لاءِ هيءَ حياتي مختصر ٿي ڀائنجي! اڃان به ڪيترائي عظيم ڪتاب آهن جن کي مان پڙهي نه سگهيو آهيان.”
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟