مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

صوبن ۾ نفرت جا ٻج ڇٽڻ سان وفاق ڪمزور ٿي ويندو

Tufail Magsi

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ لومڙيءَ جيان چالاڪ آهي، جنهن پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ پنهنجيون چالاڪيون استعمال ڪندي پنجاب جي ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو خوف پيدا ڪري ڇڏيو ته پنجاب جي ترقي ۽ ڀلائي ٻين قومن/صوبن جي استحصال سان ئي ممڪن آهي ۽ جنهن ڏينهن ٻين صوبن کي قرارداد پاڪستان جي تحت خود مختياري ملي ته پنجاب مڪمل تباھ ٿي ويندو ۽ انهيءَ استحصال کي اسلام جي پويتر مذهب جي نالي تي پنجاب جو جائز حق مڃرايو ويندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ اسلام ڪنهن جي به حق تي ڌاڙي هڻڻ يا ڦرلٽ جي خلاف منع ڪئي آهي. اهڙيءَ ريت اهو خوف ۽ ٻين قوميتن کان شديد نفرت هن وقت سينٽرل پنجاب جي ماڻهن جي رت ۾ شامل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اهي صوبائي خود مختياري جو نالو ٻڌندي ئي سڪرات ۾ پئجي وڃي ٿو.
پنجاب جيڪو وفاق جي اوٽ ۾ بلوچستان جي گئس جي سمورن ذخيرن کي هڙپ ڪري چڪو آهي، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گئس جي ذخيرن ۾ سنڌ جو حصو 78سيڪڙو آهي، پر سنڌ جا ماڻهو مال جو ڇيڻو ٻارڻ تي مجبور آهن. پنجاب ۾ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي وسيلي انهيءَ خوف کي اڃان به مضبوط ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن صوبن کي انهن جي وسيلن تي اختيار ڏنو ويو ته پنجاب جنهن جي صنعتن جو چرخو سنڌ جي بجلي ۽ گئس سان هلي ٿو، اهو هڪدم ٺپ ٿي ويندو. حقيقت ۾ انهيءَ قسم جو تاثر منافقي ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي. ڇاڪاڻ ته ائين قطعي ناهي، فرض ڪيو جيڪڏهن صوبن کي صوبائي خود مختياري ڏني وئي، بجلي، گئس سميت صوبا پنهنجن وسيلن تي بااختيار ٿي ويا، ان صورت ۾ سنڌ جيڪا پنهنجي ضرورت کان پنج ڀيرا وڌيڪ بجلي پيدا ڪري رهي آهي، اها واڌو بجلي وري به پنجاب کي ئي ڏيندي. هن وقت پنجاب صوبن جا وسيلا استعمال ڪري انهن جي قيمت وفاق کي ڏئي رهيو آهي، صوبائي خود مختياري کانپوءِ ساڳي قيمت يا انهيءَ کان به گهٽ قيمت پنجاب صوبن کي ادا ڪندو. اهڙي قسم جي روش سان ڇا ٿيندو ته صوبن ۾ ميٺ ۽ محبت به وڌندي ۽ جيڪي پاڪستان جي قيام کان وٺي هن ملڪ ۾ نفرتن جا ٻج ڇٽيا ويا آهن انهن جو به خاتمو ٿي سگهي ٿو. ٻئي پاسي صوبائي خود مختياري کانپوءِ صرف ننڍا صوبا ئي مختلف جنسون/وسيلا پنجاب کي وڪرو ڪندا. جڏهن ته پنجاب به پنهنجا واڌو وسيلا جيئن ڪڻڪ ۽ ٻيون زرعي جنسون وغيره اهي ٻين صوبن کي وڪرو ڪندا. سڄي دنيا ۾ صوبائي خود مختياري جو اهوئي اصول آهي، ڪجھه ملڪن ۾ صوبا/رياستي وسيلن جي 80 سيڪڙو تي مالڪ آهن ۽ 20 سيڪڙو وسيلن تي وفاق جو حق آهي، ڪٿي اهو تناسب 10سيڪڙو به آهي، ضرور پاڪستان ۾ به صوبائي خود مختياري جي صورت ۾ صوبن کي انهن جي وسيلن تي سئو سيڪڙو حق ته نه ڏنو ويندو، بلڪه ان ۾ ڪجھه 20-80 جو تناسب رکيو ويندو. ڪاش جيڪڏهن اسان جو وفاق بنگال جي عليحدگي کانپوءِ هوش ۾ اچي ها ۽ اهو غير منصفاڻي ورهاست ۽ استحصال جو قانون ختم ڪري برابري واري ورهاست ۽ صوبن کي سندن جائز حق ڏيڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ها ته اڄ بنگال اسان کان ائين ڌار نه ٿي وڃي ها. وفاق اتي ته بريڪ نه هنئي، بلڪه هاڻي ته اڃان به ملڪ سان وڏي گيم کيڏي رهيو آهي، يعني ٽن صوبن جي وسيلن تي زبردستي قبضو ڪرڻ لاءِ صوبن جي اندر صوبا ٺاهڻ جي پٺيان پئجي ويو آهي. اهڙي قسم جي روش انهن فردن کي ته فائدو ڏئي سگهي ٿي، جيڪي ملڪ سان يا ملڪ جي عوام سان ڪڏهن وفادار ناهن رهيا، حقيقت ۾ اهي وفاق جي اندر بنگال جيان ڏارون وجهڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ڪابه قوم پنهنجي صدين جي سڃاڻپ تان هٿ نه کڻندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو