اوائلي انسانن جي وجود جا نمونا Fossils آفريڪا کنڊ ۾ ملن ٿا. هو اڄ کان ٻه کان ڇهه ملين سال اڳ اتي رهندا هئا. هن وقت تائين سائنٽسٽ ان ڳالھه تي متفق آهن ته انسانن جي ارتقا پندرهن کان ويهن اسپيشيز تائين پنهنجو سفر ڪيو آھي. هزارين سالن جي هن سفر ۾ عقلمند انسان پنهنجي هوشياريءَ جي ڪري گهٽ عقل واري تي پنهنجون سٺيون ۽ خراب سوچون، ڳالهيون ۽ عملَ ٿاڦيندو رهيو آهي. اڄ به پوري دنيا تي هڪ نظر ڦيرائبي ته وڌيڪ عقل وارا ملڪ مختلف حُربا استعمال ڪري ٻين ملڪن کي گهٽ عقل وارو ۽ غلام سمجهي ٽريٽ ڪن ٿا.