سوشل ميڊيا: ڪوڙ، گمراهي ۽ نفرت جو زهر
Dr Muhammad ilyas Bhutto اسڪالر، تعليمدان، ليکڪ
پي.ايڇ.ڊي اقراءَ يونيورسٽي، ايم.فل ڊگري ۾ فرسٽ پوزيشن/گولڊ ميڊلسٽ، SPSC مان 2nd pos. حاصل ڪئي. هن وقت GBDC سيوھڻ ۾ پنهنجون تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. 13 ڪتابن ۽ 12 بين الاقوامي تحقيقي مقالن جا مصنف.
تعارف: روشنيءَ جي رفتار سان ڊوڙندڙ ڪوڙ:
هڪ زمانو هو جڏهن ڪوڙ کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ لاءِ ڏينهن, هفتا يا مهينا لڳندا هئا. اڄ ساڳيو ڪوڙ آڱر جي هڪ هلڪي ڇهاءَ سان اک ڇنڀ ۾ دنيا جِي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي وڃي ٿو. اسان اهڙي دور ۾ جِي رهيا آهيون، جتي معلومات جي کوٽ نه آهي، پر ڏاهپ، بصيرت ۽ سچ جِي سڃاڻپ جو فقدان آهي. هر سمارٽ فون ڄڻ ته هڪ ڇاپخانو بڻجي ويو آهي ۽ هر صارف دانسته يا غير دانسته طور هڪ اشاعتي ادارو بڻيل آهي، جتي موبائيل فون تي هلندڙ سماجي رابطن جِي ميڊيا جهڙوڪ: فيس بوڪ، يُوٽِيوب، اِنسٽاگرام، ٽِڪ ٽاڪ، واٽس ايپ، ايڪس (ٽوِيٽر)، لِنڪڊ اِن وغيره دنيا جي کربين ماڻهن کي هڪٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ سڄي دنيا کي سُڪيڙي هڪ “عالمي ڳوٺ” بڻائي ڇڏيو آهي، اتي سوشل ميڊيا ڪُوڙ، تعصب، نفرت ۽ ڪاوڙ کي روشنيءَ جي رفتار سان فروغ ڏئي انسانن کي اڪيلو پڻ ڪري رهي آهي. گمراهه ڪندڙ معلومات (پروپيگنڊا) رڳو غلط ڄاڻ جو نالو نه آهي، پر اها هڪ اهڙي سوچيل سمجهيل حڪمت عملي آهي، جنهن جو مقصد حقيقتن کي مسخ ڪرڻ، ماڻهن جي احساسن سان کيڏڻ، عوامي راءِ کي پنهنجي مرضيءَ موجب موڙڻ ۽ سماج ۾ بي اعتمادي پيدا ڪرڻ هوندو آهي. پروپيگنڊا بلڪل اهڙي آهستي اثر ڪندڙ زهر وانگر آهي، جيڪو ڪنهن شهر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ ملايو ويو هجي. ان ڪري ماڻهو گهڻي وقت تائين پنهنجي بيماريءَ کان بي خبر رهندا آهن، پر جڏهن انهن جي دلين ۾ شڪ، نفرت ۽ بي اعتمادي گهر ڪري ويندا آهن، ته پوءِ ان زهر جا اثر گهر گهر ۾ ظاهر ٿيندا آهن.
تاريخ جا سبق: ڪوڙ اقتدار جو اهم هٿيار آهي: تاريخ اسان کي بار بار ياد ڏياريندي رهي آهي ته ڪوڙ هميشه اقتدار ۽ طاقت جي ايوانن جو هڪ خطرناڪ هٿيار رهيو آهي. چرچ جي اثر هيٺ يورپ ۾ 15 هين کان 18 هين صدي دوران جادو ۽ ڏائڻين جي نام نهاد ڏند ڪٿائن جي آڙ ۾ عدالتي مقدمن اندر بيڏوهي (ذهني بيمار) عورتن ۽ مردن کي زنده ساڙڻ، سر قلم ڪرڻ، ڦاهي تي چاڙهڻ ۽ سموري ملڪيت ضبط ڪرڻ جهڙيون سخت سزائون ڏنيون وينديون هيون. 16 هين کان 20 هين صدي دوران برطانيه ۽ يورپ جي نو آبادياتي نظام هيٺ نام نهاد تهذيبي، ثقافتي ۽ تعليمي سڌارن جي پروپيگينڊا (Colonial Propaganda) هيٺ دنيا جي ٪90 ملڪن (٪25 دنيا جي ايراضي ۽ 200 ملڪن مان 178 ملڪن، قومن ۽ علائقن) تي سياسي تسلط ۽ سندن وسيلن جي ڦُرلٽ ۽ استحصال کي نه رڳو جائز، پر ناگزير پڻ قرار ڏنو ويو. ساڳي ريت 20 هين صدي ۾ جرمنيءَ جي ڊڪٽيٽر هِٽلر جي ساٿي جوزف گوئبيلس اهو اعلان ڪيو ته هڪ ڪُوڙ جڏهن مسلسل ۽ بار بار دُهرايو ويندو آهي ته اهو سچ بڻجي ويندو آهي. هٽلر جو “وڏي ڪُوڙ” (Big Lie) جو تصور وقوفي سائنس ۾ “ڪُوڙو سچ” (Illusory Truth Effect) سڏبو آهي. هن مطابق عوام هڪ ننڍي ڪُوڙ بدران هڪ تمام وڏي ڪُوڙ کي آسانيءَ سان قبول ڪندا آهن، ان ڪري هٽلر پهرين عالمي جنگ دوران جرمني جي شڪست جو سڄو ملبو سندن کاٻِي ڌر ۽ يهودين جي مٿان “پٺيءَ ۾ ڇرو هڻڻ” جي هٿ ٺوڪي الزام سان مٿن ٺوڪي ڇڏيو. ان دور ۾ حڪومت جِي ڪُوڙِي پروپيگنڊا ٽپال گهرن، ريڊيو اسٽيشنن ۽ اخبارن وسيلي منڊي ماڪوڙي جي رفتار سان هلندي هئي، پر اڄ اها هڪ سمارٽ فونن ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن وسيلي کن پلڪ ۾ دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ تائين پهچي وڃي ٿي!
الگورٿم جي دنيا: جتي جذبا سچ کان وڌيڪ قيمتي آهن: سوشل ميڊيا جا پليٽ فارم انسانيت کي هڪٻئي سان ويجهو آڻڻ جي واعدي سان وجود ۾ آيا هئا، پر ڪيترين ئي حالتن ۾ انهن خوف کي جهالت سان، تعصب کي جذبات سان ۽ ڪُوڙ کي بي مثال رفتار سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. اسان جا ڊجيٽل دنيا تي حڪمراني ڪندڙ الگورٿم ڪڏهن به اهو نٿا پُڇن ته ڪا پوسٽ سچي آهي يا ڪُوڙي؛ انهن لاءِ فقط هي سوال اهم هوندو آهي ته، “ڇا ماڻهو هِن پوسٽ تي ڪو ردِ عمل ڏيندا؟” سوشل ميڊيا صارفين جِي ڪاوڙ، خوف، سنسني ۽ اشتعال اُن پوسٽ جي وڌيڪ ڪِلڪن، وڌيڪ شيئرن ۽ وڌيڪ مشاهدي جي وقت سبب سندن مالڪن جي وڌيڪ منافعي جو سبب بڻجن ٿا. جڏهن ته سچ، جيڪو وڌيڪ خاموش، متوازن ۽ پيچيده هوندو آهي، ان شور ۾ ڪٿي گم ٿي ويندو آهي! سچ هميشه صبر، تحقيق ۽ دليل جو طلبگار هوندو آهي. جڏهن ته ڪوڙ جذبات کي سڌيءَ ريت مخاطب ڪندو آهي. ان ڪري ماڻهو گهڻو ڪري اهڙي خبر تي جلدي يقين ڪري وٺندا آهن، جيڪا سندن اڳواٽ قائم ڪيل خيالن يا جذبن سان ٺهڪي اچي.
جڏهن ڊجيٽل ڪوڙ انساني الميي ۾ بدلجي وڃي ٿو: جڏهن ڪوڙ کي جديد ٽيڪنالاجيءَ وسيلي روشني جي رفتار ملي وڃي ٿي، تڏهن ان جا نتيجا رڳو آن لائين دنيا تائين محدود نٿا رهن، پر حقيقي دنيا اندر گوشت پوشت جا انسانَ ۽ سماج سڌيءَ ريت متاثر ٿين ٿا. اهڙا نتيجا ڪڏهن ڪڏهن انسانيت ۽ انسانن جي تباهي جو باعث ٿيندا آهن. ميانمار ۾ سوشل ميڊيا تي هزارين ٺهيل ڪُوڙيون خبرون ۽ نفرت سان ڀريل پوسٽون وڏي پيماني تي ڦهلايون ويون، جن ۾ روهنگيا جي مسلمانن کي ملڪ جا خطرناڪ دشمن ۽ قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو. انهن ڪوڙن بيانن عوام ۾ خوف، شڪ، تعصب ۽ مذهبي نفرت کي ايترو ته وڌايو، جو آخرڪار اهڙو ماحول پيدا ٿيو، جنهن ۾ وڏي پيماني تي تشدد، قتلِ عام، ڳوٺن کي باهيون ڏيڻ ۽ لکين بيگناهه ماڻهن جي جبري لڏپلاڻ جهڙا واقعا رونما ٿيا، جيڪي ڪُوڙا پيغام شروعات ۾ فقط موبائل فونن جي اسڪرينن تي نظر اچي رهيا هئا، سي ٿوري ئي عرصي ۾ سڙندڙ ڳوٺن، اجڙيل گهرن ۽ پناهگيرن جي ڪئمپن مان سڏڪا بڻجي گونجڻ لڳا. ميانمار جو هي المناڪ واقعو اسان کي ان خوفناڪ حقيقت جي باري ۾ آگاهه ۽ خبردار ڪري ٿو ته جڏهن ڪوڙ کي ٽيڪنالاجيءَ جي طاقت ملي وڃي ٿي ته اهو گولين کان به وڌيڪ خطرناڪ هٿيار بڻجي وڃي ٿو. ڪُوڙي پروپيگنڊا جا دردناڪ نتيجا رڳو ميانمار تائين محدود نه رهيا آهن؛ دنيا ڪيترائي ڀيرا اهڙا منظر ڏسي چڪي آهي. ڪووڊ-19 جِي عالمي وبا دوران سوشل ميڊيا تي پڻ اهڙا بي بنياد افواهه پکيڙيا ويا جن جي نه اڳياڙي هئي، نه پڇاڙي، پر انهن لکين ماڻهن جِي سوچ، رويي ۽ عمل تي ناڪاري اثر ڇڏيا. مثال طور: ڪووِڊ ويڪسين ماڻهن جي جسم ۾ مائڪرو چِپ داخل ڪرڻ جو بهانوآهي؛ اِها انساني ڊي اين اي کي تبديل ڪري ٿي؛ اها مردن توڙي عورتن کي سَنڍ (Infertile) بڻائڻ جو بهانو آهي، وغيره. اهي بي پاڙا ڪُوڙَ لاڳاپيل سائنسي حقيقتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان پکڙجندا رهيا. ڪيترن ئي ملڪن ۾ مستند ڊاڪٽرن ۽ سائنسدانن جي صلاحن تي اعتبار ڪرڻ بدران ماڻهن ڪُوڙين وائرل وڊيوز تي يقين ڪيو ۽ زندگيون بچائيندڙ ويڪسين لڳرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ نه رڳو مونجهارو پيدا ٿيو، پر بيشمار اهڙين بيمارين، اذيتن ۽ موتن جنم ورتو، جن کان آسانيءَ سان بچي سگهجي پيو. ڏکڻ ايشيا ۾ به واٽس ايپ تي پکڙيل ڪوڙن پيغامن ڪيترن ئي بيگناهه ماڻهن جي جان ورتي. ڀارت ۾ ٻارن جي اغوا بابت افواهن مشتعل هجوم کي اهڙي حد تائين پهچايو، جو ڪيترن معصوم ماڻهن کي بنا ڪنهن ڏوهه جي قتل ڪيو ويو. مڇريل عوام ۽ سرڪاري عملدارن پاران ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جهڙا واقعا اسان جي سامهون آهن. اهي واقعا ٻڌائين ٿا ته آن لائين ڪوڙ گهڻو ڪري آف لائين المين ۾ تبديل ٿي ويندو آهي.
جمهوريت، اعتماد ۽ سماجي هم آهنگيءَ لاءِ خطرو: گمراهي ۽ ڪُوڙِي پروپيگنڊا جي وبا فقط انهن ملڪن تائين محدود نه رهي آهي، جتي جمهوريتون ڪمزور آهن ۽ ادارا غير مستحڪم آهن.آمريڪا ۾ 2016ع جي صدارتي چونڊن دوران محققن اهو انڪشاف ڪيو ته جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽن، گمراهه ڪندڙ سياسي اشتهارن ۽ منظم ڊجيٽل پروپيگنڊا جي انيڪ سازشن ذريعي عوامي راءِ تي اثرانداز ٿيڻ ڪوشش ڪئي وئي. هن واقعي دنيا کي اهو احساس ڏياريو ته جديد جمهوريتون به ڊجيٽل هٿيارن جي سامهون ڪيتريون نه ڪمزور ٿي سگهن ٿيون. گمراهه ڪندڙ معلومات جا اثر صرف موبائل فونن يا ڪمپيوٽرن جي اسڪرينن تائين محدود نٿا رهن، پر اهي گهرن، گهٽين، اسپتالن، اسڪولن، عدالتن ۽ پارليامينٽن تائين پهچي وڃن ٿا. خاندان جا ڀاتي هڪ ئي ڇت هيٺ رهندي به مختلف ڊجيٽل حقيقتن ۾ ورهائجي وڃن ٿا ۽ چونڊون شفافيت وڃائڻ لڳن ٿيون.
انساني نفسيات ۽ ڪوڙ جي ڪاميابي: آخر تعليم يافته ماڻهو به ڪوڙ جو شڪار ڇو ٿين ٿا؟ ان جو جواب انساني نفسيات ۾ لڪل آهي. انسان فطري طور انهن ڳالهين تي وڌيڪ يقين ڪندو آهي، جيڪي سندس اڳواٽ قائم ٿيل عقيدن، خواهشن يا خوفن سان هم آهنگ هجن. تصديقي تعصب، جذباتي دليل ۽ قبيلائي وفاداري اهڙيون نفسياتي ڪمزوريون آهن، جن کي سوشل ميڊيا جون گمراهه ڪندڙ مهمون وڏي مهارت سان استعمال ڪن ٿيون. ان کان علاوه مضبوط معاشي مفادن جا ڏٽا به ڪوڙ جا ڀرجهلا ٿي بيهن ٿا. جعلي سيڙپڪاري، ڪوڙا خيراتي فنڊ، مالي فراڊ ۽ سنسني پيدا ڪندڙ مواد ماڻهن جي ڌيان کي واپار بڻائي ڇڏيو آهي. اڄ ڊجيٽل دنيا ۾ ڌيان ئي سڀ کان قيمتي ڪرنسي بڻجي ويو آهي. عوامي صحت ان وقت خطري ۾ پئجي وڃي ٿي، جڏهن ڪوڙِيون طبي صلاحون ڀروسي وارِي سائنسي تحقيق کان وڌيڪ تيزيءَ سان پکڙجن ٿيون؛ يا وري بيگناهه ماڻهو هزارين اڻڄاتل ۽ گمراهه ماڻهن جي نفرت جو نشانو بڻجن ٿا. ڇاڪاڻ ته ماڻهن لاءِ تحقيق ڪرڻ کان اڳ فيصلو ڪرڻ وڌيڪ آسان بڻجي وڃي ٿو؛ پوريون برادريون بدنام ڪيون وڃن ٿيون، ڇو ته ڪُوڙ اڪثر جذبن ۽ احساسن کي وڌيڪ مطمئن ڪري ٿو، جڏهن ته سچ گهڻو پيچيده ۽ صبر طلب هوندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ شگر، بلڊپريشر، هيپاٽائيٽس، ڪينسر ۽ فالج وغيره جا مريض عطائي حڪيمن، هوميوپيٿڪ ڊاڪٽرن ۽ ڪُوڙن مرشدن وغيره جي ور چڙهي پنهنجِي صحت ۽ ناڻي کي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. ياد رکو ته جيڪو عطائي حڪيم، ڊاڪٽر يا مرشد پاڻ بيمار ٿيڻ تي سٺين اسپتالن ۾ وڃي علاج ڪرائي ٿو ان کان ڪنهن به مرض جي دوا يا دعا وٺڻ “مُلهه ڏئي مرگهِي وٺڻ” برابر آهي. جڏهن ماڻهو صحافين، استادن، سائنسدانن، عدالتن ۽ ٻين ادارن تي اعتماد وڃائي ويهن ٿا، تڏهن سماج اندروني طور ٽٽڻ لڳي ٿو. جمهوريت ڄاڻ رکندڙ شهرين کان سواءِ زنده نٿي رهي سگهي، انصاف ثبوتن کانسواءِ قائم نٿو رهي سگهي ۽ سائنس اعتماد کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي.
مصنوعي ذهانت: سچ لاءِ نئون امتحان: هاڻي مصنوعي ذهانت (AI) هن مسئلي کي هڪ نئين ۽ وڌيڪ اونداهي مرحلي ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. اهڙا جعلي آواز، وڊيوز ۽ تصويرون تيار ڪرڻ ممڪن ٿي ويو آهي، جن کي حقيقي ۽ مصنوعي لحاظ کان الڳ ڪرڻ تقريبن ناممڪن بڻجي ويو آهي! تازن سالن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي چونڊ مهمن دوران مصنوعي ذهانت سان تيار ڪيل ڪيتريون ئي وڊيو ۽ آڊيو رڪارڊنگون سامهون آيون آهن، جن ۾ سياسي اڳواڻن کي اهڙا بيان ڏيندي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪي هنن ڪڏهن به نه ڏنا هئا. اهڙا ڊيپ فيڪس (Deep fakes) رڳو ماڻهن کي گمراهه نٿا ڪن، پر سچائيءَ جي بنيادن کي ئي لوڏي ڇڏين ٿا. ڇاڪاڻ ته اصل ۽ نقل ۾ فرق ڪرڻ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي.
ٽيڪنالاجي: مسئلو يا موقعو؟: تنهن هوندي به، ٽيڪنالاجي پنهنجو پاڻ دشمن نه آهي. ساڳيا سوشل ميڊيا پليٽ فارم، جيڪي ڪوڙ کي تيزيءَ سان پکيڙين ٿا، اهي علم، همدردي ۽ انسانيت جي خدمت جا وسيلا به بڻجي سگهن ٿا ۽ بڻجي رهيا آهن. زلزلي، ٻوڏن ۽ ٻين انساني بحرانن دوران سوشل ميڊيا ڪيترن ئي خاندانن کي پنهنجن وڇڙيل پيارن سان ملائڻ ۾ مدد ڪئي آهي. ان رضاڪار تنظيمن کي امدادي سرگرمين لاءِ منظم ڪيو آهي ۽ هنگامي حالتن ۾ بچاءُ واريون ٽيمون مختصر وقت ۾ متحرڪ ٿيون آهن. آن لائين تعليمي مواد ڏورانهن علائقن تائين پهتو آهي ۽ سماج جي نظرانداز ٿيل طبقن کي پنهنجو آواز دنيا تائين پهچائڻ جو موقعو مليو آهي. ماضيءَ وانگر هتي به مسئلو اوزار ۾ ناهي؛ مسئلو ان اخلاقي نيت ۽ خال ۾ آهي، جنهن سان ان جو استعمال ڪيو وڃي ٿو.
نتيجو: سچ جي حفاظت اسان سڀني جِي ذميوارِي آهي: گمراهه ڪندڙ ۽ نفرت پکيڙيندڙ معلومات جي باهه کي روڪڻ جي ذميواري اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. حڪومتن جو اهو فرض آهي ته اهي اظهار جي آزاديءَ کي محفوظ رکندي، گمراهه ڪندڙ منظم مُهمن خلاف شفاف ۽ منصفاڻا قانون جوڙين. ٽيڪنالاجي ڪمپنين کي اهڙا الگورٿم تيار ڪرڻ گهرجن، جيڪي اشتعال ۽ نفرت بدران ساک، سچائي ۽ اعتبار کي هٿي ڏين. اسڪولن ۽ يونيورسٽين اندر رياضي ۽ ٻولين سان گڏ ميڊيا لٽريسي به هڪ لازمي مضمون طور پڙهائڻ گهرجي، جيئن شاگرد سچِي ۽ ڪوڙِي معلومات ۾ فرق ڪرڻ سکِي سگهن. صحافين کي به سنسني خيزيءَ بدران تصديق، تحقيق ۽ ذميوار صحافت جي روايتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گهرجي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته عام شهرين کي ذهني انڪساريءَ جي اها وسريل خوبي ٻيهر حاصل ڪرڻي پوندي، جيڪا کين اهو چوڻ جي همت ڏئي ٿي: “ممڪن آهي ته مان غلط هجان.” جڏهن سماج جا ماڻهو پنهنجي راءِ کي آخري سچ سمجهڻ بدران تحقيق، دليل ۽ مڪالمي کي اهميت ڏيندا، ته ان صورت ۾ اختلاف نفرت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچي سگهندا. سوشل ميڊيا پنهنجو پاڻ ۾ نه جنت آهي ۽ نه دوزخ؛ اها رڳو هڪ آئينو آهي، جنهن ۾ اسان پنهنجي فڪر، اخلاق ۽ ڪردار جو عڪس ڏسي سگهون ٿا. جيڪڏهن ان آئيني ۾ سچ، انصاف، همدردي ۽ ذميواريءَ جو چهرو نمايان ٿيندو ته اها انسانيت جي ترقيءَ جو ذريعو بڻجندي؛ پر جيڪڏهن ان ۾ ڪوڙ، تعصب، نفرت ۽ لالچ غالب ٿي ويا ته اهائي ٽيڪنالاجي انساني تهذيب کي کوکلو ڪري ڇڏيندي. تنهنڪري اسان مان هرهڪ کي گهرجي ته “شيئر” واري بٽڻ کي دٻائڻ کان اڳ هڪ لمحو ضرور سوچيون. حقيقت جِي رڳو هڪ ڀيرو تصديق ڪرڻ شايد اسان کي ڪيترن ئي سالن جي غلط فهمين، نفرتن ۽ المين کان بچائي سگهي ٿي. هر فارورڊ ٿيل پيغام اسان جي اخلاقي ذميواري آهي ۽ هر لائيڪ، تبصرو يا شيئر ان ڊجيٽل دنيا جي تعمير ۾ پنهنجو حصو وجهي ٿو، جنهن ۾ اسين سڀ گڏجي رهون ٿا.
حوالا:
United Nations Educational, Scientific and Cultural Organization. (2021). Journalism, fake news & disinformation: Handbook for journalism education and training (2nd ed.). UNESCO. https://unesdoc.unesco.org/ark:/48223/pf0000377231
World Health Organization. (2022). Infodemic management: An overview of infodemic management during COVID-19, January 2020–May 2021. World Health Organization. https://www.who.int/publications/i/item/9789240048343
Cass R. Sunstein. (2018). #Republic: Divided democracy in the age of social media. Princeton University Press.
Sander van der Linden. (2022). Foolproof: Why misinformation infects our minds and how to build immunity. W. W. Norton & Company.
Sinan Aral. (2020). The hype machine: How social media disrupts our elections, our economy, and our health—and how we must adapt. Currency.
Claire Wardle, &Hossein Derakhshan. (2017). Information disorder: Toward an interdisciplinary framework for research and policymaking. Council of Europe.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟