مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ جو نوجوان ميرٽ جو متاثر

Rasheed Ahmed Sasoli

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي ڌرتيءَ تي اڄ سڀ کان وڏو الميو غربت نه، پر غريب جي اميدن جو قتل آهي. هتي نوجوانن وٽ ڊگريون آهن، اکين ۾ خواب آهن، دلين ۾ اميدون آهن ۽ هٿن ۾ محنت ڪرڻ جي سگهه آهي، پر افسوس جو روزگار جا دروازا انهن لاءِ اڃان تائين کليل نظر نٿا اچن. سنڌ اڄ هڪ اهڙي سنگين مسئلي کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن لکين نوجوانن جي مستقبل کي اونداهو ڪري ڇڏيو آهي. اهو مسئلو آهي سرڪاري نوڪرين جي ميرٽ بدران پئسن، سفارش ۽ رشوت جي بنياد تي ورهاست ٿيڻ جون شڪايتون. هڪطرف سنڌ جو نوجوان سالن جا سال محنت ڪري تعليم حاصل ڪري ٿو، ڊگريون وٺي ٿو، امتحان ڏئي ٿو، انٽرويوئن ۾ شرڪت ڪري ٿو ۽ نوڪريءَ جي اميد ۾ در در جا ڌڪا کائي ٿو ته ٻئي طرف اهڙيون شڪايتون سامهون اچن ٿيون ته نوڪريون قابليت بدران پئسن ۽ سفارشن ذريعي حاصل ڪيون پيون وڃن. آخر هن نوجوان جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ ڇا غريب جو ٻار تعليم حاصل ڪرڻ باوجود روزگار جو حقدار ناهي؟ ڇا سرڪاري نوڪري صرف انهن ماڻهن لاءِ آهي، جن وٽ لکين رپيا آهن يا جن جي پٺيان ڪا وڏي سفارش بيٺل آهي؟ سنڌ جو نوجوان پنهنجي والدين جي خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ٿو. پيءُ پنهنجي پورهئي جي ڪمائي مان پٽ ۽ ڌيءَ کي پڙهائي ٿو، ماءُ پنهنجي اولاد جي روشن مستقبل لاءِ دعائون گهري ٿي، پر جڏهن اهو نوجوان ڊگريون هٿ ۾ کڻي نوڪريءَ جي تلاش ۾ نڪري ٿو ته کيس ڪڏهن سفارش، ڪڏهن رشوت ۽ ڪڏهن ٻين رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هڪ غريب ۽ پورهيت خاندان جو نوجوان آخر لکين رپيا ڪٿان آڻي، جيڪڏهن نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ پئسا ڏيڻا پون؟ جنهن گهر ۾ ٻه وقت جي ماني مشڪل سان پوري ٿئي ٿي، اهو خاندان پنهنجي اولاد جي روزگار لاءِ لکين رپيا ڪٿان آڻيندو؟ افسوس جو هن سڄي صورتحال ۾ رڳو چونڊيل نمائندن کي ئي ذميوار قرار ڏئي نٿو سگهجي، پر انهن ڪامورن، بيوروڪريٽن ۽ سرڪاري اختيارين جي ڪردار تي به سنجيده سوال اٿن ٿا، جيڪي سرڪاري ڪرسين تي ويهي عوام جي امانت ۽ نوجوانن جي مستقبل جا محافظ بڻجڻ بدران مبينا طور طاقتور ڌرين جي مرضيءَ آڏو خاموش تماشائي بڻيل نظر اچن ٿا. آخر هڪ غريب نوجوان جي قسمت جا فيصلا ڪير ڪندو؟ اهو نوجوان، جنهن جو پيءُ سڄي عمر پورهيو ڪري پنهنجي اولاد کي پڙهائي ٿو، اهو جڏهن روزگار جي در تي پهچي ٿو ته کيس قابليت بدران سفارش ۽ پئسن جي ڳالهه ٻڌڻي پوي ٿي. ڇا رياست جي نظر ۾ غريب جو ٻار شهري ناهي؟ ڇا ان جي خوابن جي ڪا قيمت ناهي سڀ کان وڏو سوال انهن ادارن ۽ ذميوارن کان آهي، جن تي ميرٽ جي حفاظت ڪرڻ جي ذميواري آهي. جيڪڏهن نوڪريون واقعي پئسن عيوض وڪرو ٿي رهيون آهن ته پوءِ انهن خلاف شفاف جاچ ڇو نٿي ٿئي؟ نوڪرين جي ڀرتيءَ جو عمل عوام آڏو ڇو نٿو رکيو وڃي؟ ٽيسٽ، انٽرويو ۽ چونڊ جا نتيجا مڪمل شفاف ڇو نٿا بڻايا وڃن؟ سوال اهو آهي ته جيڪڏهن چونڊيل نمائندا عوام جي ووٽن سان اقتدار ۾ اچن ٿا ته ڇا کين اهو اختيار به ملي وڃي ٿو ته هو نوجوانن جي مستقبل جا فيصلا پنهنجي مرضيءَ سان ڪن؟ ۽ جيڪڏهن ڪامورا قانون ۽ ضابطن جا محافظ آهن ته پوءِ ميرٽ جي حفاظت ڪرڻ بدران خاموشي ڇو اختيار ڪن ٿا؟ فلسفي جي نظر ۾ ڪنهن به سماج جي حقيقي ترقي ان جي عمارتن، رستن ۽ وڏن منصوبن سان نه، پر ان جي انصاف واري نظام سان ماپي ويندي آهي. جنهن معاشري ۾ حق حاصل ڪرڻ لاءِ به دولت ۽ سفارش جي ضرورت پوي، اتي قانون ڪتابن ۾ ته زنده هوندو آهي، پر عملي طور انصاف دم ٽوڙيندو آهي. سنڌ جي نوجوانن کي ڪنهن جي احسان جي ضرورت ناهي. کين رڳو اهو حق گهرجي، جيڪو آئين ۽ قانون کين ڏئي ٿو. کين اهڙو نظام گهرجي، جتي نوڪريءَ جو فيصلو ڪنهن جي فون ڪال، سياسي سفارش يا مالي طاقت سان نه، پر ميرٽ ۽ قابليت سان ٿئي ياد رکڻ گهرجي ته سرڪاري نوڪري ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ناهي، اها عوام جي امانت آهي. ان تي پهريون حق ان نوجوان جو آهي، جيڪو تعليم، قابليت، محنت ۽ ميرٽ جي بنياد تي ان جو حقدار بڻجي ٿو. نوڪريون وڪرو ٿيڻ صرف هڪ نوجوان سان ناانصافي ناهي، پر پوري سماج جي مستقبل سان ظلم آهي. جڏهن قابل نوجوان بيروزگار رهجي وڃن ٿا ۽ نااهل ماڻهو سفارشن يا ناجائز ذريعن سان عهدن تي پهچي وڃن ٿا ته ادارن جي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي، تعليم يافته نوجوان مايوسيءَ جو شڪار ٿين ٿا ۽ سماج ۾ ناانصافيءَ جو احساس وڌي ٿو. اهڙي صورتحال نوجوانن کي مايوسي، ذهني پريشاني ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ کان بدظن ٿيڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي. اسان سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هڪ کان چار گريڊ جي سمورين ڀرتين جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، ڀرتين جو مڪمل رڪارڊ عوام آڏو رکيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن به چونڊيل نمائندي، ڪاموري يا ٻئي بااختيار شخص طرفان غير قانوني مداخلت ثابت ٿئي ته ان خلاف بنا ڪنهن سياسي فرق جي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ڇو ته نوجوانن جو مستقبل ڪنهن به اقتدار، عهدي يا سياسي مفاد کان وڌيڪ قيمتي اسان سنڌ حڪومت، لاڳاپيل کاتن، اينٽي ڪرپشن ادارن ۽ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته: سرڪاري نوڪرين جي ڀرتين جو مڪمل ۽ شفاف آڊٽ ڪرايو وڃي. نوڪرين ۾ رشوت ۽ پئسن جي ڏيتي ليتي جي شڪايتن جي غير جانبدار جاچ ڪئي وڃي. ميرٽ جي ابتڙ ٿيل ڀرتين خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. هر کاتي ۾ خالي پيل جاين جا تفصيل عوام آڏو رکيا وڃن. ٽيسٽ ۽ انٽرويو جا نتيجا شفاف نموني پڌرا ڪيا وڃن. غريب ۽ قابل نوجوانن کي بنا سفارش ۽ بنا رشوت جي روزگار جا برابر موقعا ڏنا وڃن. اسان ڪنهن به سياسي جماعت يا فرد جي مخالفت نٿا ڪريون، پر اسان جو مطالبو صرف انصاف، ميرٽ ۽ نوجوانن جي مستقبل جو تحفظ آهي. آخر ۾ سنڌ جي حڪمرانن کان هڪ سوال جيڪڏهن سنڌ جو پڙهيل لکيل نوجوان به پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي روزگار حاصل نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن ان جي ڊگري، قابليت ۽ محنت جي ڪا اهميت ناهي ته پوءِ ان کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي اميد ڏني وڃي سنڌ جا نوجوان خيرات نٿا گهرن، اهي پنهنجو جائز حق گهرن ٿا. کين نوڪريون تحفي ۾ نه ڏيو، پر سندن قابليت جو احترام ڪندي ميرٽ تي روزگار ڏيو. سنڌ جي نوجوانن کي مايوسي نه، اميد گهرجي؛ سفارش نه، ميرٽ گهرجي؛ رشوت نه، انصاف گهرجي! ميرٽ بچايو، نوجوانن جو مستقبل بچايو، سنڌ جو مستقبل بچايو!

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو