سنڌ جي مخالف ڌر عوام کان اها گهر ڪري ته انهن پ پ کي ووٽ ڏنو هاڻي ان جو احتساب ڇو نٿا ڪن؟
Shabir Khokharr تجزيه نگار، ليکڪ، ڪالم نويس، سينئر صحافي
ايم فل اسڪالر، شاعر، تجزيي نگار، نقاد، محقق، اٺ ڪتابن جو ليکڪ، مضمون نگار، ڪالم نويس.
سنڌ جي ورهاڱي واري بيانيي تي ھن وقت تائين سنڌ ۾ مخالف ڌر ڪابه منصوبابندي ڪرڻ، جدوجهد کي منظم ڪرڻ، ڪنھن حڪمت عملي جي تياريءَ لاءِ مڪالمو، مذاڪري جو بندوبست ڪرڻ بجاءِ رڳو انفرادي يا پارٽي بنياد تي پنھنجي سياست چمڪائڻ لاءِ بيان بازي تائين محدود ڏٺي وئي آهي. نتيجي ۾ ھڪ اڳواڻ خلاف سائبر ڪرائيم جي ايجنسي انڪوائري جو نوٽيس پڻ جاري ٿي چڪو آهي.
سوال اهو آهي ته سنڌ ۾ مخالف ڌر جون سياسي پارٽيون ڪنھن به مشڪل وقت ۾ جدوجهد لاءِ متحد ٿيڻ بجاءِ ڌار ڌار مھم ھلائڻ جي غلطي ڇو ٿيون ڪن؟ ماضيءَ جي تاريخ ۽ موجودہ صورتحال مان نٿو لڳي ته مخالف ڌر هن بحران کي روڪي سگھندي. جھڙي چالاڪيءَ منصوبابندي سان وفاقي حڪومت صوبا ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ھو ڪاميابيءَ سان ڪم ڪري سگھي ٿي، پر افسوس مخالف ڌر جي اڳواڻن وٽ اھڙو ڪوبه سياسي دفاع وارو عمل عقلمندي ۽ چالاڪيءَ سان ڪيل منصوبابندي نظر نه پئي اچي، رڳو روايتي سياست چمڪائڻ لاءِ بيان بازيءَ واري احتجاج سان ڪجھه ڪونه ورندو. ھن دفعي مخالف ڌر کي اقتدار جي سياست سان اقتدار واري سياست جي اصولن تحت جدوجهد ڪرڻ سان ڪجھه حاصل ٿي سگهي ٿو.
هن وقت سنڌ ۾ وڪيل برادري منظم ۽ متحد ڏسجي ٿي، جيڪا ممڪن آهي ته ان بحران کي منهن ڏئي سگهي ۽ سنڌ لاءِ ڪجھه ڪري سگھي. باقي سياسي پارٽيون، سول سوسائٽي، ڪڏھن به متفق يا متحد نه ٿي سگهيون آهن ۽ نه ٿي سگھنديون ۽ نه ئي سنڌ لاءِ ڪجھه ڪري سگھن ٿيون. اهي رڳو مظلومن کي پنھنجي سياست چمڪائڻ لاءِ استعمال ڪري رھيون آھن.
ھڪڙي ھڪڙي سياسي پارٽي جن کي تڪ جي به نمائندگي حاصل ناهي اھي رڳو سياست چمڪائي سگھن ٿيون، باقي صوبائي تقسيم کي روڪي نه سگھنديون. سياست جي مڪاري سان منھن ڏيڻ لاءِ سنڌ جا جذبا ڪافي نه آھن، هن وقت سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين ۽ عوام کي متحد ٿيڻ کانسواءِ ڪوبه چارو ناهي . جيستائين پ پ وفاقي حڪومت جي حمايت تان ھٿ نٿي کڻي، سنڌ جي تقسيم جو خطرو موجود رھندو. تنھنڪري فوري طور پھريون مطالبو پ پ کي وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو ھجڻ کپي ته جيئن وفاقي حڪومت مجوزہ اٺاويهين ترميم نه آڻي سگھي. پ پ کي عدم اعتماد جي تحريڪ لاءِ قدم کڻڻ گهرجي .
مخالف ڌر جي غير پارلياماني قيادت صوبائي تقسيم جي معاملي کي روڪڻ بجاءِ الجھائي سگھي ٿي، جنھن سان ھن جي سياست چمڪائڻ واري خواهش پوري ٿي سگهي ٿي، پر نقصان قوم جو ٿيندو.
جذبات، واويلا، اجائي لٻاڙ سان سياست کي منھن ڏيڻ مشڪل آهي، سنجيده سياسي بصيرت واري گڏيل موقف جي ضرورت آھي. مخالف ڌر جون سياسي پارٽيون ھڪڙو دفعو اقتدار جي سياست ڪري سنڌ جو اقتدار سنڀالين، روز روز جي سازشن مان جان آجي ڪن، پارلياماني پارٽيءَ جو سڌو مقابلو ڪن، عوام کي گھلڻ بدران عوام کي صوبي جي تقسيم تي صاف چون ته پ پ کي صوبائي تقسيم کان پاڻ ووٽر روڪين. سنڌ جي تقسيم کي سنڌ جي حڪمران پارٽيءَ جا ووٽر جيستائين نه روڪيندا، تيستائين سنڌ خطري ۾ رھندي. مخالف ڌر جون غير پارلياماني سياسي پارٽيون ڪجھه نٿيون ڪري سگھن، سواءِ عوام کي جذباتي ڪري گھلڻ جي ۽ پنھنجي سياست چمڪائڻ جي .
سنڌ جي تاريخي وحدت، سڃاڻپ، جاگرافيائي بيھڪ کان حڪمران پارٽي جي، ايم پي ايز، ايم اين ايز جي پارٽي وابستگي، مفاد، حڪومت وڌيڪ آھن ڇا؟ اقتدار اچڻي وڃڻي شيءِ آھي، سدائين نه رھندا، سنڌ سدائين رھڻ واري سر زمين آهي، ان جي سودي بازي حڪمران پارٽي لاءِ سياسي زوال ثابت ٿيندي، حڪمران پارٽيءَ کي عقل کان ڪم وٺڻ گهرجي. ڇو ته هن وقت هن پارٽيءَ جو وجود صرف سنڌ جي سر زمين تي ئي بچيل آهي. جيڪڏهن اتان به ان جو وجود ختم ڪيو ويو يا ان جي پنهنجي غلطين جي ڪري ختم ٿيو ته پوءِ اها ڳولهڻ کانپوءِ به نه ملندي.
حڪمران پارٽي رڳو حڪومت ڪرڻ لاءِ نه ھوندي آھي، وقت اچڻ تي حڪومت ڇڏڻ جي قرباني ڏيڻ به سياست جو حصو آهي. صوبائي وحدت جي حفاظت ڪرڻ رڳو مخالف ڌر جي ذميواري ناهي. مخالف ڌر کي کپي ته ھو حڪمران پارٽي جي چونڊيل نمائندن کان پڇاڻي لاءِ سندن ووٽرن کي حقيقت کان آگاھ ڪن، پڇاڻي لاءِ مھم ھلائين باقي ذميواري حڪمران پارٽيءَ جي آھي. مخالف ڌر جي ھن تحريڪ جو سڄو سارو زور حڪمران پارٽيءَ جي خلاف ھجڻ کپي جيڪا صوبائي ورهاست جي منصوبي جي حمايت ۾ شريڪ آھي، جيڪا وفاقي حڪومت جي حمايت تان ھٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهي. ان کي پنھنجي سياسي ترجيحن کي واضح ڪرڻ کپي. پارٽي اڳواڻن جو “عوام جي مرضيءَ مان” ڇا مطلب آهي؟ ان جو مطلب اهو ته ناھي ته حڪمران پارٽي صوبائي تقسيم جي حمايت ڪري ٿي؟ جنھن کي عوام جي حمايت حاصل آهي. مخالفت ڪندڙن کي ڪابه نمائندگي حاصل ناهي. جيڪڏهن حڪمران پارٽي ائين سوچي ٿي، سمجھي ٿي ته اھو ھن حڪمران پارٽيءَ لاءِ خطرناڪ فيصلو ثابت ٿيندو. عوامي حمايت اھڙن تاريخي فيصلن ۾ مخالفت ۾ بدلجڻ ۾ دير ناهي ڪندي. حڪمران پارٽيءَ لاءِ جي فيصلو رڳو وقتي حڪومت کي برقرار رکڻ يا بچائڻ نه ھجڻ کپي، بلڪه سياسي پارٽيءَ جي مستقبل جي استحڪام، سياسي بصيرت تي مبني هڪ ڊگهي سوچ ۽ نظر ھجڻ گھرجي.
سنڌ جي صوبائي وحدت جي تقسيم جي ڪيس ۾ ھڪطرف سڀ کان وڏي عوامي پارٽي آهي، جيڪا سنڌ جي اقتدار جي مالڪ ٿي ڪري وفاق وٽ سنڌ کي تقسيم ڪرڻ جي حامي ڀري آهي، ٻيو مخالف ڌر جي غير پارلياماني قيادت آهي، جيڪا پنھنجي سياست چمڪائڻ جو ڪوبه موقعو ملڻ مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي.
سنڌ جي کاٻي ڌر جي سياست پنجاھ سالن ۾ڪوبه سبق نه پرايو آهي. اقتدار جي سياست ھٿان پاڻ سان گڏ مظلومن کي گھلڻ کانسواءِ ڪجھه نه ڪري سگهي آهي. مخالف ڌر اڄ سنڌ کي تقسيم ڪرڻ جي فيصلي تي به ساڳي روايتي تحريڪ ھلائڻ بجاءِ الڳ ٿي بيھي ۽ حڪمران پارٽي جي ووٽرن کي چون ته پنھنجي پارٽيءَ کان سنڌ بچايو جنھن کي توهان ووٽ ڏنو آهي. بالغ ووٽ جي حمايت جي باوجود وڏيون سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ اڳيان گوڏا کوڙي ويٺيون آهن، پوءِ ڊرائنگ روم جي سياست تي ڪھڙي ميار!؟؟ ان لاءِ بھتر محدود ووٽنگ کي لاڳو ڪرڻ کپي.
تجويزون : ھڪ مذاڪرو، مڪالمو ڪرائڻ ٻيو اي پي سي گھرائڻ، ٽيون گڏيل جدوجھد لاءِ واضح ايجندا ۽ طريقيڪار مرتب ڪرڻ، تحريڪ جو هدف وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جي حڪمران پارٽي جا چونڊيل نمائندا ھجن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟