سنڌ جي تعليمي بجيٽ: رڪاوٽون ۽ انتظامي نااهليون
تعليم ڪنهن به قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ روشن مستقبل جي ضمانت سمجهي ويندي آهي، تنهنڪري دنيا جا ترقي يافته ملڪ پنهنجي تعليمي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪندا آهن. تاريخ شاهد آهي ته جن قومن تعليم کي ترجيح ڏني، انهن معاشي، سائنسي ۽ سماجي شعبن ۾ نمايان ترقي حاصل ڪئي. تعليم نه رڳو فرد جي شخصيت کي سنواري ٿي، پر سماج ۾ شعور، مهارت ۽ ذميواريءَ جو احساس پڻ پيدا ڪري ٿي. ان ڪري جديد دور ۾ تعليم کي قوم جي مستقبل ۾ سڀ کان اهم سيڙپڪاري تصور ڪيو وڃي ٿو. سنڌ حڪومت مالي سال 2026-27ع لاءِ تعليم جي شعبي لاءِ 620 ارب رپين جي بجيٽ مختص ڪئي آهي، جيڪا گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ هڪ اهم واڌ کي ظاهر ڪري ٿي. بجيٽ دستاويزن موجب مجموعي بجيٽ مان 25.86 ارب رپيا سالياني ترقياتي پروگرام (ADP) لاءِ رکيا ويا آهن، جڏهن ته جاري ترقياتي منصوبن ۽ اسڪيمن لاءِ 58.14 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. 620 ارب رپين جي هي بجيٽ سنڌ جي تاريخ ۾ تعليم لاءِ مختص ڪيل سڀ کان وڏين بجيٽن مان هڪ آهي، جيڪا ظاهر ڪري ٿي ته حڪومت تعليم کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل رکڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي. اهو به قابلِ غور آهي ته مجموعي تعليمي بجيٽ مان لڳ ڀڳ 536 ارب رپيا غير ترقياتي خرچن لاءِ رکيا ويا آهن. انهن خرچن ۾ استادن ۽ ٻين ملازمن جون پگهارون، پينشنون، اسڪولن جي روزاني انتظامي ضرورتون، بجلي جا بل، مفت درسي ڪتابن جي فراهمي، امتحاني خرچ، استادن جي تربيت، اسڪالرشپون، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا مختلف پروگرام، يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن لاءِ گرانٽون، ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم ۽ ٻيا انتظامي خرچ شامل آهن. اهڙي صورتحال ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا صرف بجيٽ وڌائڻ سان تعليمي مسئلا حل ٿي سگهندا يا فنڊن جي موثر ۽ شفاف استعمال تي به ڌيان ڏيڻ ضروري آهي؟
حقيقت ۾ فنڊن جي مڪمل استعمال ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ پئسا رليز ڪرڻ ۾ ڪامورا شاهي جي هٿرادو دير ۽ مالي وسيلن جو وقت سر جاري نه ٿيڻ آهي. ڪيترن ئي موقعن تي ڪامورا شاهي وارين پيچيدگين ۽ ڊگهي منظوري واري عمل سبب ترقياتي منصوبن لاءِ منظور ٿيل رقم مالي سال جي آخري مهينن ۾ جاري ڪئي ويندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اسڪولن جي تعمير، مرمت، اضافي ڪمرن جي اڏاوت ۽ ٻين ترقياتي ڪمن تي بروقت عملدرآمد ممڪن نٿو رهي. ان کان علاوه تعليم کاتي ۽ ضلعي سطح جي آفيسن ۾ منصوبابندي، فني ماهرن ۽ انتظامي صلاحيتن جي کوٽ به هڪ وڏو مسئلو آهي. جڳهين جي چونڊ، ٽينڊرنگ، خريداري ۽ منصوبن جي منظوري جهڙا مرحلا گهڻو وقت وٺن ٿا، جنهن سبب مختص ڪيل رقم جو وڏو حصو خرچ ٿيڻ کان رهجي وڃي ٿو. فنڊن جي موثر استعمال ۾ پيچيده مالي ضابطا، مختلف ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي جي کوٽ ۽ سست انتظامي عمل به اهم رڪاوٽون بڻجن ٿا. جيتوڻيڪ اسڪول اسپيسيفڪ بجيٽ (SSB) جهڙين شروعاتن ذريعي مالي اختيار اسڪولن تائين منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پر شفافيت جي کوٽ. ڪمزور نگراني، احتساب جي گهٽتائي سبب انهن قدمن مان گهربل نتيجا حاصل نه ٿي سگهيا آهن. ان کان علاوه خرچن بابت بروقت رپورٽن جي غيرموجودگي، منصوبن جي پيش رفت تي ڪمزور نظرثاني ۽ ضلعي سطح تي انتظامي نااهليون به فنڊن جي غير موثر استعمال جو سبب بڻجن ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي تعليمي منصوبا پنهنجا مقرر ڪيل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهجي وڃن ٿا. شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن وچ ۾ وسيلن جي غير متوازن ورهاست، زميني تڪرار، موسمي حالتون ۽ صوبي ۾گورننس سان لاڳاپيل مسئلا به تعليمي منصوبن جي بروقت تڪميل ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا. ان لاءِ حڪومت کي فنڊن جي بروقت جاري ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. گڏوگڏ انهن فنڊن جي ڊجيٽل نگراني ۽ آڊٽ جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اسڪولن ۽ ڪاليجن جون فهرستون جاري ڪيون وڃن، انهن کي ايوارڊ ڏنا وڃن جن پنهنجا فنڊ تمام سهڻي نموني استعمال ڪيا آهن. ننڍن ترقياتي ڪمن لاءِ خريداري جي طريقيڪار کي آسان بڻايو وڃي. احتساب جي مضبوط نظام کي به يقيني بڻايو وڃي، جنهن ۾ پئسن جي جاري ٿيڻ کان وٺي انهن جي درست استعمال تائين نظر رکي وڃي. هر ترقياتي منصوبي جي پيش رفت بابت عوام کي باقاعدي آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن عوام انهن سڀني شين تي نظر رکي سگهي. سنڌ جي تعليم تي هيتري وڏي بجيٽ مختص ٿيڻ باوجود اڄ به تعليمي شعبو ڪيترن ئي سنگين چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، ڪيترن ئي اسڪولن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، بجلي، فرنيچر، ٽوائليٽ ۽ چوديواري جهڙيون بنيادي سهولتون موجود ناهن. ڪيترين ئي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ استادن جي کوٽ برقرار آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي استادن جي مقرري شاگردن جي انگ سان مطابقت نٿي رکي. اهڙين حالتن ۾ جڏهن مختص ڪيل فنڊ به مڪمل طور خرچ نه ٿين ته تعليم جي معيار ۽ ان جي بهتري بابت سوال اٿڻ فطري ڳالهه آهي. هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هن ڀيري به اربين رپين جا فنڊ گذريل سالن وانگر خرچ ٿيڻ کان رهجي ويندا يا واقعي اهي وسيلا اسڪولن، استادن ۽ شاگردن تائين پهچي تعليم جي شعبي ۾ حقيقي تبديلي آڻيندا؟ آخر ۾ سنڌ جي تعليمي مستقبل جو دارومدار صرف بجيٽ جي انگن اکرن تي ناهي، پر ان ڳالهه تي آهي ته اهي وسيلا ڪيتري ايمانداري، شفافيت ۽ ڪارڪردگي سان استعمال ٿين ٿا. جيڪڏهن حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا مختص ڪيل فنڊن جي مڪمل ۽ موثر استعمال کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ته نه رڳو هزارين اسڪولن جون حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون، پر لکين ٻارن کي معياري تعليم جا بهتر موقعا پڻ فراهم ڪري سگهجن ٿا. تعليم تي خرچ ڪيل رقم مقصد ۾ تڏهن ڪامياب ٿيندي، جڏهن اها بجيٽ جي ڪتابن مان نڪري شاگردن جي ڪلاس رومن تائين پهچندي. پوءِ سنڌ جو تعليمي نظام حقيقي معنيٰ ۾ ترقي جي راهه تي گامزن ٿي سگهندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟