سنڌ جي اوطاقي ثقافت ۽ نوجوان نسل جو اخلاقي زوال
سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ عظيم سماجي قدرن ۾ جتي ميزباني، رواداري ۽ محبت کي هڪ منفرد ۽ پاڪيزه مقام حاصل رهيو آهي، اتي سماجي زندگيءَ کي منظم، پرامن، مثالي ۽ اخلاقي طور تي خوبصورت بڻائڻ لاءِ اوطاق جي اداري سڀ کان وڌيڪ مرڪزي ۽ اڻمٽ حيثيت رکي آهي. اوطاق رڳو چار ديواري يا ويهڻ جي ڪا عام جڳهه، گجگاهه يا ڪنهن اوطاقي اڏاوت جو نالو ناهي، پر هي سنڌي سماج جي اخلاقي، روحاني، فڪري، تعليمي ۽ تربيتي تاريخ جو هڪ اهڙو عظيم ۽ بيمثال تاريخي اڪيڊمي رهي آهي جتي بغير ڪنهن لکت واري نصاب جي، بغير ڪنهن وڏي فيس جي رڳو بزرگن جي پاڪيزه صحبت ۾ ويهڻ سان نوجوان نسل کي انسانيت، صوفياڻو ادب، سياڻپ، اخلاق، همدردي ۽ اٿڻ ويهڻ جا سمورا حقيقي ڏانءُ سکڻ لاءِ ملندا هئا. اڳئين دور ۾ سنڌ جو هر ڳوٺ، هر گهٽي ۽ هر پاڙو پنهنجي هڪ رونق، مڙس ماڻهن ۽ سگهڙن سان ڀرپور اوطاق رکندو هو. جيڪا هر مسافر، بکئي، اڃئي، مهمان ۽ مقامي ماڻهوءَ لاءِ سدا آباد رهندي هئي، جتي رات جو سگهڙن جون ڪچهريون، ڏاهپ جون ڳجهارتون، بيت، ڪافيون، لوڪ قصا ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائي بيان ڪري ماڻهن جي ذهني ۽ روحاني صلاحيتن کي تيز ڪيو ويندو هو. اهڙي پاڪيزه ماحول لاءِ ئي سياڻن چيو آهي ته مڙس مڙس جي اوطاق، هيري جي هٽ جهڙي آهي، يعني جتي رڳو اڻ ملها ۽ قيمتي اخلاقي موتي ورهايا ويندا هئا. اڳوڻي دور جو ادب ۽ اخلاق اهڙو ته اعليٰ هوندو هو جو ننڍا وڏن جي اڳيان ٻڌل ٻانهن سان ادب جو مجسمو بڻجي ويهندا هئا، گفتگو دوران ڪڏهن به آواز مٿي نه ڪيو ويندو هو ۽ بزرگن جي هڪ نظر يا هڪ دڙڪي تي سڄي ڄمار جا فيصلا بدلجي ويندا هئا. ان دور ۾ سنڌي سماج جو سڀ کان خوبصورت ۽ بنيادي اصول اهو هوندو هو ته گهر، پاڙي يا ڳوٺ جا ننڍا هميشه پنهنجي هر ننڍي وڏي ڪم ۾ وڏن جي صلاح، تجربي ۽ رائي تي قدم کڻندا هئا جنهن جي برڪت سان هو هر سماجي، مالي، قانوني ۽ ذاتي نقصان کان بچي ويندا هئا، ڇو ته وڏن وٽ زندگيءَ جي لاهين چاڙهين جو هڪ وسيع خزانو هوندو هو، پر افسوس جو اڄ جي جديد دور جي انڌي تقليد، مصنوعي ڊجيٽل لائف ۽ موبائل فون جي حد کان وڌيڪ ۽ غلط واپرائڻ اسان کان اسان جون اهي اڻ ملهيون ۽ روحاني روايتون کسي ورتيون آهن، جنهن جي بدقسمتيءَ جي ڪري اڄ سنڌ جون اهي رونقن واريون اوطاقون ويرانيءَ جو شڪار آهن، بزرگن جا آستانا ۽ کٽون خالي پيون آهن ۽ اسان جو نوجوان نسل پنهنجي بزرگن جي علم، سياڻپ، روحانيت ۽ سونهن ڀريي تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ بدران مجازي دنيا جي چمڪندڙ اسڪرين ۾ گهريل رهي پنهنجو قيمتي وقت، اخلاق، حياءَ ۽ سونهن ڀريو ادب وڃائي ويٺو آهي. اڄ جو نوجوان موبائل جي مصروفيت، پبجي، ٽڪ ٽاڪ ۽ فيس بُڪ جي مجازي دنيا ۾ ايترو ته ٻڏي چڪو آهي جو جڏهن ڪو معزز مهمان، چڱو مڙس يا مسافر اوطاق تي اچي ٿو ته ان کان روايتي نموني محبت سان حال احوال وٺڻ، ميزباني ڪرڻ، پاڻي چانهه جو پڇڻ ۽ ان جي سڪ لاهڻ بجاءِ، ميزبان نوجوان پنهنجي فون تي نوٽيفڪيشنز ڏسڻ ۽ مجازي لائيڪس گڏ ڪرڻ ۾ اهڙو ته مصروف هوندو آهي جو کيس سامهون ويٺل زنده انسان جي وجود جو احساس ئي ناهي هوندو، جيڪا روش اسان جي سونهن ڀريي ثقافت جي وڃايل حصي جي هڪ دردناڪ ۽ افسوسناڪ تصوير آهي. ان تيز رفتار تباهيءَ جي ڪري اڄ اسان جي سماج ۾ سگهڙائپ جو زوال ۽ ادب جو زوال عروج تي پهچي چڪو آهي. اهو دور جتي اوطاقن ۾ سگهڙ ويهي پنهنجي بيتن ۽ سياڻپ جي لوڪ شاعريءَ ذريعي سماج جي اصلاح ڪندا هئا، تنهن کي اڄ جي نسل مڪمل طور تي وساري ڇڏيو آهي. سگهڙن جو اهو معزز فن، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، لغت، اخلاقيات ۽ مذهب جو نچوڙ هوندو هو، سو اڄ مٽجي رهيو آهي، ڇو ته نوجوانن وٽ سگهڙن جي ڏاهپ ڀريا بيت ٻڌڻ جو نه ته صبر آهي ۽ نه ئي کين پنهنجي مادري ٻوليءَ جي ان علمي ٻوليءَ تي دسترس رهي آهي. سگهڙن پنهنجي همعصر دور ۾ هميشه اها آگاهي ڏني هئي ته جڏهن اوطاقون ويران ٿينديون ۽ وڏن جو ادب ختم ٿيندو ته سماج ۾ بي برڪتي ۽ بگاڙ اچي ويندو. جيئن سنڌ جي هڪ سگهڙ جو مشهور بيت آهي ته ڪيڏانهن ويا اهي مڙس مٿير، جن جي اوطاقن تي هوندو هو پير،
هاڻي ويران ٿيون اهي جاءِ مڪان، جتي ويهي ڪندا هئا حال احوال جوان.
اڄ جڏهن اسان نوجوان نسل جو حال ڏسون ٿا ته ادب ۽ اخلاق جو هڪ وڏو خال نظر اچي ٿو. اڄ جي نوجوان پنهنجو رستو، پنهنجي سوچ ۽ پنهنجو انداز بزرگن کان بلڪل ڌار ۽ الڳ ڪري ڇڏيو آهي، هو پنهنجي پيرسن والدين جي ڏاهپ کي پراڻي سوچ يا پسماندگي جو نالو ڏئي رد ڪري ڇڏي ٿو، جنهن جو دردناڪ نتيجو اهو نڪتو آهي ته هو روزاني جي بنياد تي تيز رفتاري، غلط صحبت، شارٽ ڪٽ جي چڪرن ۽ جذباتي فيصلن جي ڪري اهڙيون سنگين غلطيون ڪري ويهن ٿا، جنهن سان نه صرف هو پنهنجو ذاتي مستقبل، ڪيريئر ۽ تعليم تباهه ڪن ٿا، پر پنهنجي پيرسن والدين، عزتدار ڀينرن ۽ سڄي گهر وارن کي پڻ قانوني ڏچن، ايف آءِ آرز، ٿاڻن جي چڪرن، مالي قرضن ۽ انتهائي سخت سماجي بدنامي واري دلدل ۾ وجھي ڇڏين ٿا. سنڌي سماج ۾ هڪ مشهور چوڻي آهي ته وڏن جي صلاح، پٿر تي لڪير ۽ جيڪو وڏن چيو، سو لکيو پڙهيو ٿيو، پر جڏهن ان سونهن ڀريي اصول کي ميساريو ويو ته پٺيان رڳو پڇتاءُ ۽ بربادي بچي آهي. پنهنجي هن هزارين سالن جي شاندار تاريخي تهذيب، اوطاق جھڙي عظيم سماجي پناهه گاهه، سگھڙائپ جي علم ۽ اخلاقي ادب کي مڪمل مٽجڻ ۽ تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ هاڻي رڳو خاموش ويهڻ جو وقت ناهي، پر اهو وقت جي سڀ کان وڏي پڪار ۽ اهم ضرورت آهي ته سرڪاري سطح تي حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي جي طرفان سڄي سنڌ جي ڳوٺن، شهرن ۽ تعلقن جي سطح تي روايتي اوطاقن جي اهميت کي زنده ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. ثقافت کاتي کي گهرجي ته هو سرڪاري سرپرستي ۾ ماڊل اوطاقون قائم ڪري سگهڙ ڪچهريون ۽ بيت جا مقابلا منعقد ڪرائي ۽ ان سان گڏوگڏ اڄ جي نوجوانن تائين پهچڻ لاءِ ان ئي ڊجيٽل ميڊيا ۽ يوٽيوب جو مثبت استعمال ڪندي بزرگن جي ڏاهپ، بيتن ۽ قصن کي خوبصورت دستاويزي فلمن جي صورت ۾ نشر ڪري. تنهن سان گڏوگڏ سنڌ جي سڀني تعليمي ادارن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي انتظاميه تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو پنهنجي تعليمي ماحول ۾ رڳو ڪتابي ڊگريون ڏيڻ تائين محدود نه رهن، پر شاگردن جي حقيقي ڪردار سازي ڪن. تعليمي ادارن ۾ خاص سيمينار، ورڪشاپ، ليڪچرز ۽ اوطاقي ثقافت ڏينهن ملهايا وڃن، جتي سنڌ جي نامور اديبن، تاريخ دانن ۽ بزرگن کي گهرائي شاگردن سان سڌو سنئون گفتگو ڪرائي وڃي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي نصاب ۾ ابتدائي ڪلاسن کان وٺي وڏن جي احترام، اوطاقي ادب، مهمان نوازي جي اصولن ۽ سگهڙن جي بيتن جا خاص مضمون شامل ڪيا وڃن ته جيئن ايندڙ نسل ننڍپڻ کان ئي پنهنجي ثقافتي جڙن سان جڙيل رهي. اڄ جي سنڌي نوجوان کي اهو سمجهڻو پوندو ته موبائل فون ۽ انٽرنيٽ ترقيءَ جا ذريعا ضرور آهن، پر اهي اسان جي سڃاڻپ، اسان جو دين، ايمان ۽ اسان جو اخلاق ناهن. جيڪڏهن اسان پنهنجي بزرگن جي هٿن کي ڇڏي، پنهنجي اوطاقن کي ويران رکي، رڳو اسڪرين جي مجازي خول ۾ بند رهياسين ته ايندڙ نسل هڪ اهڙو بي روح، بي احساس ۽ بي ادب سماج بڻجي ويندو جنهن جو دنيا جي تاريخ ۾ ڪو به نالو نشان نه رهندو. اچو ته سڀ گڏجي پنهنجي گهرن، ڳوٺن ۽ دلين ۾ اوطاق واري ان ميزباني، سگهڙائپ، حياءَ ۽ وڏن جي ادب واري ڏيئي کي ٻيهر روشن ڪريون. پنهنجي بزرگن جي صلاح کي پنهنجي زندگيءَ جو مشعل راهه بڻايون ته جيئن لطيف سائينءَ جي هيءَ سونهن ڀري ڌرتي پنهنجي تاريخي امن، خوشحالي، محبت، ڀائيچاري ۽ اخلاقي سونهن سان سڄي دنيا ۾ سدائين قائم، دائم ۽ آباد رهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟