مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

تيل گئس ڳوليندڙ ٻن وڏين ڪمپنين ۾ سنڌي ماڻهون اٽي ۾ لوڻ برابر

Ramesh Raja سول اينڊ ريسرچ انجنيئر، آرٽسٽ، ڪالم نگار

PMP سرٽيفائيڊ ۽ ادب، فن ۽ سياحت سان خاص شوق رکندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

قدرتي وسيلن ۾ ملڪي شيئرز: پاڪستان ۾ 73 سيڪڙو گئس ۽ 81 سيڪڙو پيٽرول سنڌ صوبي مان نڪري ٿو سنڌ کانپوءِ هن وقت بلوچستان ۾ گئس ۽ پيٽرول وڌيڪ نڪري ٿو باقي ٻن صوبن جي مختلف علائقن مان پاڪستان جي گئس 6.2 سيڪڙو ۽ پيٽرول 5.4 سيڪڙو نڪري ٿو. سنڌ مان سالانه اربين ڊالرز جو پيٽرول ۽ گئس نڪري ٿو. سڀ خرچ لاهڻ کانپوءِ ڪمپنين ۽ وفاقي حڪومت کي ملندڙ منافعو پئسن مان 2014 جي رپورٽ مطابق سنڌ جي گئس ۽ پيٽرول جي هڪ سال جي ڪمائي بچت صرف 2350 ارب رپيا هئي.
ملازمن جو تعداد: پاڪستان ۾ تيل گئس ڳولهيندڙ ٻن وڏن ڪمپنين او جي ڊي سي ايل ۽ پي پي ايل جي 19 هزار پڪن ملازمن مان سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 1300 به پورو ناهي. ٻنهي ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽر مئنيجمينٽ ۾ 29 ڄڻا شامل آهن، جن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ صرف ٻه آهن. ڪمپنين ۾ آفيسر ڪيڊر جا 4300 جي لڳ ڀڳ ملازم آهن، جنهن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن آفيسرن جو تعداد 264 آهي. ڪمپنين ۾ 78 مولوي مختلف فيلڊن ۽ ڪالونين ۾ نماز پڙهائڻ لاءِ ڀرتي ڪيل آهن جن مان سنڌي ڳالهائيندڙ مولوي صرف 6 آهن. تيل گئس جي انهن ڪمپنين ۾ پڪن ملازمن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 6 کان 8 سيڪڙو مس آهي. صرف پنجاب صوبي سان تعلق رکندڙ ملازمن جو تعداد 78 سيڪڙو ٿئي ٿو باقي 15 سيڪڙو ملازم ڪي.پي.ڪي ڪشمير گلگت سان تعلق رکن ٿا ۽ ڪجهه ماڻهن جو تعداد بلوچستان سان آهي، جنهن ۾ به اڪثريت پٺاڻن جي آهي. انهن ڪمپنين ۾ ڪچن ملازمن جي صحيع انگ جي خبر ناهي پئجي سگهي، ڪجهه اندروني ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب انهن ڪمپنين ۽ انهن جي ذيلي ادارن اندر 15 کان وڌيڪ ڪچا ملازم به ڪم ڪن ٿا جن ۾ به اڪثريت پنجاب واسين جي آهي سنڌي ملازم ڪجهه هزار تائين آهن. ڪمپنين جي پروموشن پاليسي ۾ به سنڌ واسين کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. ڪمپنين اندر ڪچن ملازمن جي پگهار ۾ به فرق آهي پنجاب سان تعلق رکندڙن کي وڌيڪ پگهار ۽ مراعتون ڏنيون پيون وڃن، ٻين صوبن جي ملازمن کي رهائش سميت ميڊيڪل ڏني پئي وڃي. سنڌي ملازمن جي اڪثريت رهائش ۽ ميڊيڪل کان به محروم نظر اچي پئي.
اسڪالرشپ، ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ اٽيزن شپ: تيل ۽ گئس ڳولهيندڙ ڪمپنيون اسڪالرشپ ۽ اٽيزن شپ ساليانه سوين شاگردن کي ڏين ٿيون ۽ پنهنجي ڪمپنين جي ٽيڪنيڪل ڪاليج يا ادارن اندر به پنجاب صوبي کي وڌيڪ نوازيو پيو وڃي، جنهن ۾ به سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 5 کان 7 سيڪڙو کان مٿي ناهي هوندو.
ترقياتي ڪم: جيئن ته عالمي ۽ ملڪي قانون موجب تيل گئس ڳولهيندڙ ڪمپنين کي 5 ڪلو ميٽرن جي چوطرف جيڪي به ڳوٺ يا شهر هوندا انهن علائقن ۾ اسڪول ڪاليج اسپتالون روڊن رستن سميت ٻيا ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي ذميواري انهن جي هوندي آهي. جنهن ضلعي مان گئس يا تيل نڪرندو آهي، انهيءَ ضلعي جا سمورا مين رستا روڊ ٺاهڻ انهن ڪمپنين جي ذميواري آهي، پر سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنيون ترقياتي ڪم نٿيون ڪرائين.
عالمي ۽ ملڪي قانون: عالمي ۽ ملڪي قانون موجب قدرتي وسيلا صوبن جي ملڪيت قرار ڏنل هوندا آهن، انهن جو اتنظام ڪنٽرول صوبن حوالي هوندا آهن، پر اسان جي هتي وفاق ۽ انهي جا ادارا تيل گئس سميت ٻيا قدرتي وسيلا سنڌ کي ڏيڻ لاءِ راضي ناهن نه وري انهن اداران ۾ صرف سنڌ صوبي مان ڀرتي ڪن ٿا. 18هين ترميم تحت سنڌ ۽ بلوچستان جي ميمبرن 2010 ۾ اهي ادارا صوبن حوالي ڪرڻ لاءِ اسيمبلي ۾ قانون آندو جنهن کي پنجاب ۽ ڪي.پي.ڪي جي مخالفت سبب رد ڪيو ويو. پنجاب ۽ ڪي.پي.ڪي قدرتي وسيلا صوبن حوالي ڪرڻ جا مخالف آهن، ڇو جو قدرتي وسيلا وڌيڪ سنڌ بلوچستان ۾ آهن ۽ وفاق وٽ هجڻ ڪري کين تمام گهڻو فائدو آهي.
پاڪستان ۾ قائم ڪوٽا سسٽم: پاڪستان ۾ قائم ڪوٽا سسٽم تحت به سنڌ صوبي اندر وفاق جي سمورن کاتن ۾آبادي موجب نوڪريون ڏيڻو آهن، وفاق پنهنجي کي ٺاهيل ڪوٽا سسٽم کان اڌ کان به گهٽ ڀرتي سنڌ کان ڪري ٿو، سنڌ جي ڪوٽا تي عمل ڪندي به گئس آئل فيلڊن ۾ سنڌ يا سنڌي ماڻهون ڀرتي نٿا ڪيا وڃن.
ڪمپنين خلاف ٿيندڙ احتجاج: سنڌ جي جن جن علائقن ۾ آئل ۽ گئس فيلڊ قائم آهن، انهن علائقي واسين پاران وقت بوقت ڪمپنين خلاف احتجاجي تحريڪون جدوجهدون پڻ ڪيون آهن. ڪمپنين اڳيان ڌرڻا به لڳايا ويا آهن ته ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيو ۽ علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايو ڪمپني انتظاميا اهڙن احتجاجن کي سختي سان روڪيندي رهي آهي، احتجاج ڪندڙن تي ڪمپنين جي فورس تشدد ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرائي جيل موڪلي ڇڏيندي آهي. وڌيڪ احتجاج ڪندڙن کي گم ڪيو ويندو آهي.
رائلٽي ۽ ٽيڪس: وفاق ۽ ڪمپنيون هزارين ارب رپيا انهن مان ڪمائين ٿيون، پر رائلٽي جي مد ۾ 5 سالن کانپوءِ ڪمائي جو هڪ سيڪڙو حصو ڏيڻ لاءِ به تيار ناهن بس ڪجهه ارب رپيا منظور ڪرڻ بعد وري انهن پئسن کي به قسطن جي صورت ۾ سنڌ صوبي کي ڏين ٿا. پوئين پ پ جي وفاقي حڪومت 18هين ترميم تحت سنڌ اندر انهن ڪمپنين تي ٽيڪس لڳائڻ جو قانون منظور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن ٽيڪس جي مد ۾ سنڌ کي ساليانو سوين ارب رپيا فائدو ٿئي، جنهن قانون جي به پنجاب ۽ وفاقي بيوروڪريسي سميت انهن ادارن مخالفت ڪئي ته ٽيڪس سنڌ کي وصول ڪرڻ جو اختيار نه ڏينداسين نه ڪو خاص ٽيڪس لڳائڻ جي اجازت ڏني ويندي. سنڌ جي اهڙي رٿ ٿي آءِ.سي.آءِ سميت ٻين ادارن منظوري نه ڏني نه وري اسيمبلي مان اهڙو قانون منظور ٿي سگهيو.
دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ ۽ صوبا تيل ۽ گئس ذريعي هلن ٿا ۽ سندن معيشت جو دارومدار قدرتي گئس ۽ تيل تي آهي اسان جي ملڪ ۾ انديز نگري جي ڪري قدرتي وسيلا وفاق جي نالي وڏي ڀاءُ پنجاب جي حوالي آهن، سندن بيوروڪريسي انهن ادارن تي ڪنٽرول ڪري ٿي انهن ادارن ۾ نوڪرين کان ويندي اسڪالرشپ ترقياتي ڪمن تائين سنڌ يا سنڌي ماڻهون کي ڪجهه به نٿو ملي. سنڌ کي صرف تيل ۽ گئس ڪمپنين جا اختيار ۽ ڪنٽرول ملي وڃي ته سنڌ جي هزارين ماڻهن کي روزگار سان گڏ سنڌ صوبي کي ساليانه هزارين ارب رپين جي آمدني ٿيندي جنهن مان ٻيا ڪم ڪار آساني سان ٿي سگهن ٿا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو