مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌيءَ ۾ ٻارن جو ادب ۽ ڊجيٽل دنيا

Shoukat Lohar تعليم دان، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، مزاح نگار

اسسٽنٽ پروفيسر، سينٽر آف انگلش لئنگئيج اينڊ لِنگوِسٽڪس (CELL)، MUET ڄامشورو، سنڌ، پاڪستان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

لفظن جو جادو ۽ سحر ايترو گهرو ٿئي ٿو، جو ان جو اثر بنهه ختم ڪونه ٿو ٿي سگهي. اهوئي سبب آهي جو اڄوڪا ٻارڙا ڪارٽونن جي دنيا ۾ ائين مگن آهن جيئن هو ڪجهه ڏهاڪا پهرين ديوين، پرين، جادوگرن ۽ ٽارزن جي آکاڻين ۾ رڌل هئا. دنيا ۾ ٻاراڻي ادب تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو ويندو آهي، جيئن انهن کي پنهنجي نصاب کان علاوه به اهڙو مواد پڙهائي لاءِ ملي سگهي، جيڪا سندن تخيل تصور ۽ عمل کي همٿائي سگهي ۽ انهن جي پڙهيل ادب جي راهه وٺي پنهنجي زندگي ۾ ايندڙ نون ۽ انوکن تجربن کي سولائي سان منهن ڏئي سگهن ۽ پنهنجي ۽ سماج جي مونجهارن جا ڪي جوڳا حل ڪڍي سگهن. اپريل مهيني ۾ ٻاراڻي ادب جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ ۽ ان جي افاديت کي اڀارڻ لاءِ هڪ ڏينهن ملهايو ويندو آهي اهو ڏينهن ٻه اپريل جو ڏينهن آهي، جنهن تي پوري دنيا ۾ ٻارڙن کي پنهنجا مائٽ شهر ۾ لڳندڙ ميلن ۽ ڪتب خانن جي سير لاءِ وٺي ويندا آهن. ٻارڙا پاڻ ۾ خود پنهنجيون ننڍيون وڏيون تنظيمون ۽ انجمنون ٺاهي اتان هڪٻئي کي پنهنجون تخليقون پيا ٻڌائيندا آهن، انهيءَ کان علاوه انهن پکين جي ادب کي پڻ پاڙهيندا ۽ پڙهندا آهن، جيڪو ٻارڙن خاطر سرجيو ويو هجي. هي ڏينهن ڪرسنئين اينڊرسن جي نالي پٺيان ملهايو ويندو آهي، جنهن ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. ٻاراڻو ادب سرجيو ۽ ٻاراڻي ادب جي مها اهميت کي اجاڳر ڪيو. اسان وٽ اهو به ڪو دور هو جو ٻاراڻي ادب جو عروج هو. ان کي ٻاراڻي ادب جو سنهري دورGolden Period چئجي ته واڌاءُ ڪونه ٿيندو. جي ها هر طرف ٻارڙن جون منڊليون اخبارن ۾ ٻارڙن لاءِ الڳ ٿلڳ صفا مخصوص هئا. انهن کي سنڀاليندڙ پڻ سڀني کان وڌيڪ اوورچ ۽ ڦڙت ٻار هوندا هئا. ٻارڙن جي ٻاري گل ڦل، گلڙا، ٻارن جي دنيا ۽ ٻيا انيڪ رسالا هفيتوار پندرنهن وار ۽ ماهوار نڪرندا هئا ۽ اسين تڏهوڪا ٻار پنهنجي خرچي مان پئسا بچائي اهي رسالا مئگزين پيا وٺندا هئاسين ۽ انهن ۾ بهترين قسم جون ڪهاڻيون ٻاراڻي شاعري، ترجما ۽ قلمي دوستي جي جادوئي دنيا ۾ بس وڃايل هوندا هئاسين. انهي کان علاوه ڪجهه اهڙا مخصوص ليکڪ هئا جيڪي ٻاراڻو ادب سرجڻ جي ڪم سان جنبيل هوندا هئا، ڪي پيا شاعري ڪندا هئا ته ڪي ٻاراڻيون شاعريون پيا سرجيندا هئا، ڪي ٻاراڻي، ڪي مختصر مضمون سبق آموز لکڻيون پيا سرجيندا هئا. اهي لکڻيون جنهن به ٻار جي هٿ چڙهنديون هيون اهو انهن کي ساهه سان سانڍي رکندو هو ۽ مائٽن کان لڪي لڪي پيو پڙهندو هو، جو مائٽن نصاب جي ڪتابن کان علاوه تفريحي مواد، ڪتاب، رسالا پڙهڻ کي گهڻو ڪونه همٿائيندا هئا. ڪجهه کي ڇڏي ڪري باقي ٻارڙن کي هڪ دائري جي پڙهائي تائين محدود رکندا هئا، پر ٻار پوءِ به هڪٻئي سان ملڻ ۽ آکاڻين تي ڊگهيون ڪچهريون جيڪي اصل ۾ انهي وهي جا تجزيا هئا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا هئا. ٻارڙن جي ليکڪن کي وڏو مان ملندو هو. اڪبر جسڪاڻي، ادل سومرو، مشتاق ڦل، فرهاد قائمخاني، ايوب گل، نجم پنهور، علي بابا، رضيه طارق ۽ انيڪ ليکڪ هئا جيڪي هر رسالي ۾ ڪنهن نه ڪنهن لکڻي جا مهندار بڻجي ٻارڙن جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندڙ لکڻيون پيا سرجيندا هئا. اهو وقت هڪ خواب وانگر ٿو لڳي. گهر ۾ پي ٽي وي هئي اها پڻ ٻارڙن جي سنوار ۽ انهن جي اخلاقي تربيت جي حوالي سان کوڙ پروگرام پيش ڪندي هئي. جيڪي تفريحي به هئا ته اخلاقي سڌار لاءِ پڻ هئا. ڪاش ان دور کي مُٺ ۾ بند ڪري سگهجي ها ۽ اسين انهيءَ وهي تائين محدود رهون ها! جنهن ۾ هر وقت جنن، پرين ۽ جادوگرن جي مختلف وارداتن جو ذڪر هوندو هو. اسڪول ۾ به اهڙن مڙني رسالن کي لڪائي پاڻ سان کڻي وڃبو هو ۽ اُتي ته ڪي ٻاجهارا استاد رسالا ميگزين پڙهڻ تي گهڻو همٿائيندا هئا، پر ڪي صرف نصاب تائين لائين ۾ بيهاري ڇڏيندا هئا. سنڌي ۾ ٻاراڻي ادب جي ڪنهن دور ۾ وڏي اهميت هئي انهيءَ دور ۾ ٻارڙن جي لکڻين ذريعي وڏا وڏا ليکڪ سرجڻهار پيدا ڪيا، جيڪي اڄ بهترين ليکڪ طور ڄاتا ۽ سڃاتا وڃن ٿا. رات جو طارق قريشي صاحب جو ٻالڪ فورس ۽ ڀوت بلڊنگ پڙهندي وار ڪانڊارجي ويندا هئا، ڪنهن ڏائڻ جي ڪهاڻي پڙهندي سڀ پگهر ۾ شل ٿي ويندا هئاسين، وري ٽهڪن جي دنيا مان سڪا چورائي برانڊن جي دنيا کان گهڻو ڏور غريب ۽ امير جي فرق کانسواءِ سڀئي ساٿي سڀئي دوست ڄڻ هڪ ئي هار جا موتي ٽهڪن ۾ پيا پروئيبا هئاسين. عيد هجي توڙي ڏياري سڀني جون خوشيون پنهنجن دوستن ۽ ساٿين جي ڪري ممڪن هونديون هيون. آخر ڪهڙا سبب آهن جو سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب سرجڻ جو دور ختم ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ختم نه چئون ته تڏهن به جهڪو ۽ جهيڻو ٿي ويو آهي. هر اخبار سياست بازن جي لکڻين سان ڀريل ملي ٿي. هر رسالو سياسي رسالو ٿي پيو آهي. جڏهن به اخبارن کي رسالن کي خبر آهي ته هاڻ انهن جي عمر به پوري آهي. ڇاڪاڻ ته هر شيءِ کي موبائيل ۽ ڊجيٽل ميڊيا ڳڙڪائي ويئي آهي ۽ واڳون وانگر ڳڙڪائي پئي. سنڌ جي وڏن وڏن ٻولي ۽ ادب جي مهندار ادارن ٻاراڻي ادب کي پٺي ڏيئي ڇڏي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جيڪا هاڻ بورڊ گهٽ راڻي باغ وڌيڪ آهي. سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو ۽ اهڙا ٻيا ذاتي ۽ خانگي ڇاپ خانا ٻارڙن جي ادب کان منهن موڙي ويا آهن. نتيجي ۾ سنڌي ٻولي ۾ ٻاراڻي ادب تي موجود وقت ۾ ڪجهه به ڪونه لکيو ٿو وڃي. ان جا سبب شايد اهي آهن ته ٻارڙن لاءِ نڪرندڙ رسالن اخباري صفحن کي اها موٽ نه ملندي هجي، جيڪا ماضي ۾ ملندي هئي. ڇو ته تڪڙي شهرن جي وڏي ٿيڻ سبب ماچس جهڙا ننڍڙا گهر ۽ فليٽ ٻارن جي لاءِ قيد خانا بڻجي ويا آهن. اسڪول ۾ جڏو سڏو انگريزي ۽ اردو ۾ پڙهايو وڃي ٿو ۽ سنڌي پڙهيل لکيل ڪٽنب هاڻ پاڻ کي انگريزي جا چار جملا ڳالهائي اوچو ۽ اوورچ سڏيندا هجن ۽ ٻارڙن جي تربيت به اهڙي ئي ماحول ۾ ٿي رهي آهي. اُتي ٻاراڻي ادب جي رسالت ۽ ادب جي جاءِ بچي ڪونه ٿي. اسان کي خبر آهي ته اسان ڪڏهن به مڪمل طرح انگريزي ماحول پيدا ڪري ڪونه سگهنداسين. ڇاڪاڻ ته هي هڪ پوسٽ ڪالونيل ملڪ آهي ۽ اسان جي سوچ پوسٽ ڪالونيل زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. جڏهن اسان جا ذهن انگريزي سوچ کان مڪمل آزاد ٿي پاڻ مرادو سوچين ۽ سنڌي ٻولي ڳالهائيندي فخر محسوس ڪن Decolonizing the Mind تڏهن ڪافي دير ٿي چڪي هوندي. ٻارڙي سان ماءُ يا پيءُ انگريزي ڳالهائيندو ان سان ٻاهر دوستن ۾ گهٽي ۾ پاڙي ۾ بازار ۾ توهان ڪٿان آڻيندا انگريزي ڳالهائيندڙ ماڻهو نتيجي ۾ ٻارڙو پنهنجي اباڻي اصلوڪي ٻولي ۽ ادب کان وانجهجي ويندو. هڪڙي پاسي اسان پرائيويٽ اسڪول کي 50 هزار کان لک رپين تائين جو اسٽيشنرين جو سامان وٺي ڏيون ٿا. ٻئي طرف ٻارڙي کي پنج سئو رپين جي ڪتاب تي نابري واري بيهون ٿا. نتيجي ۾ هڪ مڪمل اهڙو نسل تيار ڪري رهيا آهيون جنهن کي پنهنجي ورثي، ثقافت، ادب ٻولي سان گڏوگڏ ڪجهه به ياد ڪونه آهي. ان تي اسان کي سوچڻ جي ضرورت آهي. اردو ۾ نونهال، عمرو عيار عمران سيريز جا ڪتاب ايندا هئا. ٻن صفن جون لکڻيون دل ۽ دماغ ۾ تخيلي طلمساتي دنيا جوڙيندي هئي. سڀ ڪجهه پورو پيو بس اڪيلائي آهي، هرهڪ ماڻهو موبائيل فون جو قيدي بڻجي رهجي ويو آهي. انگريزي ۾ جڏهن کان ڊان اخبار پڙهڻ شروع ڪئي تڏهن کان هر ڇنڇر تي انهن جو ٻاراڻو صفحو ڊان ينگ ورلڊDawn Young World اڄ سوڌو هلندو اچي. انهن بند نه ڪيو آهي. انهيءَ کانسواءِ هيري پورٽر جو سيريز مٿان سيريز پيون اچن. حالانڪه ان ۾ آهي ته ڪجهه به ڪونه. ان کان علاوه علي بابا جو سنڌ باد پنهنجي پلاٽ ڪهاڻي پڻي ۾گوءِ کڻي وڃي ٿو، پر ڇا ڪجي ٻولي جي اهميت جي ڳالهه آهي. مسٽر جيڪل، مسٽر هائيڊ، آگاٿاڪرسٽي جا ناول، اسٽيونسن جا ناول ۽ پرين ديوين جون انيڪ ڪهاڻيون آهن، جو انگريزي ادب جو ڦهلاءُ وڏو آهي. ماڻهو پنهنجي ٻارڙن کي اهي خريد ڪري ڏين ٿا. ٿيڻ ڇا گهرجي! اسان جا سرڪاري ادارا ثقافت کاتو ٻاراڻي ادب تي سڀني ليکڪن کان لکڻيون لکرائين ۽ انهن کي ان جي رائلٽي ادبن، ڪتب خانن ۾ ٻاراڻي ادب جا الڳ ڪارنر ٺاهيا وڃن. ٻارڙا رسالا هڪ دفعو وري شروع ڪيا وڃن، ٻاراڻي ادب جي ليکڪن کي انعام ۽ ايوارڊ سان نوازيو وڃي، ٻارڙن جا ادبي ميلا ملهايا وڃن. انهن کي ٻارڙن حوالي ڪيو وڃي. اهڙي ريت سنڌي ادب هڪ ننڍڙي ڪوشش ذريعي ٻاراڻي ادب کي جيئاري سگهجي ٿو.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو