امن جي امين سنڌ ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ جو تاريخي ردِ عمل
Dr Nazir Ahmed Abro محقق، تعليمدان، ليکڪ
پي ايڇ ڊي ماڪڙ جي حياتياتي ڪنٽرول بيجنگ چين مان. پيسٽيسائيڊ جي نقصانن تي تحقيق ڪندڙ. سامي فائونڊيشن عمرڪوٽ ۾ پروجيڪٽ مينيجر.
سنڌ رڳو مٽي، پٿرن، جبلن ۽ درياءَ جي هڪ جاگرافيائي گهيري جو نالو ناهي، پر سنڌ هڪ مڪمل سڀيتا، هڪ زنده احساس ۽ انساني تاريخ جو اهو روشن باب آهي، جنهن جي روح ۾ امن، محبت ۽ رواداريءَ جا گيت گونجندا رهن ٿا. پنج هزار سالن جي موهن جي دڙي واري سڀيتا کان وٺي اڄ تائين، سنڌو سڀيتا جو مزاج هميشه امن پسند، گڏيل بقا ۽ آفاقي ڀائيچاري وارو رهيو آهي. هتي جي مٽيءَ ڪڏهن به تعصب جي ٻجن کي قبول ناهي ڪيو ۽ هتي جي هوا ڪڏهن به نفرت جي باهه کي دکندي ناهي ڏٺو. جڏهن به وقت جي بي رحم وهڪرن يا مخصوص مفاد پرست عنصرن هن پاڪيزه ڌرتيءَ تي مذهبي جنونيت، فرقيواريت ۽ انتهاپسنديءَ جو زهر اوتڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تڏهن سنڌ جي گڏيل شعور، هتان جي صوفين ۽ عام ماڻهن ان ناسور کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جو مزاج ۽ انتهاپسندي ٻه اهڙا پهلو آهن، جيڪي ڪڏهن به هڪٻئي سان گڏجي نٿا هلي سگهن. سنڌ جي فڪري اڏاوت ۾ هتان جي صوفين جو ڪردار بنيادي پٿر جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ سڀ کان مٿانهون نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو آهي. شاهه جو رسالو رڳو شاعريءَ جو ڪتاب ناهي، پر اهو انتهاپسنديءَ جي خلاف هڪ مڪمل فڪري منشور آهي. شاهه لطيف پنهنجي مختلف سُرن ۾ جنهن نموني انسانيت، محبت ۽ مذهبي رواداريءَ جو درس ڏنو آهي، اهو سنڌ جي روح جي عڪاسي ڪري ٿو. سُر ڪلياڻ ۾ ڀٽائي صاحب جڏهن سڄي دنيا جي خوشحاليءَ لاءِ دعا گهري ٿو، تڏهن هو ڪنهن هڪ مذهب، نسل يا ملڪ تائين محدود نٿو رهي. سندس پيغام آهي ته “سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.” هي عالمي امن جو اهو پيغام آهي، جيڪو مذهبي انتهاپسنديءَ جي تنگ نظريءَ کي هڪ ئي ڌڪ سان ختم ڪري ڇڏي ٿو. اهڙي طرح سُر رامڪلي ۾ شاهه لطيف هندو جوڳين، ڪاپڙين ۽ سنياسين جي روحاني سفر، سادگي ۽ سچائيءَ کي جنهن عقيدت سان ڳايو آهي، اها مذهبي هم آهنگي جو اعليٰ ترين مثال آهي. هو مذهب جي ظاهري فرق کي مٽائي چوي ٿو ته اصل مقصد دل کي پاڪ ڪرڻ آهي. جڏهن سماج جو رهنما هندو اڳواڻن جي ساراهه ڪري، اتي انتهاپسندي ڪيئن ٿي پلجي سگهي؟ سُر سريراڳ ۽ سُر سامونڊي ۾ پورهيت جي عظمت کي بيان ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته پورهيت جو ڪو فرقيواراڻو مذهب ناهي هوندو، سندس مذهب رڳو پنهنجي محنت ۽ ايمانداري هوندو آهي. سُر مارئي جي ذريعي ڌرتيءَ سان سچائيءَ جو درس ملي ٿو، جيڪو انسان کي پنهنجي ثقافت سان جوڙي رکي ٿو ۽ کيس ڪنهن به ٻاهران آيل انتهاپسند يا نفرت انگيز نظريي جو شڪار ٿيڻ نٿو ڏئي. سنڌ جي تاريخ اها گواهي ڏئي ٿي ته هتي مذهبي هم آهنگي ڪنهن قانون يا دٻاءُ تحت قائم ناهي ٿي، پر اها هتي جي ثقافت جو حصو رهي آهي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو اهو دردناڪ دور، جڏهن چوڌاري رت جون نديون وهي رهيون هيون ۽ مذهبي جنونيت انسان کي حيوان بڻائي ڇڏيو هو، تڏهن به سنڌ ۾ مذهبي رواداريءَ جو هڪ بي مثال منظر هو. سنڌ جي مسلمانن پنهنجي هندو ڀائرن جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ پهرا ڏنا. هتي جي سڄاڻ ڌرين اڄ به مذهبي اقليتن کي پنهنجي سماج جو هڪ اهم ۽ اڻ ٽٽڻو حصو تسليم ڪيو آهي. اڄ به سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مندر، مسجدون، گوردوارا ۽ درگاهون گڏوگڏ قائم آهن، جتي هڪ پاسي اذان جو آواز گونجندو آهي ته ٻئي پاسي مندرن جا گهنڊ وڄندا آهن، پر ڪڏهن به عقيدي جي بنياد تي دلين ۾ وڇوٽيون ناهن اينديون. هي اهو تاريخي شعور آهي جيڪو سنڌ کي دنيا جي ٻين خطن کان منفرد بڻائي ٿو. موجوده دور ۾، جتي سڄي دنيا ۽ خاص ڪري اسان جو خطو مختلف قسم جي انتهاپسند نظرين جي لپيٽ ۾ آهي، اتي سنڌ کي به ان باهه ۾ اڇلائڻ جون ڪيتريون ئي ناڪام ڪوششون ڪيون ويون آهن. ڪجهه سالن کان وٺي سنڌ جي امن کي خراب ڪرڻ، مذهبي اقليتن کي نشانو بڻائڻ يا جبري مذهب تبديل ڪرائڻ جهڙا اڻوڻندڙ واقعا سامهون آيا آهن، پر اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي گڏيل سماجي شعور ڪڏهن به انهن واقعن تي خاموشي اختيار ناهي ڪئي. جڏهن به ڪو اهڙو واقعو پيش اچي ٿو، تڏهن سنڌ جا اديب، شاعر، صحافي، وڪيل ۽ سڄاڻ نوجوان رستن تي نڪري اچن ٿا. سنڌ جو ادبي رنگ هميشه انتهاپسنديءَ جي خلاف هڪ مضبوط هٿيار طور استعمال ٿيو آهي. هتي جي شاعري، افسانا ۽ ٿيئٽر اڄ به محبت جي ٻولي ڳالهائين ٿا ۽ هر ان فڪر کي رد ڪن ٿا جيڪو انسانن جي وچ ۾ ديوارون اڏي ٿو. سنڌ مذهبي انتهاپسنديءَ کي رڳو هڪ سياسي بيان طور رد نٿي ڪري، پر هي سنڌي بقا ۽ سڃاڻپ جو معاملو آهي. سنڌ سڀيتا اها ڳالهه چڱي ريت سمجهي ٿي ته انتهاپسندي ۽ فاشزم ڪنهن به سماج کي رڳو تباهي، جهالت ۽ اونداهيءَ ڏانهن وٺي ويندا آهن. سنڌي ميڊيا، ادبي گڏجاڻيون ۽ ثقافتي ڏهاڙا ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته هتي جو عوام پنهنجي روشن خيالي تي فخر ڪري ٿو. اڄوڪي دور ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي تعليمي ادارن ۾ صوفين ۽ ڀٽائيءَ جي هن پيغام کي اڃان به وڌيڪ عام ڪريون، ته جيئن نئين نسل کي نفرت جي اثرن کان بچائي سگهجي. حاصل مطلب اهو آهي ته سنڌ جي مٽي محبت، امن ۽ انسان دوستيءَ جي امين آهي. هتي مذهبي انتهاپسنديءَ جهڙي ناسور لاءِ ڪا به جاءِ ناهي. سنڌ پنهنجي صوفياڻي روح، شاهه لطيف جي آفاقي سُرن، تاريخي شعور، ادبي سڃاڻپ ۽ عظيم ثقافتي ورثي جي زور تي مذهبي انتهاپسنديءَ کي هميشه لاءِ رد ڪري چڪي آهي ۽ امن جو اهو ڏيئو هن ڌرتيءَ تي سدائين ٻرندو رهندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟