مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

“سنڌ” نيپال جي سنڌولي کان وادي سنڌ تائين

Tufail Magsi

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

تاريخ صرف بادشاهن، جنگين ۽ سلطنتن جو داستان ناهي، بلڪه نالن جو سفر به تاريخ جو هڪ خاص باب آهي. ڪي نالا هزارين سالن تائين زنده رهن ٿا، سرحدون بدلجي وڃن ٿيون، مگر انهن جو پڙاڏو مختلف پرڳڻن تائين ٻڌڻ ۾ ايندو رهي ٿو. “سنڌ” به اهڙوئي نالو آهي. اڄ اها پاڪستان جي هڪ وفاق جي سڃاڻپ آهي، ليڪن قديم دنيا ۾ ان جو مفهوم انهيءَ کان وڌيڪ ڪشادو هو. اهوئي سبب آهي ته جڏهن هماليه جي دامن ۾ واقع نيپال جي ضلعي سنڌولي (Sindhuli) جو نالو سامهون اچي ٿو ته ذهن ۾ هڪ فطري سوال جنم وٺي ٿو، ڇا اهو محض اتفاق آهي يا ان جي پٺيان تاريخ جي ڪا اونهي پرت لڪل آهي؟ ان سوال جو جواب تلاش ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ کي صرف موجوده سياسي نقشي تائين محدود نه ڏٺو وڃي، بلڪه ان کي هڪ قديم سلطنت ۽ تهذيبي پرڳڻي جي طور تي سمجهيو وڃي. عربن جي اچڻ کان اڳ سنڌ هڪ باقاعدي سلطنت هئي، جنهن تي پهرين راءِ خاندان ۽ بعد ۾ برهمڻ خاندان جي حڪومت رهي. مختلف تاريخي دورن ۾ ان سلطنت جون سرحدون تبديل ٿينديون رهيون. باوجود ان جي مختلف تاريخي ماخذ هن ڳالھه جي نشاندهي ڪن ٿا ته ان جو اثر اتر ۾ ڪشمير جي پاسي تائين ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ جي ڪنارن تائين پکڙيل هو. ڪي محقق، خاص طور تي قديم جاگرافيائي حدن ۽ واپاري رستن جو مطالعو ڪرڻ وارا اهلِ علم، اها راءِ به پيش ڪن ٿا ته “سنڌ” صرف هڪ سياسي رياست نه، بلڪه هڪ ڪشادو، تهذيبي ۽ واپاري پرڳڻو هو، جنهن جا لاڳاپا مڪران، ڏکڻ ايران، خليج فارس ۽ يمن تائين پکڙيل هئا. جيتوڻيڪ ان موقف تي سمورن محققن جو اتفاق ناهي، ليڪن اها ڳالھه چٽي آهي ته قديم دنيا ۾ “سنڌ” هڪ اهڙي نالي جي حيثيت رکندو هو جنهن جو پڙاڏو موجوده سرحدن کان گهڻو اڳتي ٻڌڻ ۾ ايندو هو. شايد اهوئي سبب آهي ته ڏکڻ ايشيا جي مختلف حصن ۾ اڄ به اهڙا نالا محفوظ آهن جيڪي “سنڌ” يا “سنڌو” جي ياد ڏيارين ٿا. انهن ئي منجهان هڪ نيپال جو تاريخي ضلعو “سنڌولي” آهي. پهرين نظر ۾ “سنڌولي” جو نالو حيران ڪري ٿو. ڇا ان جو تعلق واقعي “سنڌو” سان آهي يا اها صوتي مشابهت آهي؟ ان سوال جو جواب اڃان تائين ڪو ٺوس جواب موجود ناهي. ڪي ماهر ان نالي کي سنسڪرت جي لفظ “سنڌو” سان ڳنڍين ٿا، جنهن جي معنيٰ درياءَ يا عظيم پاڻي جا وهڪرا آهن. ڇو ته “سنڌولي” جو علائقو جابلو ندين، چشمن ۽ قدرتي پاڻي سان مالا مال آهي. ان ڪري چيو وڃي ٿو ته شايد ان جي نالي جي پاڙ به انهيءَ پراڻي لفظ ۾ هجي. ٻئي پاسي نيپالي تاريخي روايتون ان نالي جا ٻيا به ڌيان بيان ڪن ٿيون، جن ۾ هڪ مقامي حڪمران “سنڌل” يا “سنڌٿکي” کان ارتقا جو نظريو به شامل آهي. ان لاءِ عملي اعتبار کان اهوئي چوڻ درست ٿيندو ته “سنڌو” ۽ “سنڌولي” جي وچ ۾ هڪ دلچسپ تحقيقي امڪان آهي. ان هوندي به “سنڌولي” جي عالمي اهميت صرف ان جي نالي تائين محدود ناهي. سن 1767ع ۾ اهوئي اهو هنڌ هو جتي برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني کي پنهنجي شروعاتي ۽ اهم ترين شڪستن منجهان هڪ کي منهن ڏسڻو پيو. ان زماني ۾ جڏهن گورکا (نيپال) جي راجا پرٿوي نارائڻ شاهه کٽمنڊو واديءَ تي حملو ڪيو. تڏهن کٽمنڊو جي جيا پرڪاش مَلا برٽش ڪمپنيءَ کان مدد گهري. جڏهن ته کٽمنڊو جي مَلا سلطنت پنهنجي مدد لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني کي دعوت ڏني. ڪيپٽن جارج ڪنلوڪ جي قيادت ۾ هڪ فوج رواني ڪئي، جنهن کي يقين هو ته جديد هٿيارن ۽ تربيت جي مدد سان هو گورکا فوجين کي شڪست ڏيندو، پر “سنڌولي” ڳڙهي جي اڙانگن جبلن جنگ جو رخ بدلائي ڇڏيو. گورکا سپاهين جابلو جنگي حڪمت عملي اختيار ڪئي، پهچ جا رستا بند ڪيا، بلند چوٽين کان حملا ڪيا ۽ مقامي جاگرافيائي حدن کي پنهنجي سڀ کان وڏي طاقت بڻائي ورتو. نتيجو اهو نڪتو ته برطانوي فوج کي پوئتي هٽڻو پيو. اها صرف هڪ فوجي شڪست نه هئي، بلڪه ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو هڪ فيصلو ڪندڙ پل هو. جيڪڏهن ان مهم ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪامياب ٿي وڃي ها ته ممڪن هو ته نيپال به برطانوي هندستان جو حصو بڻجي وڃي ها. ان لاءِ اڄ به “سنڌولي” ڳڙهي نيپال ۾ آزادي، مزاحمت ۽ قومي وقار جي نشاني سمجهي وڃي ٿي. “سنڌولي” جاگرافيائي اعتبار کان به غير معمولي اهميت رکي ٿو. هي ضلعو نيپال جي باگمتي صوبي ۾ آهي، جتي بلند پهاڙ، سرسبز واديون ۽ اندروني ترائي هڪٻئي سان ملن ٿيون. جاپان جي تعاون سان تعمير ٿيندڙ بي پي ڪوئرالا هاءِ وي انهيءَ ضلعي مان گذري ٿي ۽ جديد انجنيئرنگ جو هڪ نمايان نمونو سمجهي وڃي ٿي. ان کان علاوه سنڌولي پنهنجي معياري مالٽا ۽ ڪِنو جي پيداوار جي لاءِ به سڄي نيپال ۾ مشهور آهي. جيڪڏهن تاريخي پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي ته “سنڌ” جهڙا نالا فقط هڪ پرڳڻي تائين محدود نه رهيا. قديم فارسي ۾ “سنڌو” جو آواز “هندو” ۾ تبديل ٿيو. يونانين هن کي“انڊوس” سڏيو ۽ بعد ۾ اهوئي لفظ “انڊيا” جو بنياد بڻيو. انهيءَ لساني ارتقا ثابت ڪيو ته لفظ به تهذيبن سان گڏ سفر ڪن ٿا ۽ وقت سان گڏ نيون صورتون اختيار ڪن ٿا. ايران، افغانستان، هندستان ۽ نيپال ۾ اهڙا ڪافي هنڌ، درياءَ ۽ جابلو علائقن جا نالا ملن ٿا جن ۾ “سنڌ” يا “هندو” سان صوتي مشابهت آهي. انهن سمورن مثالن کي سڌو سنئون وادي سان ڳنڍي ڇڏڻ درست ناهي، پر اهو ضرور ظاهر ٿئي ٿو ته “سنڌو” قديم ايشيا جو هڪ ڪشادي تهذيبي ۽ جاگرافيائي روايت جو حصو هو. نيپال جو سنڌولي انهيءَ حقيقت جو هڪ خوبصورت مثال آهي. اهو ضلعو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته تاريخ کي صرف اڄ جي سياسي سرحدن جي اندر قيد نٿو ڪري سگهجي. تهذيبون، ٻوليون، واپار لنگھه ۽ نالا، سڀ پنهنجي پنهنجي تاريخ رکن ٿا ۽ اڪثر اها تاريخ موجوده رياستن کان ڪافي قديم هوندي آهي. ٿي سگهي ٿو ته مستقبل جي تحقيق سنڌولي ۽ وادي سنڌ جي وچ ۾ ڪنهن نئين تعلق کي ثابت ڪري ۽ اهو به ممڪن آهي ته اهو تعلق صرف لساني اتفاق ٿئي، پر هڪ حقيقت پنهنجي جڳھه تي قائم آهي، تاريخ سدائين انهن ماڻهن جي لاءِ نوان دروازا کولي ٿي جيڪي سوال پڇڻ جو حوصلو رکن ٿا. سنڌولي جو نالو به اهڙو ئي هڪ سوال آهي، جيڪو اسان کي وادي سنڌ کان کڻي هماليه جي چوٽين تائين وٺي وڃي ٿو ۽ اهو احساس ڏياري ٿو ته “سنڌ” صرف هڪ پرڳڻي جو نالو ناهي، بلڪه هڪ اهڙي تهذيبي ياد آهي، جنهن جو پڙاڏو اڄ به ايشيا جي مختلف ڪنڊن ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو