مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اذيتن جي آڙاهه ۾ سڙندڙ سنڌ!

Aftab Suleman Laghari ڪالم نگار/ڪهاڻيڪار

ٽنڊوالهيار لا ڪاليج ۾ قانون جو شاگرد.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

دنيا ۾ افسوسناڪ ۽ عجيب ڳالهه اھا ھوندي آھي ته معمول جي زندگيءَ ۾ عوام سان ڪو وڏو حادثو پيش اچي ته اتي ٿرٿلو مچي پوندو آهي، پر ٽين دنيا جي ملڪن ۾ خاص طور پاڻ وٽ سڄو ملڪي ڪاروهنوار ئي عوام جي اهنجن تي آھي، ھتي جيترو عام ماڻهو زندگيءَ جي ذلالتن کي منهن ڏيندو ته ملڪي اشرافيا اوترو ويران وير وڌ ھوندي، ھتي سڄي سماج جي نفسيات ئي ڏکويل بڻجي چڪي آهي، ھر ماڻھو مايوس، پريشان حال آهي، ھر ماڻھو کي ھمدردي جي احساس جي ضرورت آھي. اھو انھيءَ ڪري جو اسان جا حڪمران عوام دشمن بڻجي ھر وقت ھر ان شيءِ کي واپار بڻائي عام ماڻهو جي پھچ کان ئي پري ڪريو ڇڏين جيڪا ماڻهن لاءِ ترقي، سڪون، خوشي جو ذريعو بڻجي. ڇاڪاڻ ته ماڻهن جي چھري تي مرڪون تڏهن اچي سگهن ٿيون جڏهن انھن کي جان، مال جي تحفظ، صحت جي سھولتن، بھتر تعليم، روزگار جھڙين بنيادي ضرورتن جو ڪوبه الڪو نه ھجي ته پوءِ عام ماڻهو کي ڪنهن به مايوسي کي نه منھن ڏيڻو پوندو ۽ نه ئي ھمدردي جي ضرورت پوندي. ڇو ته ماڻهو جڏھن پنھنجي پيرن تي بيهي وڃي، جڏھن ھن جي جيئڻ جا سمورا رستا کليل ھجن ته پوءِ ھو نه رڳو پنهنجو پاڻ خود مختيار بڻجي ٿو، پر ھو پنھنجي خاندان سميت سڄي سماج جي بھتري جو سوچي ٿو، اھڙي طرح سماج ۾ ھاڪاري سوچ ۾ واڌارو اچي ٿو ماڻهو افراتفري بدران ھڪٻئي جا ڀرجهلا بڻجي اجتماعي مفادن تي ڌيان ڏين ٿا، پر موجوده حالتن ۾ خاص طور سنڌ ۾ عوام جي اهنجن ۾ ڏينھون ڏينهن واڌ ٿي رھي آھي، ھر ماڻھو ھڪڙي اذيتناڪ صورتحال کي منهن پيو ڏي، ماڻھن کان کلڻ وسري ويو آهي، اسين جيئرا لاش پيا ھلون، ھڪ پاسي سالن جا سال نور نچوئي محنت ڪري پڙھيل لکيل نوجوان ميرٽ جي لتاڙ خلاف سراپا احتجاج آھن، ڊگريون ھٿن ۾ کڻي در درد جا ڌڪا کائڻ تي مجبور آھن، پر سرڪار انھن کي ٻڌڻ بدران پنھنجا نوازي واري نااھل انھيءَ ناني ويڙھي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. ٻئي پاسي سنڌ جون معصوم نياڻيون پريا ڪماري، اجالا سولنگي، فضيلا سرڪي سالن کان گم آھن، انھن سنڌ جي نياڻين جي بازيابي لاءِ سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي، هي سٽون لکڻ وقت پڻ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي احتجاجي ڌرڻو جاري آھي، پر ذميوار ادارا پنھنجو گھربل ڪردار ادا ڪرڻ بدران پنھنجي جان ڇڏائڻ لاءِ عجيب بيان ڏئي وارثن جا ڏک وڌائي رھيا آھن. ڇاڪاڻ ته ڪير به ھجي ان کان سندس پيشوراڻن فرضن ۾ ڪوتاهي تي ڪير سوال ڪري ته ان ۾ آخر ڪھڙو ھرج آھي؟ سنڌ ۾ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ، امن امان، اغوا وغيره جي حوالي سان جيڪا صورتحال آهي ان جي سڄي ذميواري وقت جي سرڪار ۽ لاڳاپيل ادارن جي آھي، جيڪي انھن شين تي ضابطو آڻڻ لاءِ عوام جي ٽيڪسن مان پگھار کڻن ٿا. جيڪڏهن اهي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ نٿا ڪري سگهن ته فوري استعيفيٰ ڏئي ڇڏين. ھاڻ ان صورتحال ۾ جڏهن ماڻھن کي مسئلن جي ڄار ۾ سوگھو ڪيو ويو ھجي، عوام کان اظھار جي آزاديءَ کسي انھن جي سوچ تي پھرا ھنيا ويا ھجن، ڪرپشن، پنهنجا نوازڻ، جي حضوري ڪرڻ کي هٿي ڏيڻ، سڄي سماج کي اھڙين مايوسين جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي، جتي اسان مان ماڻھن جي اڪثريت ھاڻ مرڻ کان اڳ خاموشي جو ڪفن پائي ذھني ۽ روحاني طور مڪمل مري چڪي آهي، نه ته ڀلا زندگي اھا ته ناھي جيڪا گذري پئي، زندگيءَ رڳو ذلالتن جو سفر به ته ناھي جي ائين آھي ته پوءِ ڀلا زندگي جا اھي امتحان ۽ ذلالتون رڳو عام ماڻهو جي مقدر ۾ ڇو آهن؟ ھن ملڪ جي امير، سرمائيدار، افسر شاھي ٻي به خلق آھي انھن کي ڪڏھن ميرٽ لاءِ، سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون نه ھئڻ، مھانگائي وغيره خلاف ڪو احتجاج ڪندي ڪڏهن ناھي ڏٺو ويو ڇو ڀلا؟ ڇا ھر هلنديءَ واري ماڻهو جا ٻار ايڏا ھوشيار آھن، جو جنھن امتحان ۾ ويھندي ئي ڪامياب ٿيو وڃن؟ غريب لاءِ هن ملڪ ۾ زندگي هڪ پرفريب سزا کان گھٽ ناھي، ان جو سبب خراب حڪمراني، بي حسي، عوامي مسئلن کان ذميوار ترين ادارن جي مڪمل ڪن لاٽار، عوام جي شڪايتن تي اکيون ۽ ڪن بند ڪرڻ آھي. نتيجي طور عوام ذھني طور مفلوج ٿي چڪو آهي. ھر روز سوين ماڻهو آپگھات ڪن ٿا ۽ ھزارين ماڻھو سماج ۾ آپگھات واري صورتحال مان ھر روز گذرن ٿا. دراصل ماڻھن جي اھڙي ته تذليل ڪئي وئي آهي جو کين ھاڻ پنھنجي عزت ۽ ذلت ۾ به ڪو فرق محسوس نٿو ٿئي، ماڻھن لاءِ جيئڻ ايترو ڏکيو بڻجي چڪو آهي جو ھو زندگيءَ جھڙي نعمت ۽ موت ۾ ڪو فرق ناھي رھيو. سماج ۾ ماڻھن جو ھڪڙو وڏو انگ ھن جديد دور ۾ به انسان جي روپ ۾، مھذب زندگيءَ جي شڪل ۾ دراصل جانورن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھي. جانور قدرتي طور بي زبان آھن ۽ اسان کان ڳالھائڻ پنھنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ جو حق کسي خاموش ڪيو ويو آهي، نه ته مڪمل زنده ھئڻ جو مقصد آھي زندگي جو ھر پل ڀرپور جيئڻ، پر ھن موجوده سنگين صورتحال ۾ سماج ۾ اھڙو شخص پاڻ کي ڪو ورلي ڏسڻ لاءِ ملندو، جيڪو اھڙيءَ طرح زندگي گذاريندو ھجي جو ھر گهڙي زندگيءَ جو ڀرپور نموني مزو وٺي ذميداريون پوريون ڪري جيئڻ جو حق ادا ڪندو هجي. ملڪ اندر ھن سڄي صورتحال جي ذميوار رياست، وقت جا حڪمران ۽ ادارا آھن، جن جي اھا اولين ذميواري آهي ته ھو ھر وقت عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پنھنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻين. تنھنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڄي ملڪ خاص طور سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بھتر ڪرڻ لاءِ نيڪ نيتي سان موثر قدم کنيا وڃن ته جيئن عوام جي جان، مال ۽ عزت محفوظ رهن، نوڪرين ۾ ميرٽ کي يقيني بڻائي اھل نوجوانن جي ھٿ ۾ ادارن جون واڳون ڏنيون وڃن ته جيئن حقيقي معنيٰ ۾ سماج اندر بھتري جي ڪا اميد جاڳي سگھي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو