سنڌ ۽ نوآبادياتي نظام جو تسلسل
نوآبادياتي نظام جو مقصد رڳو زمين تي قبضو ڪرڻ نه هو، بلڪه ماڻهن جي سوچ ۽ تخليق تي قبضو ڪرڻ پڻ هو، جنهن تي کين حڪمراني ڪرڻي هئي. هي لفظ پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي هڪ محترم جج صاحب جا آهن، جيڪي روزاني “ڊان” (Dawn) اخبار جي بنيادي سرخي بڻيا. جيڪڏهن غور ڪجي ته اهي سٽون نه رڳو اسان جي موجوده نظام، بدامني، ڪرپشن ۽ لٽ مار جو آئينو آهن، بلڪه اسان جي گذريل نوآبادياتي دور جون جهلڪيون به پيش ڪن ٿيون. اسين پنهنجن ابن ڏاڏن کان نوآبادياتي دور جون ڪهاڻيون ٻڌندا آيا آهيون، جنهن ۾ ماڻهن کي غلام بڻائي کين بنيادي آزاديءَ کان محروم ڪيو ويندو هو. ڪٿي ماڻهن جي کليل ذهن، تنقيدي سوچ ۽ آزاديءَ جي جذبي کي دٻايو ويندو هو ته ڪٿي وري قانوني شڪل ڏئي کين غلاميءَ جو طوق پارايو ويندو هو. اهو هڪ اهڙو دور هو جنهن ۾ انسان پاڻ کي ڪمتر سمجهڻ ۽ آقائن جي فرمانبرداري ڪرڻ تي مجبور هوندو هو.
جيڪڏهن اڄوڪين حالتن جو جائزو وٺجي ته اهو سڀ ڪجهه اڄ به مختلف روپن ۾ موجود آهي. فرق رڳو ايترو آهي جو وقت بدلجي ويو آهي، پر حالتون، نظام، قانون ۽ حڪمرانيءَ جو انداز ساڳيو آهي. سنڌ ۾ هلندڙ اڄوڪو طرزِ حڪمراني به گهڻي ڀاڱي ان ئي قديم نظام جي پيروي آهي. ان دور ۾ غلامي اعلانيه هئي. جڏهن ته اڄ آئيني ۽ قانوني چادر ڍڪي ساڳيو نظام هلايو پيو وڃي. جيڪو معاشرو پنهنجين غلطين مان سکي اڳتي نٿو وڌي، ان جي تقدير ڪڏهن به نٿي بدلجي. سنڌ ۾ اڄ به اهو نوآبادياتي سوچ وارو نظام ايترو ته پاڙون پختيون ڪري چڪو آهي جو ان جي خلاف اٿندڙ هر آواز کي دٻايو ويندو آهي. ان جو هڪ مثال صحافي نصرالله گڏاڻي جو آهي، جنهن جاگيرداراڻي نظام جي مخالفت ڪندي آواز بلند ڪيو ۽ مئي 2024ع ۾ کيس قتل ڪيو ويو. ان کان علاوه به ڪيترائي مثال آهن، جن هن ظالم نظام جي نه رڳو مذمت ڪئي، پر ان خلاف جدوجهد جو علم به بلند ڪيو. تعليم جو شعبو، جيڪو انساني زندگيءَ جي سڀني پهلوئن ۾ سڀ کان اهم آهي ۽ جنهن ذريعي فرد سان گڏ معاشرو، معاشيات، سياست ۽ صحت به ترقي ڪن ٿا، ان جو حال به ڀلو ناهي. تعليم انسان کي شعور ۽ سجاڳي ڏيندي آهي. انگريزن جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو ته پنهنجي نظام جي بقا لاءِ هنن اڳ کان هلندڙ روايتي اسڪول بند ڪرايا، جتي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ پڙهندا هئا. هنن پنهنجو نصاب لاڳو ڪيو ۽ ماڻهن کي خوف ۾ مبتلا ڪري سندن مادري، ثقافتي ۽ روايتي تعليم کي ختم ڪرايو. ان جو مقصد ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجي بالادستي قائم رکڻ لاءِ هڪ مطيع ۽ محڪوم نسل پيدا ڪرڻ هو. هڪ مورخ جي بيان مطابق 1843ع ۾، جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن رڳو ٺٽي ۾ ڇهه هزار کن مڪتب ۽ مدرسا موجود هئا، جن کي انگريزن جي آمد کانپوءِ بند ڪيو ويو. تعليم جي کوٽ جي نتيجي ۾ ماڻهو پنهنجي وطن، رسمن، تاريخ ۽ ادب کان پري ٿيندا ويا. اڄ به سنڌ جي تعليمي صورتحال حوصلي افزا ناهي. سنڌ ۾ خواندگيءَ جو تناسب تقريبن 61.8 سيڪڙو آهي. جڏهن ته عورتن جي خواندگيءَ جو تناسب 47 سيڪڙو آهي ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ اها ان کان به گهٽ آهي. پنجن کان سورهن سالن جي عمر جا لڳ ڀڳ 6.5 ملين ٻار (تقريبن 44 سيڪڙو) اسڪولن کان ٻاهر آهن، جن ۾ ڇوڪريون وڌيڪ متاثر آهن. نتيجي ۾ عورتون جديد دنيا جي مقابلي ۾ پوئتي رهجي وڃن ٿيون. سنڌ جي بجيٽ ۾ تعليم لاءِ 18 بلين رپيا رکيا ويا آهن، پر ان جو وڏو حصو نون تعليمي منصوبن جي بدران پگهارن ۽ پينشن تي خرچ ٿي ويندو آهي، جنهن ڪري بنيادي ڍانچو ڪمزور رهي ٿو. جنهن معاشري ۾ قانون جي حڪمراني، انصاف جي جلد فراهمي، مجرمن کي سزا ۽ مظلومن جي حمايت عام هجي، اتي ترقي ۽ امن قائم ٿيندو آهي، پر “ورلڊ جسٽس پروجيڪٽ” (World Justice Project) جي رول آف لا انڊيڪس موجب پاڪستان 142 ملڪن مان 129 نمبر تي آهي، امن امان ۽ سلامتيءَ ۾ 140 نمبر تي، بنيادي حقن ۾ 125 نمبر تي ۽ سول انصاف ۾ 128نمبر تي اچي ٿو. اهي انگ اکر ڪرپشن، بدامني ۽ جرم ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ جو کليل ثبوت آهن، جنهن ڪري عوام جو حڪومتي ادارن تان اعتماد گهٽجي رهيو آهي. اهو اسان جي عدالتي ۽ قانوني نظام جو عڪس آهي.
سنڌ، جيڪا صوفين جي ڌرتي ۽ باب الاسلام سڏجي ٿي، اڄ به جاگيرداري ۽ وڏيرڪيءَ جي صورت ۾ ان نوآبادياتي سوچ جي ور چڙهيل آهي. انگريز جڏهن هن خطي مان ويا ته اقتدار جون واڳون مقامي جاگيردارن جي حوالي ڪري ويا. مطلب ته رڳو چهرا بدلجي ويا، پر حڪمرانيءَ جو ڍانچو اهو ئي رهيو. معروف قانوندان حامد خان پنهنجي ڪتاب Constitutional and Political History of Pakistan (پاڪستان جي آئيني ۽ سياسي تاريخ) ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ مخصوص جاگيردار خاندان ويٺا رهيا، جن انگريزن واري نوآبادياتي طرزِ حڪمرانيءَ کي قائم رکيو. ان لاءِ نه رڳو نوآبادياتي ذهنيت ۽ نظام جو خاتمو ضروري آهي، بلڪه ان نظام کي قائم رکندڙ هر شخص جو بلا تفريق احتساب به وقت جي اهم ضرورت آهي، جيئن عوام غلاميءَ جي هن ذلت ۽ محروميءَ مان نڪري آزاديءَ ۽ ترقيءَ جي نئين دور ۾ قدم رکي سگهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟