مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بليڪ هول جي ورهاست جا اشارا

Sukaar Jakhro ڪالم نگار، مترجم

جهمپير ڀرسان اتراڻ جو رهاڪو، سينئر صحافي.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڏهاڪن تائين آئن اسٽائن وارن فلڪيات ۽ حرڪيات (Thermodynamics) جي بنيادي قانونن موجب بليڪ هول ڪائنات جو اھڙو انتهائي ڳتيل ۽ مضبوط ڪشش وارو جسم ليکبو ھو، جيڪو ٻين سان ملي وڏو ته ٿي سگهيو ٿو، پر پاڻمرادو ٻھ اڌ نھ پيو ٿي سگهي، پر Physical Review D ۾ شايع ٿيل هڪ تحقيقي مطالعي موجب، مخصوص انتهائي حالتن ۾ بليڪ هول جو ٻن ننڍن بليڪ هولز ۾ ورهائجڻ رياضياتي ۽ نظرياتي طور ممڪن آھي. هن امڪاني عمل لاءِ بليڪ هول جي غير معمولي حد تائين تيز گردش کي بنيادي اهميت ڏني وئي آهي.
بليڪ هول ڪائنات جا اهڙا جسم آهن، جن جي ڪششِ ثقل ايتري طاقتور هوندي آهي، جو انهن جي هڪ مخصوص حد، جنهن کي واقعاتي افق (Event Horizon) چئبو آھي، ان کان ٻاهر روشني به واپس نڪري نٿي سگهي. عام حالتن ۾ بليڪ هول جي بناوٽ ۽ حر حرڪياتي خاصيتون ان کي ورهائجڻ جو سبب نٿيون ڏين. ڇاڪاڻ ته اهڙي عمل سان ان جي ڪل اينٽروپي (توانائي جو مقدار جيڪو مڪينيڪل توانائي ۾ تبديل نه ٿي سگهي) ۾ گهٽتائي اچڻ جو امڪان هوندو آهي، جيڪو حر حرڪيات جي ٻئي قانون سان ٽڪراءُ ۾ اچي ٿو. اهو قانون ٻڌائي ٿو ته ڪنهن الڳ نظام جي ڪل اينٽروپي وقت سان گڏ گهٽجڻ بدران وڌندي يا گهٽ ۾ گهٽ برقرار رهندي آهي، پر تحقيق موجب، جڏهن بليڪ هول پنهنجي گردش جي انتهائي آخري حد تائين پهچي ٿو ته ان جي ڪاميٽي (بليڪ ھول جي مادي جو ڪل مقدار)، گردش جي مومينٽم ۽ اينٽروپي وچ ۾ لاڳاپا غير معمولي صورت اختيار ڪري سگهن ٿا. اهڙي حالت ۾ روايتي حر حرڪياتي پابندين کان هڪ نظرياتي گنجائش پيدا ٿي سگهي ٿي، جنهن تحت بليڪ هول جي هڪ جسم مان ٻن الڳ جسمن ۾ تبديلي ممڪن بڻجي سگهي ٿي. البته ان جو مطلب اهو ڪونھي ته عام طور بليڪ هول ٽٽي سگهن ٿا؛ اهو امڪان رڳو انتهائي مخصوص ۽ غير معمولي حالتن سان مشروط آهي. هن عمل جي رياضياتي تشريح ۾ هڪ دلچسپ تصور سامهون آيو آهي، جنهن کي ‘پير آف پينٽس‘ (Pair-of-Pants) جي شڪل سان ڀيٽيو ويو آهي، يعني بليڪ هول جو واقعاتي افق، جيڪو عام طور هڪ بند سطح جي صورت ۾ هوندو آهي، ڪنهن خاص مرحلي تي اهڙي بناوٽ اختيار ڪري سگهي ٿو، جيڪا هڪ مٿئين حصي مان هيٺ ٻن الڳ حصن ۾ ورهائجندڙ پتلون جهڙي نظر اچي. سادن لفظن ۾، هڪ بليڪ هول جو افق ٻن الڳ افقن ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو، جيڪي ٻن نون بليڪ هولز جي حدن جي نمائندگي ڪندا. هي تصور في الحال رياضياتي ماڊلز ۽ نظرياتي فلڪيات تائين محدود آهي، ان جي حقيقي ڪائناتي مشاهدي جي تصديق اڃان نه ٿي آهي. تحقيق ۾ اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته رڳو بليڪ هول جو انتهائي تيز گردش ڪرڻ ئي ان جي ورهائجڻ لاءِ ڪافي نه هوندو. جيڪڏهن ورهائجڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ ٻه حصا هڪ ٻئي کان الڳ ٿيڻ لاءِ گهربل حرڪتي توانائي ۽ مومينٽم حاصل نه ڪري سگهيا ته اهي ٻيهر هڪ ٻئي ڏانهن ڇڪجي ملي سگهن ٿا. تنهنڪري اهڙي عمل لاءِ گردش جي رفتار جو پنهنجي وڌ ۾ وڌ نظرياتي حد جي ويجهو هجڻ ضروري ليکبو آھي. ان کان سواءِ، ماڊلز اهو به ظاهر ڪن ٿا ته جيڪڏهن اهڙي ورهاست ٿي ته ممڪن آهي ته هڪ وڏو ۽ ٻيو ان جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍو بليڪ هول وجود ۾ اچي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته آئن اسٽائن جي عام اضافيت جي روايتي چو بُعدي (Four Dimemsional) ڪائناتي ماڊل کان اڳتي وڌي، اضافي مڪاني بُعدن کي شامل ڪندڙ نظرياتي ماڊلز ۾ اهڙي ورهاست کي حر حرڪياتي لحاظ کان وڌيڪ سازگار قرار ڏنو ويو آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪائنات جي بناوٽ ۽ بليڪ هولز جي ارتقا بابت اسان جي موجوده ڄاڻ اڃان اڌوري آهي ۽ اضافي بُعدن جا نظريا ڪائناتي واقعن کي سمجهڻ لاءِ نوان رستا کولي سگهن ٿا. بليڪ هولز جي هن امڪاني ورهاست کي سمجهڻ لاءِ هڪ ٻيو اهم سائنسي تصور هاڪنگ تابڪاري (ھاڪنگ ريڊيئيشن) آهي، جنهن کي مشهور برطانوي طبعياتدان اسٽيفن هاڪنگ 1974ع ۾ متعارف ڪرايو هو. ان کان اڳ عام تصور اهو هو ته بليڪ هول اهڙا ڪائناتي ڦاھا آهن، جن مان ڪا به شيءِ ٻاهر نڪري نٿي سگهي، پر هاڪنگ ڪوانٽم طبعيات ۽ ڪششِ ثقل جي گڏيل مطالعي وسيلي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته بليڪ هول مڪمل طور غير فعال نھ آھن، بلڪه اهي تمام آهستي توانائي خارج ڪري سگهن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ سندن ڪاميٽي گهٽجندي رهي ٿي. ڪوانٽم طبعيات موجب، خلا مڪمل خالي نه هوندو آهي، پر ان ۾ توانائيءَ جون نهايت ننڍيون ۽ عارضي تبديليون ٿينديون رهنديون آهن. انهن کي ڪوانٽم فلوڪچوئيشنز(Quantum Fluctuations) چئبو آهي. هاڪنگ جي نظريي موجب، واقعاتي افق ويجهو ڪوانٽم اثرن سبب توانائيءَ جي اهڙي صورت پيدا ٿي سگهي ٿي، جنهن جو ڪجهه حصو خلا ۾ تابڪاريءَ طور ظاهر ٿئي ٿو، جڏهن ته ان جي نتيجي ۾ بليڪ هول جي ڪاميٽي گهٽجي ٿي. ان عمل کي هاڪنگ تابڪاري چئبو آهي. هن تابڪاريءَ جي هڪ اهم خاصيت اها آهي ته بليڪ هول جي ڪاميٽي جيتري گهٽ هوندي، ان جو گرمي پد اوترو وڌيڪ هوندو. ان جي ابتڙ، وڏا بليڪ هول انتهائي ٿڌا هوندا آهن ۽ تمام آهستي توانائي خارج ڪندا آهن. ان ڪري تارن جي ڪاميٽيءَ جيترا وڏا بليڪ هول ايتري ڊگهي عرصي ۾ بخار بنجي ختم ٿيندا، جو اهو عرصو ڪائنات جي موجوده عمر کان به بيحد وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ ننڍڙا يا ابتدائي ڪائنات ۾ پيدا ٿيل بليڪ هول، جن کي پرائيمورڊيل بليڪ هولز (Primordial Black Holes) چئبو آھي، پنهنجي حياتيءَ جي آخري مرحلي ۾ تمام گهڻي توانائي خارج ڪري سگهن ٿا. نظرياتي طور اهڙي تابڪاريءَ جي آخري مرحلن ۾ گاما ڪرڻن جو شديد اخراج به ٿي سگهي ٿو. هاڪنگ تابڪاري جو تصور بليڪ هولز جي امڪاني ورهاست واري تحقيق سان ان ڪري لاڳاپيل آهي، جو ان ذريعي انهن ننڍڙن بليڪ هولز جي ارتقا ۽ آخري مرحلن کي سمجهي سگهجي ٿو، جيڪي ممڪن طور ڪنهن وڏي ڪائناتي عمل جي نتيجي ۾ پيدا ٿين. جيڪڏهن ڪنهن بليڪ هول جي ورهاست سان ننڍا ٽڪرا وجود ۾ اچن ۽ اهي اڳتي هلي هاڪنگ تابڪاري وسيلي توانائي خارج ڪن، ته سندن تابڪاري مستقبل ۾ مشاهدي جو هڪ ممڪن ذريعو بڻجي سگهي ٿي. بليڪ هول جي گردش کي سمجهڻ لاءِ سائنسدان ڪير (Kerr) ميٽرڪ نالي رياضياتي ماڊل استعمال ڪندا آهن، جيڪو آئن اسٽائن جي عام اضافيت واري نظريي تحت گردش ڪندڙ بليڪ هول جي بناوٽ بيان ڪري ٿو. ان جي ابتڙ، شوارزشلڊ (Schwarzschild) ماڊل اهڙي بليڪ هول جي تشريح ڪري ٿو، جيڪو گردش نٿو ڪري. “ڪير ماڊل” ۾ بليڪ هول جي ڪاميٽيءَ سان گڏ ان جي زاويائي مومينٽم کي به اهميت حاصل آهي. جڏهن ڪنهن بليڪ هول جي گردش وڌندي آهي ته ان جي واقعاتي افق جي بناوٽ به تبديل ٿيندي آهي. نظرياتي طور ان گردش جي هڪ انتھائي حد مقرر آهي. جيڪڏهن بليڪ هول ان حد تائين پهچي وڃي ته ان کي ‘ايڪسٽريم ڪير بليڪ هول’ چئبو آهي. اهڙي حالت ۾ ان جي ٻاهرين ۽ اندروني افقن جي وچ ۾ فرق ختم ٿي هڪ گڏيل حد جي صورت اختيار ڪري ٿو. جڏهن ته افق جي مٿاڇري سان لاڳاپيل ڪششِ ثقل جي شدت، جنهن کي سرفيس گريوٽي چئبو آھي، نظرياتي طور ٻڙي ٿي وڃي ٿي. اهوئي غير معمولي مرحلو تحقيق جو مرڪزي نقطو آهي. ڇاڪاڻ ته انتهائي گردش ڪندڙ بليڪ هول جون هندسي ۽ حر حرڪياتي خاصيتون عام بليڪ هولز کان مختلف ٿي وڃن ٿيون. روايتي طور واقعاتي افق جي ايراضيءَ ۾ گهٽتائيءَ تي پابندي، بليڪ هول جي ورهاست کي ناممڪن بڻائيندي رهي آهي، پر انتهائي گردش واري حالت ۾ افق جي بناوٽ ۽ اينٽروپيءَ جي لاڳاپن ۾ اهڙيون پيچيدگيون پيدا ٿين ٿيون، جن جي بنياد تي محققن هڪ نظرياتي امڪان پيش ڪيو آهي ته مخصوص حالتن ۾ بليڪ هول جو افق هڪ کان ٻن حصن ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. هاڻي اهم سوال اهو آهي ته ڇا سائنسدان ڪڏهن اهڙي غير معمولي ڪائناتي واقعي جو مشاهدو ڪري سگهندا؟ في الحال ڪنهن بليڪ هول جي پاڻمرادو ٻن حصن ۾ ورهائجڻ جو سڌو مشاهدو موجود ڪونھي. تنهن هوندي به، محققن موجب ابتدائي ڪائنات ۾ پيدا ٿيل ننڍڙا بليڪ هول هن قسم جي تحقيق لاءِ وڌيڪ اهم اميدوار ٿي سگهن ٿا. اهڙا بليڪ هول ڪائنات جي شروعاتي دور جي انتهائي ڳتيل ۽ گرم حالتن ۾ پيدا ٿيا هوندا، جيتوڻيڪ انهن جو وجود اڃان مشاهدي وسيلي قطعي طور ثابت نه ٿيو آهي. سائنسدانن لاءِ هڪ ٻيو ممڪن رستو اڻ سڌي شاهدي حاصل ڪرڻ آهي. جيڪڏهن ڪنهن ننڍڙي بليڪ هول جي ورهاست يا ان جي آخري مرحلي ۾ توانائيءَ جو غير معمولي اخراج ٿئي ته ان جا اثر گاما ڪرڻن جي صورت ۾ ظاهر ٿي سگهن ٿا. ناسا جي “فرمي لارج ايريا ٽيلي اسڪوپ” جهڙا مشاهدي جا اوزار ڪائنات مان ايندڙ گاما ڪرڻن جو مطالعو ڪن ٿا. مستقبل ۾ اهڙن مشاهداتي انگن اکرن جي مدد سان ننڍن بليڪ هولز جي ممڪن وجود، انهن جي بخار ٿيڻ ۽ ٻين غير معمولي ڪائناتي واقعن بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ٿي سگهي ٿي. البته گاما ڪرڻن جو ڪوبه غير معمولي اشارو پاڻمرادو بليڪ هول جي ورهاست جو ثبوت نه هوندو. ڇاڪاڻ ته اهڙي تابڪاري جا ٻيا به ڪيترائي ڪائناتي سبب ٿي سگهن ٿا. مجموعي طور، انتهائي تيز گردش ڪندڙ بليڪ هولز جي ممڪن ورهاست بابت هيءَ تحقيق جديد فلڪيات جي هڪ دلچسپ ۽ غير معمولي نظرياتي اڳڀرائي آهي. تنهن هوندي به، رياضياتي امڪان ۽ حقيقي ڪائناتي واقعي جي وچ ۾ وڏو فرق آهي. جيستائين اهڙي ورهاست جو مشاهدي وسيلي ثبوت نٿو ملي، تيستائين ان کي ثابت ٿيل حقيقت بدران هڪ اهم نظرياتي امڪان طور ئي ڏسڻ گهرجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو