مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

شير درياءَ

Bakhtawar Razaq Dars

شاگرد، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪارا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌو درياءَ جا ڪيترائي نالا آهن، رضا علي عابدي بي بي سي لنڊن لاءِ ڊاڪيومينٽري ٺاهي، جيڪا پوءِ شير درياءَ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ پڻ شايع ٿي چڪي آهي. صدين کان اهو درياءَ ھماليا جي هنج مانسورور مان نڪري 3,180 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. جيئن ته دريائن جي ڪنارن تي تهذيبون جنم وٺنديون آهن تيئن درياءِ سنڌ تي پڻ آڳاٽي تهذيب جنم ورتو، ھڙپا موهن جو دڙو ان جا چٽا مثال آھن.
آرين پنهنجا مقدس ويد سنڌوءَ جي ڪنارن تي ويهي لکيا.
اڳتي هلي سنڌوءَ کي يونانين انڊو ڪري ڇڏيو. انگريزي زبان ۾ اڄ به کيس انڊس رور چيو وڃي ٿو.
سنڌو سڀيتا کي وري انڊس سولائيزيشن سڏجي ٿو.
صحيفا ۽ سڀيتا ته ٿيا پنهنجي جاءِ تي.
”پر هن وقت اسان سنڌين لاءِ سنڌو درياءَ سهارو سڃاڻپ ۽ معاشي طور ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکي ٿو ۽ پڻ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي.”
ان درياءَ جي جَلُ تي پنجاب جون بريون نظرون پڻ صدين کان وٺي رهيون آهن. انگريزن جي دور ۾ ان تي باقاعده هڪ لکپڙھ جي جنگ سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ هلي، جيڪا وائسراءِ ھند ان عالمي اصولن تي ته دريائن تي پُڇڙي وارن جو حق آهي. پنجاب جو ڪيس رد ڪري ڇڏيو هو.
پر 1947 ع ۾ پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ جي هر وسيلي کي تين وال ڪيو ويو آهي. تيئن سنڌوءَ جي پاڻي تي پڻ ڌاڙا لڳڻ شروع ٿيا آهن. ڊيم، لنڪ، ڪئنال جوڙي هن فطرت جي انمول تحفي کي برباد ڪري ڇڏيو.
نتيجي ۾ سنڌو درياءَ جو ڊيلٽا تباھ ٿي ويو. سمنڊ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو.. اڄ به وري نوان ڪئنال جُڙي رهيا آهن. گذريل سال سنڌين ٻٻرلوءِ تي تاريخي ڌرڻو هڻي ان جارحيت خلاف آواز اٿاريو هو.
ڳالھه ڊگهي ٿي وئي! ظلم جو داستان به ته ڊگهو آهي، پر پاڻ اِتان ڳالھه جي ڳنڍ کولي، نئين سري ٻڌون ٿا!
سنڌوءَ جون سلطنتون(Empires of indus) نالي لکيل ڪتاب تي نظر وجهنداسين. جنهن جي لنڊن ڄائي ليکڪا صحافي تاريخدان ايلائيس البينيا آهي ۽ سنڌيڪار مظفر بخاري آهي.
ايلائيس چوي ٿي: مون کي ياد آهي جڏهن پهريون ڀيرو منهنجي دل ۾ سنڌوءَ کي ڏسڻ جي خواهش پيدا ٿي هئي. اها بس انڌيري ڪمري ۾ چڻنگ جيان نروار ٿي هئي، تڏهن آئون فقط ٽيويھن سالن جي هيس.
ان وقت مون تي هر وقت هندستان جي تاريخ جي مطالعي جو جنون سوار هو. اهوئي سبب هو جو مون جيڏانهن منهن ٿي ڪيو، اوڏانهن سنڌو نظر ٿي آئي. اها اپريل 2000 جي ڳالھه آھي، لڳ ڀڳ هڪ سال اڳ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪارگل جنگ جي پڄاڻي ٿي هئي. دهليءَ ۾ ٻن سالن تائين رهڻ دوران منهنجي سامهون اهڙيون ڪيتريون ئي شيون آيون جن ۾ چٿرون، نالن جا بگاڙ ۽ تاريخ جي گونج به شامل آهن، پر منهنجو سج جي لوساٽيندڙ گرميءَ جي ڪري سُڪل تصور اهو آهي ته اھو سڀ ڪجھه (سنڌو) نديءَ جي ڪري آهي. اها ندي جيڪا تبت جي بلندين تان شروع ٿئي ٿي ۽ ڪراچيءَ لڳ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، جيڪا نديءَ ڪناري مضبوط قلعا تعمير ڪرڻ سان گڏ لوڪ گيتن جي جهونگار جو ڪارڻ به آهي.
تاريخ جي تهن کي ماپڻ ۽ پرکڻ لاءِ نيٺ پاڪستان آيس. اها تاريخ جنهن دنيا تي تمام گهرا اثر ڇڏيا آهن. سڪندر اعظم جي وقت جي تاريخدانن انڊس ويلي (سنڌو ماٿري) بابت لکيو، دلچسپ ڪهاڻيون تخليق ڪيون ۽ هنن ان کي انڊيڪا Indika جو نالو ڏنو. انڊيا ۽ ان جي دريائن مغرب جي تصور ۾ نوان خاڪا پيدا ڪيا. سنڌو ماٿري مذهب ادب سياست ۽ تاريخ جو تسلسل آهي ۽ اها تاريخ صدين تي پکڙيل آهي جنهن ۾ تبت ۽ ڀارت به ڀائيوار آهن. مون کي ان تاريخ جي تلاش ۾ سنڌوءَ جو اوڀارو سفر ڪرڻو آهي. اها سنڌو ندي جنهن ڪراچيءَ ۾ پاڪستان کي جنم ڏنو هو ۽ هزارين سال اڳ تبت کان پنهنجو سفر شروع ڪيو هو، جڏهن خود ان نديءَ جو جنم ٿيو هو.
سنڌوءَ کي پنهنجي سفر دوران مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو. اهي نالا يقيني طور آمرن جي نالن کان وڌيڪ سهڻا آهن. سنڌ ۾ ان کي “ڀورالي ندي” سڏيو وڃي ٿو، افغانستان جي ڀروارن (خيبر پختونخواهه) سرحد جي علائقن ۾ ان جو نالو “نيلاب” آهي، نيري پاڻيءَ جي ڪري اهو نالو مٿس پيو آهي. “شير درياءَ” به سڏيو وڃي ٿو ۽ “اباسين” يعني دريائن جي پيءُ جو به خطاب مليل اٿس. جابلو وهڪرن دوران اتي جا ماڻهو مختلف ٻوليون ڳالهائين ٿا ۽ مختلف مذهبن جا پيروڪار آهن، ان ڪري نالا به مختلف اٿس. بلتي کيس “گيمتُش” يعني عظيم ٻوڏ ۽ “تسُوفو”(Tsha_fo) يعني “نر ندي” سڏين ٿا. لداخ ۽ تبت ۾ “سنگي سامپو”(Senge Tsampo) يعني شير درياءَ سڏيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ايلائيس شائق کي پڙهڻ لاءِ اتساهيندي اڪسائيندي هيئن چوي ٿي: “ان نديءَ جي پراسراريت مون کي سفر تي اڀاريو ۽ تنهنڪري هن ڪتاب جو مرڪزي نقطو به اهائي ندي آهي جيڪا اتي جي رهواسين لاءِ دل لڀائيندڙ حيثيت رکي ٿي. سنڌ جي صحرائن کان تبت جي پهاڙن تائين هاري ان نديءَ جي پوڄا ڪن ٿا ۽ شاعر ان جي ثنا خواني ۾ مصروف آهن.
ايتري عبادت پرستش ۽ ثنا خواني ڪنهن به ديوتا يا سياستدان جي نٿي ڪئي وڃي جيتري سنڌو جي ڪئي وڃي ٿي. توڙي جو اڄ هي درياءَ رسمي طور موجود آهي. هاڻي ان نديءَ ڪناري انسانيت بدران وحشت جو راڄ آهي. اڄ جڏهن آئون سنڌو ندي بابت سوچيان ٿي ته مون کي اهي قديم سنسڪرت جا اشلوڪ ياد اچن ٿا جيڪي پوڄارين جي زبان تي هوندا هئا. اهڙائي گيت يوناني سپاهين ۽ صوفي درويشن جي زبان تي به رهيا. صدين جو سفر ڪندي اهي لفظ جڏهن اسان تائين پهچن ٿا ته اهو احساس ڏيارين ٿا ته سڀ ڪجھه ختم ٿي رهيو آهي.
“بس پوءِ ڇا!! مهاڳ پڙھڻ کانپوءِ تاڙي ورتم، پلڙو جهڪيل آهي. ڪتاب کي وزن آهي. پوءِ ڇو نه، پنا اٿلائڻ جي زحمت ڪجي! جتي سنڌوءَ جي تعريف ۽ تهذيب تمدن جي ڳالھه ٿيل هجي. ڪجھه ڏينھن ناولن جي سرمئي سانوري دنيا کي خير آباد ڪجي! ۽ تاريخ جي سفر تي روانو ٿجي.”
اوريانا فلاچي چوي ٿي: تاريخ جي خاصيت هيءَ آهي ته اها هميشه حرڪت ۾ رهندي آهي، وڌندي رهندي آهي بالڪل زندگيءَ وانگر، تاريخ زندگي آهي ۽ مان هن ۾ اضافو ڪندي چوان ٿي: تاريخ ڪڙي حقيقت ۽ آئينو آهي، جنھن کي ڪو فلٽر ناهي.
دل چوي ٿي، ايلائيس جي اکرن کي سچائي آهي. پوءِ ڇو نه سندس اکرن ۽ اکين سان پنهنجي ڀونءِ ۽ شاندار تاريخي ورثو پسجي. ماضيءَ جي ڌنڌ مان گوهر ڪو ناياب پلئه پائجي.
ڪتاب مان درياءَ بابت ڪجھه هاءِ لائٽ ڪيل حوالن جي چونڊ ڪئي اٿم.
“مهاڻي علي نواز جي چاچي مون کي ٻڌايو ته جڏهن هو درياءَ مان مڇي ماريندا هئا ته سنڌو نديءَ جي درويش اڏيري لال جي عبادت ڪندا ۽ ڀيٽا ڏيندا هئا، پر جڏهن کان هو سمنڊ ڏانهن آيا آهن ته سندن پير مرشد به مٽجي چڪا آهن. ورھاڱي کان اڳ سنڌ ڏاڍي امير ھئي سنڌي سکيا ستابا هئا ۽ ڪو وقت هو درياءَ کي اوج هو!”
”شام ڌنڌلڪو پکيڙي چڪي هئي ۽ ان وقت آئون اھوئي سوچي رهي هيس ته گذريل چند ڏهاڪن ۾ هن قديم درياءَ ۾ ڪيتريون نه ڊرامائي تبديليون آيون آهن! سترهين صديءَ ۾ سنڌو نديءَ کي لالچي نظرن سان ڏسندڙ انگريز عملدارن کان ڪير پڇي ته ھيءُ درياءَ سڪي ويندو ته کين ان تي اعتبار ئي نه اچي ها. ڪنهن جي به اهڙي اڳڪٿي موجود ئي نه آهي ته ايڪيهين صدي ۾ آبپاشيءَ جي رٿائن خاطر هن درياءَ کي سڪايو ويندو. ٽي سئو سال اڳ جڏهن انگريزن پهريون ڀيرو سنڌو درياءَ ڏٺو هو. تڏهن هيءُ منهن زور پورالو، خطرناڪ ۽ مرضيءَ جو مالڪ درياءَ هو. ڪنهن ماڻهوءَ جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته هڪ ڏينهن ڊيلٽا جي هن حصي ۾ مٺو پاڻي موجود ئي نه هوندو.”
1958ع ۾ ڪوٽڙي بئراج جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ساڍا ٽي هزار ڪلو ميٽرن تي پکڙيل ڊيلٽا باقي اڍائي سئو ڪلو ميٽر وڃي بچيو. سمنڊ ۾ پاڻيءَ جو ڇوڙ بلڪل ختم ٿي ويو. مٺو پاڻي نه اچڻ جي ڪري تمر جا ٻيلا اجڙي ويا. چانورن جا فصل ڏيندڙ ڀليون زمينون اڇو لوڻ بڻجي ويون. هارين وٽ مڇي مارڻ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم نه بچيو. کاري ڇاڻ جا جهونا اڄ به تسليم ڪن ٿا ته “سکر بئراج هارين کي مهاڻو بنائي ڇڏيو.” ڊاڪٽر ٻڌايو “ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ سان زرعي زمينون لوڻ بڻجي ويون. دنيا جو وڏي ۾ وڏو تربيلا ڊيم ٺهڻ کانپوءِ ته هتي جي ماڻهن لاءِ جيئڻ به ڏکيو ٿي ويو، پر اسان جي مطالبن تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو، ڊيلٽا جي زندگيءَ لاءِ وڌيڪ پاڻي گهرجي.”
“برنس جهڙن ماڻهن سنڌو نديءَ کي انتهائي اهم قرار ڏنو، پر اها ندي ڪمپنيءَ جي دولت ۾ تڪڙو واڌارو نه ڪرڻ جي ڪري عملدارن لاءِ پريشانيءَ جو سبب رهي. ڪيترن ڏهاڪن تائين ڪمپنيءَ جا اڪائونٽنٽ سنڌ ۾ ٿيل نقصان جو پورائو چين کي وڪرو ٿيندڙ آفيم واري آمدنيءَ مان ڪندا رهيا. 1727ع ۾ اليگزينڊر ھئملٽن سنڌو ماٿريءَ جي زرخيزيءَ جي نشاندهي ۽ تعريف ڪئي ھئي. آخرڪار آبپاشي جو نظام ئي سنڌ ۾ مالي تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿيو. 1849ع ۾ ڪمپنيءَ جيئن ئي پنجاب فتح ڪيو ته سنڌ ۾ ڪئنالن جي سرشتي تي ڪم شروع ڪيو ويو.
ڪلهوڙا ٽالپر واهن جي رٿابندي ۽ کوٽائي جا ماهر هئا. ڪمپنيءَ موجوده آبڪلياڻي ڪئنالن کي بهتر بڻائڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. اتر هندستان ۾ ڪئنالن ۾ پاڻيءَ جي گهڻائي جي ڪري سم ۽ ڪلر جو مسئلو پيدا ٿيو هو ان سان زرعي زمين غيرآباد بڻجي وئي هئي. برطانيا جا عملدار انهن مڙني خطرن کان آگاھ هئا.
1878ع ۾ ڀارت ۾ ڏڪار پئجي ويو هو ۽ ان جي ڪري انگريزن پنجاب جي زرعي نظام تي فوري طور ڪم شروع ڪري ڇڏيو. 1901ع تائين پنجاب زراعت لاءِ هڪ ماڊل صوبو بڻجي ويو. پنجاب جي پنج ندين مان چئن تي ڪئنالن وارو نظام قائم ٿي چڪو هو. اناج وڌيڪ حاصل ٿيڻ لڳو ۽ هندستان جو پيٽ ڀرڻ سان گڏ ان مان انگريزن کي گهڻي آمدني به ٿيڻ لڳي.
ڪجھه سنڌي پنجاب جي آبپاشي جي نظام ۽ سنڌ ۾ شروع ڪيل رٿائن کي شڪ جي نظر سان ڏسڻ لڳا. انگريز سرڪار جو به سمورو ڌيان پنجاب تي رهيو ۽ ان جي بنيادي ڍانچي کي تمام گهڻي ترقي ڏني وئي ته جيئن اناج تڪڙو اتر هندستان پهچي سگهي.”
“زوان زانگ اتر پٿ ۽ هندستان جي سرحد کان سنڌو ندي پار ڪئي. سورهن سالن کانپوءِ جڏهن هو واپس چين ويو ته ساڻس گڏ ٻاويھه اهڙا گهوڙا به هئا، جن تي مال غنيمت ۽ مليل تحفا لڏيل هئا. 400 تبرڪ واريون شيون ۽ خوراڪ جا ٿيلھا هئا، ٻڌ جو سونو مجسمو، صندل ۽ چانديءَ جا ٺهيل ڪيترائي مجسما ۽ 520 سوتر (قديم پوٿيون) به شامل هيون. سڄي سفر دوران رڳو هڪ ڀيرو ئي هن کي بدترين صورت حال کي منهن ڏيڻو پيو هو. پنهنجي واپسيءَ واري سفر دوران جڏهن هو سموري سامان سوڌو ٻيڙيءَ ۾ سنڌو ندي پار ڪري رهيو هو ته وچ درياھ ۾ سندس ٻيڙي اٿلي پئي ۽ هٿ ڪيل سموريون قيمتي ۽ تاريخي شيون، هيرا جواهر، ٻڌ جا مجسما ۽ 520 قديم ڪتاب سڀ ڪجھه درياءَ ۾ لڙهي ويو ۽ هو وڏي مشڪل سان جند بچائي پرئين ڀر پهتو هو. شاھراھ ريشم جي بادشاھ گپ ۾ ڀريل هن لاما کي ٻڌايو، صدين کان اڄ تائين درياءَ جي اها روايت رهي آهي ته جيڪو به ٻج، ٻوٽا، گل يا ٻيون قيمتي شيون کڻي درياءَ پار ڪري ٿو تنهن سان درياءَ اهائي حالت ڪري ٿو. سنڌو ندي اها طاقت رکي ٿي ته قيمتي شيون اڳتي وڃڻ نه ڏي. بهرحال زوان زانگ پنهنجي ياداشت جي سهاري اهي قديم سوتر وري پاڻ لکيا ۽ بنا ڪنهن ٻج کڻڻ جي اڳتي سفر ڪيائين.”
“اهو سچ آهي ته اسڪائلئڪس جي لکڻين ئي مغرب جي ماڻهن کي هندستان تي حملي جي ترغيب ڏني. هن سڄي هندستان کي سنڌو ماٿري قرار ڏنو هو، جنھن ۾ اهڙو درياءَ وهي ٿو جيڪو ان جي سرحدن جو تعين ڪري ٿو ۽ ان کي دنيا جو آخري ڇيڙو قرار ڏنو هو. هيروڊوٽس وضاحت ڪري ٿو ته سنڌو ماٿريءَ ۾ تمام گهڻو سون هو ۽ اتي جا رهواسي ريشمي لباس پائيندا هئا، جيڪو “ريشم جي وڻن” مان حاصل ٿيندو هو. هو وضاحت ڪري ٿو ته هر ٻئي ماڻهو وٽ ٽي سئو سٺ پئسن جيترو ڪچو سون هوندو هو. اھا دولت ڪنهن لشڪر کي حملي جي ترغيب ڏيڻ لاءِ ڪافي هئي.”
“دريائن جي ڪناري تي موجود سمورين تهذيبن وانگر موهن جي دڙي ۽ ھڙپا جي رهواسين به ٻوڏ کان بچاءُ جو هنر سکڻ جي ڪري وڌيڪ دولت حاصل ڪئي هئي. سرن جي لاءِ ھنن ان مٽيءَ کي ڪتب آندو جيڪا لٽ جي صورت ۾ درياءَ پاڻيءَ سان گڏ جبلن تان کڻي آيو هو. هنن 700 ق-م کان زراعت جو فن سکي ورتو هو. اهو هنر وچ اوڀر کان آيل ڪڻڪ ۽ جَوَ جي ڪري آيو، هنن مختلف ٻوٽا گهر ۾ لڳائڻ سکيا، تِر ۽ توريو به پوکڻ سکي ورتو هو. ان ۾ به ڪا گهڻي حقيقت نظر نٿي اچي ته سنڌ ۾ کجيءَ جا وڻ محمد بن قاسم جي 711ع ۾ سنڌ پھچڻ کانپوءِ آيا. جڏهن ته سنڌ جي کجي 500 ق-م آڳاٽي آهي. ٻٻر ۽ نم جي وڻن واريون مهرون به موهن جي دڙي مان هٿ آيو آهن. اهڙيءَ طرح ٻٻر جو وڻ به ايترو ئي قديم آهي.
سنڌوءَ جي رهواسين ڪپھه جو فصل پوکڻ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪري ورتي هئي ۽ ان جي ڪري هو جلد سکيا ستابا بڻجي ويا. هو ميسپوٽيميا ۽ مصر تائين سنڌ جي ڪپڙو کڻي ويندا هئا. سنڌين جو چوڻ آهي ته مصر جا فرعون سنڌ جي ڪپڙي جو لباس پائيندا هئا. ان کان صديون پوءِ بابل واسين به سنڌ جي ڪپڙي لاءِ “سنڌو” جو لفظ استعمال ڪيو آهي. اڄ به سنڌ کان ڪپھه وڏي مقدار ۾ ڏيساور موڪلي وڃي ٿي.”
“لداخ هڪ صحرائي علائقو آهي جڏهن ته تبت آبشارن جي سر زمين آهي. سنڌو نديءَ ۾ تمام گهڻو پاڻي تبت، لداخ ۽ بلتستان مان اچي ٿو. پنجاب جي ندين جي ڀيٽ ۾ اهو پاڻي تمام گهڻو آهي. هتان کان جيڪو به پاڻي سنڌو نديءَ ۾ شامل ٿئي ٿو سو آئون ڏسي آئي آهيان ته سنگي-علي وٽ روڪيو ويو آهي، جتي نئون ڊيم اڏيو پيو وڃي.
ڊيم تمام وڏو ۽ ابتدائي حالت ۾ هو. درياءَ جي پيٽ مان سيمينٽ جي هڪ ديوار اڀريل نظر اچي رهي هئي، ڄڻ ته ڪا لهر هوا ۾ پهچڻ کانپوءِ اوچتو ڄمي وئي هجي. ان اڏاوت کي غير يقينيءَ سان ڏسڻ لڳيس ۽ منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا جن کي روڪڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو. ڊيم جي اڏاوت مڪمل ٿي چڪي هئي، پر هائيڊروجن اليڪٽرڪ جا پيداوار لاءِ ان ۾ اڃان ڪل پرزا لڳايا پئي ويا. ڊيم جي هڪ پاسي پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو نظر اچي رهيو هو، پر ٻئي پاسي کان وهڪرو بند هو. سنڌو نديءَ کي بند ٻڌو ويو هو.
ان بيرحميءَ تي منهنجي دل چاهيو ته اوڇنگارون ڏئي روئجي. ڇا اهو ڊيم رڳو بجليءَ لاءِ آهي؟ يا چيني به پاڪستانين وانگر کوٽ جي ڏهاڙن ۾ اهو پاڻي پيئڻ ۽ زراعت لاءِ استعمال ڪندا؟ هاڻي منهنجي سموري سفر دوران اهو افسوس ٿيندو رهندو ته سنڌو ندي هاڻي سڪل ملندي! پنهنجي سفر جي آخري حصي ۾ هن لافاني درياءَ جي حالت مون کي ڏاڍو ڏکارو ڪري ڇڏيو هو.
هڪ ڳالھه يقيني آهي ته سنڌو ندي ٽي کان ساڍا چار ڪروڙ سال اڳ ۾ وجود ۾ اچي چڪي هئي. اها هن علائقي جي سڀ کان قديم ندي آهي. سمنڊ مان جيڪي ڪڪر اٿيا تن جبلن تي گڏ ٿي گليشيئر پيدا ڪيا. گرمي ۾ اهي گليشيئر ڳرڻ لڳا ۽ اولھه طرف وھڻ لڳا. اهڙيءَ طرح سنڌو نديءَ تبت کان عربي سمنڊ تائين پنهنجو رستو ٺاهيو ۽ اهڙيءَ طرح هڪ ڊيلٽا جنم ورتو.
پکي به پنهنجي سفر لاءِ سنڌو نديءَ جي وهڪري کي ئي رهنما سمجهن ٿا هر سال 10 لک کان وڌيڪ پکي اوڀر آفريڪا، ايشيا ۽ يورپ کان سنڌو نديءَ مٿان اڏامندا سنڌ پهچن ٿا، سنڌوءَ کي پکين جي اڏام جو دنيا جو چوٿون وڏو رستو قرار ڏنو وڃي ٿو.
بهرحال سنڌو نديءَ جو اهو وهڪرو ڪيستائين جاري رهندو يا ان ۾ زندگي ڪيستائين وهندي رهندي ان بابت چوڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته اها ندي آهستي آهستي گم ٿي رهي آهي. اسان کي شل اهو ڏينهن ڏسڻو نه پوي، جڏهن نديءَ جي پيٽ ۾ پاڻيءَ بدران رڳو واري اڏامي رهي هجي.
مان هاڻ محسوس ڪيان ٿي ته مون کي اداس ۽ روئڻ تي مجبور درياءَ جي حالت ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته هيءُ رڳو ندي نه آهي هن ۾ رڳو پاڻي نٿو وهي، پر هيءُ هڪ ثقافت آهي ۽ هن ۾ تهذيب جو وهڪرو جاري رهڻ گهرجي. هن درياءَ تي ڊيم اڏڻ ۽ (بند ٻڌڻ) سراسر بي واجبي آهي.”
ڪنڊ ڪنهن پاسي ۾ ڇُپي ويٺل سوال ڪَرُ کنيو، اسان پنهنجي دريائن، تهذيبن ۽ ورثي جا ڪٿي خود ته ويري ناهيون؟
ايلائيس جي قلم ۽ اکرن ۾ اوج ۽ الميو ساڳئي وقت موجود آهي. منھنجي خيال ۾ هي ڪتاب هر سنڌيءَ کي پڙهڻ گهرجي.
ابي جي اکرن ۾ مائيءَ قهر ڪري ڇڏيو آهي.!!
پر پنهنجي ڳالھه ڪنديس، مان هن ڪتاب سان انصاف ناهيان ڪري سگھي نه ئي سندس طلسمي سحر مان نڪري سگهي آهيان. نه چاهيندي به ڪيترائي پاسا رهجي ويا آهن.
منھنجي اک عالمي منظر نامي تي کتل آهي.!! من داخلي ۽ خارجي احساسن جو مانڊاڻ بڻيل آهي.
رِويو لکڻ تائين، ڪاڪروچ پارٽي جو پروٽيسٽ ۽ وانگشو جي بک هڙتال جاري رهندي يا ختم ٿي ويندي؟ ۽ هوڏانهن ايران وارو مسئلو به ڪر کنيو بيٺو آهي.
عجيب تعجب آهي!!
اکيون پوري ڇڏيان ٿي.! سوچيان ٿي! انساني فطرت، تهذيب، ترقي ۽ هٻڇ تي.
چپن جي ٻنهي ڇيڙن تي فخريه ۽ طنزيه مرڪ لڪ لڪوٽي ڪندي چنبڙي پيون آهن.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو