شيخ شالابي
ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته زندگي محبت ڪرڻ لاءِ تمام گهٽ آهي. الائي ته ڪيئن ماڻهو نفرت ڪرڻ لاءِ ڪهڙي طرح ۽ ڪٿان وقت ڪڍي وٺندا آهن، پر دل جي دنيا ۾ محبت ڪرڻ جا ڪيترائي بيمثال قصا ۽ ڪهاڻيون موجود آهن. جن ۾ هڪ لازوال داستان برازيلي شاگردياڻي ”ڪليوزا بائيولا“ ۽ شيخ ”سمير شالابي“ جو آهي، جيڪڏهن اوهان برازيل سائو پالو جي چوٽيءَ جي جوهرين جي هيرن جواهرن خريد ڪرڻ وارن خريدارن جي فهرست تي نظر وجهندا ته اوهان کي ”ڪليوزا بائيولا شالابي“ جو نالو سڀ کان پهرين ڏسڻ ۾ ايندو ۽ اوهان سوچيندا ته هيءَ عورت ڪير آهي؟ ڇو ته ان جو نالو اوهان کي اخبارن جي سماجي خبرن جي ڪالم ۾ ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه ايندو. ان عورت جو مڙس نه ته ڪو مشهور سياستدان آهي ۽ نه ڪو وڏو صنعتڪار ۽ نه وري ڪو دبنگ زميندار آهي. آخر ڀلا ان جو معاشي ذريعو ڪهڙو آهي؟ دراصل ڪليوزا بائيولا جو مڙس عرب شيخن جي ان ٽولي سان تعلق رکي ٿو جن جي گولڊ تي چڱ مڙسي آهي ۽ سندس چنبن ۾ دنيا جي معاشي شهه رڳ آهي. شيخ سمير شالابي رياست سائو پالو جي ٻئي نمبر وڏي شهر ڪمپينا ۾ رهندو آهي. جنهن جون شاخون ڪيترن ئي عرب ۽ يورپين ملڪن ۾ قائم آهن. 31 سالن جي ڪليوزا جنهن 18 سالن جي عمر ۾ شيخ شالابي سان شادي ڪئي هئي، جيڪا ٻن پٽن جي ماءُ آهي ۽ سندس ڪهاڻي به الف ليلى جو داستان معلوم ٿئي ٿي.