سنڌ صوبي ۽ وفاق جي اعليٰ منصبن تي پنهنجي خداد صلاحيتن سان فرض شناسي جا رڪارڊ قائم ڪندڙ ڪيترن ڪتابن جو ليکڪ سائين شاھنواز مھيسر 7 فيبروري 1946ع ۾ بکر مھيسر تعلقو ميرو خان ضلعو لاڙڪاڻو (ھاڻ قمبر ضلعو) جھڙي پوئتي پيل علائقي مان جنم وٺندڙ ڳوٺاڻي زندگي ۽ ماحول جي وچ مان علم جي روشنيءَ واري سھائي سان خاص عزم رکندي اڳتي وڌندو رھيو. علم جيڪو بيشڪ! بادشاھ سمجھيو وڃي ٿو تنھن مھيسر صاحب جھڙي قدآور علمي بلندي، ذھانت ۽ لائق شخصيت سبب گھڻن سرڪاري عھدن تي رھندي پنهنجي قابليت کي مڃرايو. سنڌ جو ھي ٻھراڙي واري طرز زندگيءَ ۾ پڙهيو لکيو ۽ نوڪري ڪئي دورا ڪيا، “ڪم ۽ فقط ڪم” تي ڀاڙيندي پنهنجو نالو مڃتا سان روشن ڪري ڏيکاريو آھي.