مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

هڪ سٺي استاد مان شاگردن جون ست اميدون

Azhar Azad Mughal

استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته توهان جا شاگرد توهان مان ڇا ٿا چاهين؟ شايد اهي پنهنجي زبان سان اهو ظاهر نه ڪن، پر سندن عمل هڪ پوري ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. سندن خاموشي، سندن سوال ۽ سندن دلچسپي، اهو سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ٿو ته اهي توهان مان ڪهڙيون اميدون رکن ٿا. شاگرد اهو نٿا چاهين ته توهان هر عيب کان پاڪ هجو. کين ڪنهن مڪمل يا بي عيب استاد جي ضرورت ناهي. اهي هڪ اهڙو استاد چاهين ٿا، جيڪو کين سمجهي، صحيح دڳ ۽ واٽ تي لائي، سندن حوصلا افزائي ڪري ۽ تعليم جي عمل کي سندن لاءِ اهم بڻائي. هڪ بهترين استاد رڳو پڙهائيءَ جو ڪورس پورو ناهي ڪندو، هو ڪلاس ۾ هڪ شاندار ۽ زبردست ماحول کي جنم ڏيندو آهي، جتي شاگرد پاڻ کي محفوظ ماحول ۾ سکڻ لاءِ آماده محسوس ڪن. هتي اهي 7 ڳالهيون ڏجن ٿيون جيڪي شاگرد هڪ استاد مان اميد رکن ٿا.
1. سندن اميد ته کين ٻڌو وڃي: توهان جا شاگرد چاهين ٿا ته سندن استاد سندن سوالن، خيالن ۽ مسئلن کي ٻڌن. جڏهن هڪ استاد سڪون ۽ تنقيد کان بنا شاگرد کي ڌيان سان ٻڌي ٿو ته شاگرد پاڻ کي اهم ۽ محفوظ محسوس ڪري ٿو. جڏهن ڪو شاگرد چوي ٿو، “مان هي سبق ناهيان سمجهي سگهيو” ته توهان کي رڳو پنهنجي وضاحت کي ائين ئي دهرائڻ نه گهرجي. ان جي بدران پڇو، “توهان لاءِ ڪهڙو حصو ڏکيو آهي؟” هيءَ ڳالهه توهان کي اصل مسئلو سمجهڻ ۽ شاگرد جي بهتر مدد ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. 2. شاگرد عزت جي اميد رکن ٿا: هر شاگرد ان لائق آهي ته ساڻس عزت ۽ احترام وارو رويو اختيار ڪيو وڃي. جڏهن استاد غلطيون سڌاريندي نرميءَ سان ڳالهائي ٿو ته شاگرد ان وقت پاڻ کي محفوظ محسوس ڪري ٿو. عزت هڪٻئي تي ڀروسو پيدا ڪندي آهي. هيءَ ڳالهه کين ڪلاس ۾ اعتماد سان قدم رکڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. جيڪڏهن ڪو شاگرد غلط جواب ڏئي ٿو ته توهان کيس ائين نه چئو ته “اهو مڪمل طور غلط آهي” توهان چئي سگهو ٿا، “سٺي ڪوشش ڪئي آهي، اچو ته ان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڏسون.” ائين ڪرڻ سان توهان شاگرد جي اعتماد کي ٽوڙڻ کانسواءِ سندس غلطيءَ کي سڌاري سگهو ٿا. 3. شاگرد واضح ۽ دلچسپ پڙهائيءَ جي اميد رکن ٿا: استاد کي خبر هجڻ گهرجي ته شاگرد رڳو حقيقتون نٿا چاهين، اهي سمجهڻ چاهين ٿا. توهان جا شاگرد اميد رکن ٿا ته سندن استاد سبق کي سادي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ انداز ۾ بيان ڪري. پڙهائيءَ کي دلچسپ ۽ بامعنيٰ بڻائڻ لاءِ توهان روزاني زندگيءَ جا مثال، عملي سرگرميون ۽ سوال جواب استعمال ڪري سگهو ٿا. جڏهن پڙهائيءَ جو انداز واضح هوندو آهي ته اهو توهان جي ڪلاس ۾ وڌيڪ اثرائتو بڻجي ويندو آهي. مثال طور: جڏهن توهان فيصد (Percentages) پڙهائي رهيا آهيو ته توهان خريداريءَ دوران ملندڙ رعايت (Discounts) جا مثال ڏئي سگهو ٿا. جڏهن توهان سائنس پڙهائي رهيا آهيو ته سبق کي انهن شين سان جوڙيو جيڪي شاگرد پنهنجي زندگيءَ ۾ آسپاس ڏسن ٿا. ان ڪري، روزاني زندگيءَ جا مثال هڪ ڏکئي سبق کي به هڪ دلچسپ تجربي ۾ تبديل ڪري سگهن ٿا. 4. شاگرد حوصلا افزائيءَ جي اميد رکن ٿا: هر شاگرد هڪ ئي رفتار سان ناهي سکندو. توهان جا ڪجهه شاگرد پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ کان اڳ توهان کان حوصلا افزائيءَ جي اميد رکن ٿا. توهان جا ڪجهه مثبت لفظ ڪنهن شاگرد کي ٻيهر ڪوشش ڪرڻ لاءِ تيار ڪري سگهن ٿا. “توهان سٺو ڪم ڪري رهيا آهيو” يا “ٻيهر ڪوشش ڪريو، مون کي خبر آهي ته توهان ڪري سگهو ٿا” جهڙا جملا شاگرد جي سوچ کي بدلائي سگهن ٿا، کيس حوصلو ڏئي سگهن ٿا. اها اضافي حوصلا افزائي شاگردن جي اندر سکڻ جو هڪ نئون جذبو بيدار ڪندي آهي. 5. شاگرد انصاف ۽ برابريءَ جي اميد رکن ٿا: توهان جا شاگرد ان ڳالهه تي غور ڪندا آهن ته توهان ساڻن ڪهڙو رويو رکو ٿا. اهي ان وقت نوٽ ڪندا آهن جڏهن ڪجهه شاگردن سان خاص سلوڪ ڪيو وڃي ٿو يا جڏهن اصولن کي ڪنهن لاءِ نرم ڪيو وڃي ٿو. اهي اميد رکن ٿا ته توهان موقعا، ذميواريون، تعريف ۽ غلطين جي سڌاري دوران سڀني سان هڪ جهڙو انصاف ڪندا. جڏهن توهان انصاف ڪندا آهيو ته اهي توهان تي ڀروسو ڪندا آهن ۽ جڏهن اهي توهان تي ڀروسو ڪندا آهن ته اهي وڌيڪ بهتر نموني سکندا آهن. توهان کي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ رڳو انهن شاگردن کي نه چونڊڻ گھرجي، جيڪي هميشه سٺي ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا، پر ٻين شاگردن کي به موقعا ڏيڻ گھرجن. جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي ڪو تصور سمجهڻ لاءِ وڌيڪ وقت گهرجي ته بي صبرو ٿيڻ جي بلڪل به ضرورت ناهي ان سبق کي ٻئي ڪنهن طريقي سان سمجهائڻ گهرجي. 6. شاگرد صبر ۽ سهاري جي اميد رکن ٿا: شاگردن کان غلطيون ٿينديون آهن، اهي وساري به ويندا آهن. اهي هڪ ئي سوال بار بار پڇندا يا ڪنهن تصور کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ وقت وٺندا آهن. توهان جي صبر جو مطلب خاموشي ناهي، پر ان جو مطلب پنهنجي شاگردن کي وقت ۽ موقعو ڏيڻ آهي. جڏهن توهان پرسڪون رهو ٿا ته اهي ڪوشش ڪرڻ دوران پاڻ کي محفوظ محسوس ڪن ٿا. توهان جا شاگرد تعليمي، سماجي ۽ ذاتي دٻاءُ جو شڪار هوندا آهن. اهو ضروري ناهي ته توهان سندن هر مسئلو حل ڪريو، پر توهان جو دلجاءِ، آٿت ۽ سھاري وارا لفظ جهڙوڪ: “مان هتي توهان سان گڏ آهيان” کين اهو احساس ڏياري سگهن ٿا ته اهي اڪيلا ناهن. 7. شاگرد توهان مان هڪ مثالي ڪردار جي اميد رکن ٿا: توهان جا شاگرد رڳو ان ڳالهه مان ناهن سکندا جيڪا توهان پڙهايو ٿا، پر ان مان وڌيڪ سکندا آهن ته توهان جو ورتاءُ ڪهڙو آهي. اهي توهان جي عملن مان سکندا آهن. اهي توهان جي ايمانداري، مهرباني، عزت، ذميواري، نظم ۽ ضبط، ڳالهائڻ جي انداز ۽ رويي کي ويجهڙائيءَ سان ڏسندا آهن. توهان جو عمل لفظن کان وڌيڪ سيکاري ٿو.
توهان جا شاگرد شايد واٽرلو جي جنگ جي تاريخ يا فوٽو سنٿيسس جو فارمولو وساري سگهن ٿا، پر اهي ڪڏهن به اهو نه وساريندا ته توهان کين ڪيئن محسوس ڪرايو هو. اهي هڪ اهڙو استاد چاهين ٿا جيڪو کين ٻڌي، سندن عزت ڪري، سندن حوصلا افزائي ڪري، سندن سهارو بڻجي ۽ مٿن ڀروسو رکي. کين هڪ اهڙي استاد جي ضرورت آهي جيڪو دل سان سندن ۽ سندن پڙهائيءَ جو خيال رکي.
حوالو: سجيوِس ايجو ٿاٽس.
تحرير: ڊاڪٽر سجيوِ ايم ايس.
تاريخ: 29 سيپٽمبر 2026

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو