29 سيپٽمبر دل جو عالمي ڏينهن
Azhar Azad Mughal
استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار
صحت جي عالمي اداري (WHO) جي انتظام هيٺ سڄي دنيا ۾ هر سال 29 سيپٽمبر تي دل جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. واضح رهي ته هي ڏينهن هر سال ڪنهن نه ڪنهن ٿيم (موضوع) تحت ملهايو ويندو آهي. هلندڙ سال جيڪو ٿيم مقرر ڪيو ويو آهي، ان جو عنوان ڪجهه هن ريت آهي: Don’t miss a beat “ھڪ ڌڙڪن کي به ضايع ٿيڻ نه ڏيو.”
صحت جي عالمي اداري ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پنهنجي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو آهي ته ڏکڻ اوڀر ايشيا جي علائقن ۾ هڪ منٽ ۾ لڳ ڀڳ اٺ ماڻهو دل جي بيمارين سبب فوت ٿي وڃن ٿا. جڏهن ته سڄي دنيا ۾ هڪ ڪروڙ 80 لک ماڻهو دل جي بيمارين جي ڪري هر سال زندگيءَ جي بازي هارائي ويهن ٿا. هر پنجن مان هڪ مرد ۽ هر اٺن مان هڪ عورت دل جي بيماريءَ ۾ مبتلا آهي. ان ئي ڳالهه کي نظر ۾ رکندي صحت جي عالمي اداري هن ڏينهن کي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ماڻهن کي دل جي بيمارين بابت آگاهي ڏئي ۽ بچاءُ جي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرائي فوتگين جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي.
گڏيل قومن هڪ تازي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو آهي ته ويجهي مستقبل ۾ دل جي مريضن جو انگ هڪ ڪروڙ 70 لک مان وڌي ٽي ڪروڙ تائين وڃي پهچندو. انهن بيمارين جي بنيادي سببن ۾ سگريٽ نوشي، شراب نوشي، غير متوازن غذا، جسماني چرپر جي کوٽ، ذهني دٻاءُ، فاسٽ فوڊ جو گهڻو استعمال، ناقص ڪوڪنگ آئل ۽ ورزش نه ڪرڻ جهڙا عنصر شامل آهن. ائين کڻي چئجي ته هي ڏينهن دل جي صحت جي حوالي سان هڪ عالمي تحريڪ آهي، جنهن کي هاڻي عام ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جو سهارو وٺي صحيح معلومات کي ماڻهن جي گهرن جي چائنٺ تائين پهچائڻ مقصد آهي. جيڪڏهن هن ڏينهن تي ٿورو وقت ڪڍي پنهنجي دل جي صحت جو راز ڄاڻڻ لاءِ طبي ماهرن جي گفتگو کي ٻڌو وڃي ته نفسياتي طور تي هڪ ڪهرام مچي ويندو، دل ڏکوئجي ويندي ۽ بيمارين جا انگ اکر ٻڌي تڪليف پهچندي.
توهان ڪڏهن دل جي بيمارين واري شعبي (ڪارڊيالاجي وارڊ) ۾ وڃي ڏسو، اتي مريضن جون وڏيون وڏيون قطارون ڏسڻ ۾ اينديون. هر شخص پنهنجي دل تي هٿ رکيو ويٺو هوندو. ٻئي هٿ ۾ رپورٽن جو ڳرو فائيل هوندو. ڊاڪٽرن جون ڳريون فيون ٻڌي مريض مايوس ٿي ويندا آهن، اهي ڳڻتيءَ ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. هلن ٿا ته ساهه کڻڻ ۾ اٽڪ ٿئي ٿي، ساهه ڦوڪجي ٿو. اهائي دل جيڪا هڪ منٽ ۾ 70 کان 80 ڀيرا ڌڙڪندي هئي، هاڻي اها ئي ڌڙڪن يا ته تمام گهڻي تيز يا تمام گهڻي گهٽ ٿي ويندي آهي. اسان جي طرزِ زندگي، غير متوازن غذا ۽ لاپرواهيءَ سبب دل کي اضافي ڏکن جو بار برداشت ڪرڻو پوندو آهي. صحت جي عالمي اداري مطابق دل جي بيمارين ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. دنيا ۾ صحت جي حوالي سان سڀ کان وڏي بيماري ڪارڊيو ويسڪيولر ڊيزيز (دل ۽ رڳن جي بيماري) آهي، جنهن کي بيمارين جي ماءُ پڻ چئي سگهجي ٿو. هيءَ هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا دل ۽ رت جي نالين کي متاثر ڪندي آهي. اڪثر ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته اهي مسئلا ان وقت وڌيڪ پيدا ٿيندا آهن، جڏهن رت جون ناليون سڪڙجي تنگ ٿي وينديون آهن.
ان ڪيفيت جي ڪري اڪثر دل جو دورو يا فالج جو خطرو وڌي ويندو آهي. ان بيماريءَ جي ڪري دل، دماغ، گڙدا ۽ اکيون متاثر ٿينديون آهن. دل جي ٻين بيمارين ۾ مائيوڪارڊيل انفرڪشن جنهن کي عرف عام ۾ دل جو دورو به چيو ويندو آهي، عام آهي. ان بيماريءَ جي ڪري اڪثر دل کي رت پهچائيندڙ شريانون بند ٿي وينديون آهن. جڏهن دل جي ڪنهن حصي ۾ رت جو وهڪرو مڪمل طور تي متاثر ٿيندو آهي ته دل جي پٺن کي سخت نقصان پهچندو آهي. فالج به اڪثر ان وقت ٿيندو آهي جڏهن دماغ کي رت جي فراهمي رڪجي ويندي آهي. هيءَ سنگين ڪمزوري ڪڏهن ڪڏهن موت جو سبب به بڻجي سگهي ٿي. اڪثر اهو به ڏٺو ويو آهي ته دل رت کي پمپ ڪرڻ جي قابل ئي ناهي هوندي، جنهن جي ڪري ڪجهه حالتن ۾ دل هڪدم بند ٿي ويندي آهي. ڪن حالتن ۾ دل جي ڌڙڪن غير معمولي طور تيز يا تمام سست ٿي ويندي آهي، جنهن ڪري دل بي قاعدي نموني ڌڙڪڻ شروع ڪندي آهي. ڪجهه حالتن ۾ ٻانهن ۽ ڄنگهن جون تنگ شريانون رت جي وهڪري ۾ رڪاوٽ وجهي دل کي بند ڪري ڇڏينديون آهن. انسان کي خبر ئي ناهي پوندي ته مون سان ڇا ٿي رهيو آهي. دل جي هڪ خطرناڪ حالت پيدائشي بيماريون آهن، جيڪي پيدائش سان شروع ٿي موت تائين وينديون آهن.
جيڪڏهن دل جي بيمارين جي سببن جو ذڪر ڪجي ته اها هڪ ڊگهي فهرست آهي، پر مختصر طور تي ڪجهه سببن جو ذڪر جيڪي اڄڪلهه عام آهن، تن کي ڄاڻڻ تمام ضروري آهي. ڪجهه وڏن سببن ۾ڪارڊيو ويسڪيولر ڊيزيز (دل ۽ رڳن جي بيماري)، ايٿروسڪلروسس (شريانين جو سخت ٿيڻ)، هاءِ بلڊپريشر، شگر، هاءِ ڪوليسٽرول ۽ ٻيهر ٻيهر ٿيندڙ سوزش يا انفيڪشن شامل آهن، جيڪي بيمارين ۾ اضافو ڪن ٿا. دل جي بنيادي بيمارين جي عنصرن ۾ سگريٽ نوشي، شراب نوشي، ٿولهه، غير متوازن غذا ۽ ورزش نه ڪرڻ شامل آهن. دل جون بيماريون اڪثر مردن ۾ 45 سال ۽ عورتن ۾ 55 سالن جي ڄمار کانپوءِ شروع ٿينديون آهن، پر اهي عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگهن ٿيون.
دل جي مريضن جي علامتن ۾ اڪثر ساهه جي تڪليف ملندي، ڇاتيءَ ۾ سور ٿيندو، جيڪو کاٻي ٻانهن تائين پکڙجي ويندو، عام طور تي ڪمزوري ۽ ٿڪ جو رجحان هوندو، پيرن، گوڏن، ڄنگهن ۽ چِهري تي سوڄ هوندي، رت جي کوٽ هوندي، ٿورو هلڻ سان سهڪو ٿيندو، اڪثر بيهوشي يا چڪر ايندا. مجموعي طور تي مريض ڪمزوري ۽ ساهه جي تڪليف جي شڪايت ڪندو. دل جي بيمارين ۾ مبتلا مريضن کي گهرجي ته اهي وقت بوقت پنهنجي ڊاڪٽر کان چيڪ اپ ڪرائيندا رهن. معمول مطابق پنهنجا ٽيسٽ لازمي ڪرائين ته جيئن وقت سر مدد ۽ تشخيص ذريعي زندگيءَ کي تحفظ ڏئي سگهجي. جيڪڏهن اسان کي پنهنجي صحت ۽ زندگيءَ سان پيار آهي ته پنهنجي دل جي حفاظت ڪريون، ڇو ته هي زندگيءَ جو سرچشمو آهي ۽ زندگيءَ جو سڄو دارومدار ان جي چوڌاري ڦري ٿو.
حوالو: ھم سب
ليکڪ: ڊاڪٽر شاهد ايم شاھد
تاريخ: 26 سيپٽمبر 2026
هي مضمون ڪيئن رهيو؟