سائنسي سوچ
عظيم سائنسدان البرٽ آئنسٽائن جو مشهور قول آهي: “توهان ڪنهن به مسئلي کي ان ساڳي سوچ سان حل نٿا ڪري سگهو، جنهن سوچ سان اهو مسئلو پيدا ٿيو هو.” جديد دور ۾ سائنس حيرت انگيز ترقي ڪري چڪي آهي. ائٽم کان گيلڪسي، فون کان سمارٽ فون، سائيڪل کان جهاز، آرٽيفيشل انٽيليجنس، جين ٿراپي ۽ خلائي تحقيق اهي سڀ حقيقت ۽ سچائيءَ تي ٻڌل سائنسي اصول آهن، جيڪي مشاهدن ۽ تجربن جي ذريعي حاصل ٿيندا رهن ٿا. اڄ جي ان ترقي يافته دور ۾ “سائنسي سوچ” صرف هڪ مضمون ناهي، پر زندگيءَ کي گهارڻ ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جو هڪ اهم ترين تقاضو آهي، پر بدقسمتيءَ سان، جڏهن اسان ترقي يافته ملڪن ۽ پاڪستان جي تعليمي نظام جي ڀيٽ ڪريون ٿا ته هڪ وڏو ۽ واضح فرق نظر اچي ٿو. پاڪستاني تعليمي نظام جو سڀ کان وڏو الميو: “رٽو ۽ فيئر ڪاپي.” پاڪستان جي اسڪولن ۾ اڄ به “رٽا سسٽم” ۽ “فيئر ڪاپي ناهي ٺهيل” واري روايتي فڪر جو راڄ آهي. شاگردن کي سوال ۽ جواب ياد ڪرڻ سيکاريا ويندا آهن. امتحان ۾ هوبهو ساڳيا لفظ لکڻ تي سٺيون مارڪون ڏنيون وينديون آهن. نظرين ۽ سائنسي تحقيقات پويان لڪيل ڪارڻ (Why & How) بابت سوچڻ کان روڪيو ويندو آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته اسان جا شاگرد سائنس جا فارمولا ته ياد ڪري وٺن ٿا، پر عملي زندگيءَ ۾ “مسئلا حل ڪرڻ” ۽ ڪجھه نئون “تخليق ڪرڻ” جي صلاحيت کان محروم رهجي وڃن ٿا.
سائنسي سوچ ڇا آهي؟: سائنسي سوچ صرف سائنسي باب ياد ڪرڻ جو نالو ناهي. هي سوچڻ جو هڪ طريقو آهي جنهن ۾ شامل آهن: مشاهدو ڪرڻ. پنهنجي ماحول جي حقيقتن کي سائنسي نظر سان ڏسڻ، سوال ڪرڻ: “ڇو؟”، “ڪيئن؟” ۽ “ڇا ٿيندو جڏهن…؟” جهڙا سوال پڇڻ، “تجربو ڪرڻ” دليل ۽ حقيقت کي پرکڻ لاءِ پنهنجي هٿن سان پڙتال ڪري نتيجا ڪڍڻ: حقيقتن ۽ سچائين کي بنياد بڻائي فيصلا ڪرڻ، نه ڪي وهم يا رٽيل ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ. پاڪستاني اسڪولن ۾ سائنسي سوچ ڪيئن وڌائي سگهجي ٿي؟: جيئن ته آئون پاڻ هڪ سائنس جو استاد آهيان، ان ڪري منهنجي نظر ۾ اسان گڏجي پنهنجي ڪلاس روم کان ئي هيءَ تحريڪ شروع ڪري سگهون ٿا:
1. رٽي واري نظام بدران “فهمي درسي نظام” (Conceptual Learning) اسان کي امتحاني نظام ۽ پڙهائڻ جي طريقن مان حفظ ڪيل سوال جواب ختم ڪري “مفهوم تي ٻڌل سوال” پڇڻا پوندا. جيئن شاگرد هي نه ياد ڪري ته “فوٽو سنتٿسس (Photosynthesis) ڇا آهي؟” پر اهو سوچي ته “جيڪڏهن سج جي روشني 3 ڏينهن ٻوٽي تي نه پوي ته ڇا ٿيندو؟”
2. ننڍا ۽ سستا سائنسي تجربا: ضروري ناهي ته وڏيون ۽ مهانگيون ليبارٽريون هجن. ڪلاس روم ۾ عام شين (جهڙوڪ پلاسٽڪ جي بوتلن، ميڻ بتين، پاڻي، مقناطيس) ذريعي سائنسي نظريا پڙهائي سگهجن ٿا. جڏهن شاگرد پاڻ تجربو ڪندا، تڏهن سندن اندر تخليقي صلاحيت جاڳندي ۽ ان نظريي کي سندن ذهن قبول ڪندو. ان جو هڪ مثال پيش ڪندس جنهن منهنجي سوچ جي انداز کي تبديل ڪيو. هڪ ڏينهن اسڪول ۾ شاگردن کي بخار چيڪ ڪرڻ، بلڊپريشر چيڪ ڪرڻ ۽ شگر چيڪ ڪرڻ لاءِ ڪجھه اوزارن تي تجربا ڪرايا. ان هڪ پريڪٽيڪل سان هو هڪ ڏينهن ۾ سکي ته ڪونه سگهيا، پر انهن جي پرجوشي ۽ خوشي ڏسڻ وٽان هئي. اها هڪ نئين شروعات هئي. شايد شاگرد سمجهندا هئا صرف فيئر ڪاپي ڪرڻ سان سائنس سکي وٺنداسين، پر ائين بلڪل ناهي، تعليم جو معيار بدلجي چڪو آهي. ان پريڪٽيڪل سان شاگردن ۾ اتساهه پيدا ٿيو، هڪ نئون ماحول مليو، جنهن کانپوءِ هو پاڻ پريڪٽيڪل ڪرڻ لاءِ ڪجھه نه ڪجھه کڻي ايندا رهندا آهن. چوڻ جو مقصد آهي ته سائنس جي معنيٰ تجسس کي برقرار رکڻ آهي.
3. سوال پڇڻ جي آزادي: روايتي ڪلاس روم ۾ سوال پڇڻ واري شاگرد کي خاموش ڪرايو ويندو آهي. سائنسي سوچ جي پهرين ٻولي “سوال” آهي. استادن کي گهرجي ته اهي شاگردن جي ذهن ۾ نوان سوال اڀارين ۽ کين بي خوف ٿي پڇڻ جي همت ڏين.
4. مسئلا حل ڪرڻ واري سوچ: شاگردن کي اهڙا پروجيڪٽ ڏنا وڃن جن سان اهي پنهنجي روزاني زندگيءَ يا مقامي مسئلن (مثال طور پاڻي جي صفائي، گندگي يا توانائيءَ جي بچت يا ماحول مان مکين ۽ مڇرن کي ڪيئن ختم ڪجي يا پنهنجو بچاءُ ڪجي) کي سائنسي طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.
نتيجو: تعليم جو مقصد صرف ڪاپيون فيئر ڪرڻ يا لکت مڪمل ڪرڻ ناهي، اهو به ضروري ڪم آهي جنهن سان شاگرد جي لکڻي سٺي ٿئي ٿي ۽ ان جي ذهن ۾ شيون پختيون ٿين ٿيون، پر ذهنن کي روشن ڪرڻ ۽ تنقيدي سوچ کي جنم ڏيڻ لاءِ ٻار کي سوال تي سوچڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ ضروري آهي. بلومز ٽيڪسانمي ۾ هائير آرڊر ۾ تعليم جو مقصد تخليقي سوچ پيدا ڪرڻ آهي نه ڪي معلومات کي رٽي ياد ڪرڻ. جيڪڏهن اسان پاڪستان کي ترقي يافته ملڪن جي قطار ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا ته اسان کي پنهنجي اسڪولن اندر سائنسي سوچ جو ٻج پوکڻو پوندو. هڪ استاد جي حيثيت سان، هي اسان سڀني استادن جي ذميواري آهي ته اسان شاگردن کي معلومات رٽرائڻ وارن روين مان ڪڍي، کين تحقيقي ۽ تخليقي موڙ ڏيون. آئنسٽائن جي قول کي ياد رکندي، اچو ته اسان تعليم جي پراڻي نظام کي تبديل ڪريون ته جيئن نئون نسل نوان ۽ روشن رستا ڳولهي سگهي!
هي مضمون ڪيئن رهيو؟