مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسڪول ته آهن، پر تعليم ڪٿي آهي؟

Muhi uddin Jokhio

تعليمدان، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي تعليم جو مسئلو رڳو اسڪولن جي عمارتن، استادن جي کوٽ يا ڪتابن جي فراهميءَ جو مسئلو ناهي. اصل سوال اهو آهي ته اسان جي سرڪاري اسڪولن ۾ ٻار کي جيڪا تعليم ملڻ گهرجي، ڇا اها واقعي کيس ملي رهي آهي؟ سنڌ ۾ هزارين سرڪاري پرائمري، ايليمينٽري ۽ سيڪنڊري اسڪول موجود آهن. ڪيترن ئي اسڪولن جون عمارتون به ٺهيل آهن، استاد به مقرر ٿيل آهن، ڪتاب به پهچن ٿا ۽ هر سال تعليم جي بهتري لاءِ مختلف منصوبا به ٺاهيا وڃن ٿا، پر ان هوندي به هڪ بنيادي سوال اڃان تائين اسان جي سامهون بيٺو آهي. اسان جي اسڪول مان نڪرندڙ ٻار واقعي پڙهڻ، لکڻ، سمجهڻ ۽ پنهنجي مستقبل لاءِ فيصلو ڪرڻ جي قابل ٿي رهيو آهي؟ هي سوال ڪنهن هڪ استاد، هڪ اسڪول يا هڪ ضلعي خلاف فردِ جرم ناهي، پر سڄي تعليمي نظام لاءِ هڪ آئينو آهي. اسان جي اسڪول ايجوڪيشن سسٽم جو سڀ کان وڏو مسئلو شايد اهو آهي ته اسان تعليم کي اڪثر “اسڪول هلائڻ” سان برابر سمجهون ٿا. اسڪول کلي رهيو آهي، استاد حاضري ڏئي رهيو آهي، شاگرد اچي رهيا آهن، ڪتاب ورهائجي رهيا آهن ۽ امتحان به ٿي رهيا آهن ته سمجهيو وڃي ٿو ته تعليمي نظام هلي رهيو آهي، پر تعليم جو اصل معيار ان ڳالهه مان معلوم ٿئي ٿو ته ٻار ڇا سکي رهيو آهي. جيڪڏهن پنجين يا اٺين جماعت جو ٻار روانيءَ سان پنهنجي درسي ڪتاب جو متن پڙهي نٿو سگهي، سادي ڳالهه پنهنجي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهي، بنيادي حساب نٿو ڪري سگهي ۽ سوال جو جواب سمجهي لکڻ بدران رڳو ياد ڪري ٿو ته پوءِ اسان کي اسڪول جي عمارت کان وڌيڪ ٻار جي سکيا بابت سوچڻ گهرجي.
سنڌ جي ڪيترن ئي سرڪاري اسڪولن جو ٻيو وڏو مسئلو بنيادي سهولتون آهن. ڪي اسڪول اهڙا آهن جتي عمارت موجود آهي، پر پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، ڪي هنڌ اهڙا آهن جتي بجلي جو مسئلو آهي، ڪن اسڪولن ۾ واش روم مناسب حالت ۾ ناهن ۽ ڪجهه اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ به نظر اچي ٿي. ٻار کان بهترين تعليمي ڪارڪردگيءَ جي اميد رکڻ کان اڳ ضروري آهي ته کيس سکڻ لاءِ مناسب ماحول فراهم ڪيو وڃي، پر رڳو عمارتون ۽ سهولتون به تعليم جي ضمانت ناهن. استاد ڪنهن به تعليمي نظام جي ڪرنگهي جي هڏي آهي. هڪ قابل، ذميوار ۽ تربيت يافته استاد محدود وسيلن ۾ به ٻار جي زندگي تبديل ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته ڪمزور نگراني ۽ غير موثر تدريس وارو نظام بهترين عمارت کي به بي معنيٰ بڻائي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري استاد جي ڀرتي کان وڌيڪ اهم ڳالهه سندس مسلسل تربيت، رهنمائي ۽ ڪارڪردگيءَ جو جائزو آهي. استاد کي صرف حاضريءَ جو پابند بڻائڻ بدران کيس جديد تدريسي طريقن، ٻارن جي نفسيات، ڪلاس روم مئنيجمينٽ ۽ مضمون جي بهتر تدريس بابت مسلسل تربيت ڏيڻ گهرجي.
ساڳئي وقت استاد کي هر خرابيءَ جو ذميوار قرار ڏيڻ به انصاف نه ٿيندو. جيڪڏهن هڪ استاد وٽ ڪلاس ۾ گهڻا ٻار، محدود وسيلا، اضافي انتظامي ذميواريون ۽ مناسب تدريسي سهولتون نه هجن ته پوءِ صرف استاد کان نتيجا گهرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو.
اسان جي تعليمي نظام ۾ نگرانيءَ جو ڪردار پڻ انتهائي اهم آهي. آفيسر اسڪولن جو دورو ڪن، رپورٽون تيار ٿين ۽ فائلون مٿي وڃن، پر اصل سوال اهو هجڻ گهرجي ته انهن دورن سان ٻار جي سکيا ۾ ڪهڙي تبديلي آئي؟
اسان کي ”اسڪول وزٽ“ کان اڳتي وڌي ”Learning Audit“ ڏانهن وڃڻو پوندو. يعني اهو ڏسڻو پوندو ته اسڪول ۾ ٻار حقيقت ۾ ڇا سکي رهيا آهن؟ ٻيو وڏو مسئلو امتحاني نظام آهي. جيڪڏهن امتحان ٻار جي سمجهه، سوچ، مسئلو حل ڪرڻ ۽ تخليقي صلاحيت بدران رڳو يادگيري کي جاچيندو ته استاد به ساڳئي رخ ۾ پڙهائيندو ۽ شاگرد به رٽڻ کي ئي ڪاميابي سمجهندو. اسان کي اهڙي تعليم گهرجي جيڪا ٻار کي صرف امتحان پاس ڪرڻ لاءِ نه، پر زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ تيار ڪري.
سنڌ جي ڪيترن ئي سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي حاضري به هڪ اهم مسئلو آهي. ٻار جي غيرحاضريءَ جا سبب غربت، والدين جي بي ڌياني، گهر جون معاشي حالتون، فاصلو يا ٻين سماجي مسئلن سان ڳنڍيل ٿي سگهن ٿا. تنهنڪري صرف “شاگرد ڇو نٿو اچي؟” پڇڻ بدران اهو به ڏسڻو پوندو ته “هو اسڪول ڇو نٿو اچڻ چاهي؟” جيڪڏهن اسڪول ۾ پڙهائي دلچسپ، ماحول محفوظ ۽ استاد ٻار سان عزت ۽ شفقت سان پيش اچي ته اسڪول ٻار لاءِ بار نه، پر ڪشش جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو. سنڌ جي تعليمي نظام ۾ هڪ ٻيو اهم سوال نصاب جو آهي. اسان جي ٻار کي ڪتاب ۾ ڇا پڙهايو پيو وڃي ۽ هو ان علم کي پنهنجي عملي زندگيءَ سان ڪيئن ڳنڍي ٿو؟ جديد دنيا ۾ صرف معلومات ياد رکڻ ڪافي ناهي. ٻار کي سوال ڪرڻ، دليل ڏيڻ، مسئلو حل ڪرڻ، ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ ۽ مختلف خيالن کي سمجهڻ جي صلاحيت به گهرجي، پر نصاب ۾ تبديليءَ سان گڏ ان کي پڙهائڻ جو طريقو تبديل ڪرڻ به ضروري آهي. نئون ڪتاب پراڻي تدريس سان پڙهايو ويندو ته نتيجو به پراڻو ئي نڪرندو.
سنڌ جي اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي هاڻي انگن اکرن کان وڌيڪ نتيجن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڪيترا اسڪول آهن، ڪيترا استاد آهن، ڪيترا ڪتاب ورهايا ويا ۽ ڪيترن اسڪولن ۾ فرنيچر پهتو، اهي سڀ اهم انگ اکر آهن، پر سڀ کان اهم انگ اهو آهي ته ٻار ڪيترو سکي رهيو آهي. تعليم جي ڪاميابيءَ جو اصل معيار اسڪولن جو تعداد نه، پر پڙهيل ۽ باصلاحيت ٻارن جو تعداد هجڻ گهرجي. اسان کي اهڙو نظام ٺاهڻو پوندو، جنهن ۾ اسڪول جي ڪارڪردگيءَ کي صرف عمارت، حاضري ۽ ڪاغذي رپورٽن سان نه، پر شاگردن جي Learning Outcomes سان ماپيو وڃي. استاد کي عزت به ڏني وڃي ۽ جوابدهي به هجي. آفيسر کي اختيار به ڏنو وڃي ۽ جوابدهيءَ جو پابند به بڻايو وڃي. والدين کي به تعليمي عمل جو حصو بڻايو وڃي ۽ اسڪول مئنيجمينٽ کي به فعال ڪيو وڃي.
سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته تعليم کي سياسي، ذاتي ۽ انتظامي مفادن کان مٿي رکيو وڃي. سنڌ جو ٻار ڪنهن به لحاظ کان گهٽ صلاحيت وارو ناهي. جيڪڏهن کيس سٺو استاد، مناسب ماحول، معياري ڪتاب، مسلسل رهنمائي ۽ سکڻ جا برابر موقعا ڏنا وڃن ته اهوئي ٻار ملڪ ۽ دنيا جي بهترين ادارن ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهي ٿو. مسئلو ٻار ۾ ناهي؛ سوال اسان جي نظام جو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان اهو سوال ڪرڻ ڇڏي ڏيون ته “سنڌ ۾ ڪيترا اسڪول آهن؟” ۽ اهو سوال ڪرڻ شروع ڪريون ته “سنڌ جي انهن اسڪولن مان ڪيترا ٻار واقعي پڙهي، سمجهي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي قابل ٿي رهيا آهن؟” ڇو ته اسڪول جي عمارت تعليم ناهي، ڪتاب تعليم ناهي ۽ امتحان پاس ڪرڻ به تعليم جو آخري مقصد ناهي.
تعليم تڏهن آهي، جڏهن اسڪول مان نڪرندڙ ٻار پنهنجي عقل سان سوچڻ، صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڪرڻ، سوال ڪرڻ، علم حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي ارد گرد حالتن کي سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ڪري مستقبل کي سنوارڻ جي قابل ٿئي. سنڌ جي اسڪول ايجوڪيشن سسٽم کي هاڻي رڳو اسڪول هلائڻ کان اڳتي وڌي، حقيقي تعليم ڏيڻ واري نظام ۾ تبديل ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ اها تبديلي ڪنهن هڪ حڪم، هڪ منصوبي يا هڪ بجيٽ سان نه ايندي؛ ان لاءِ حڪومت، تعليمي انتظاميا، استاد، والدين ۽ سماج سڀني کي گڏجي ذميواري کڻڻي پوندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو