پکين جا به ڪيئي قسم ٿيندا آهن ڪي پاڻيءَ وارا پکي، ڪي وڻن تي ويهڻ وارا پکي ته ڪي وري زمين تي رهندڙ پکي. واهه ڇا ته قدرت جو ڪمال آهي. سچ ته پکين جا مختلف رنگ ڏسي يا ٻوليون ٻڌي هنيانءُ ٺري پوندو آهي. ڇو ته قادر ڪن فيڪون سان هن ڪائنات کي حسين بڻائي پيدا ڪيو آهي، جو ان جو جائزو وٺندي انساني دماغ دنگ رهجيو وڃي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان انسانن وحشت گيري سبب جنت کي دوزخ بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ معصوم پکي به ناحق مارجي رهيا آهن. ٽيٽيهر هجي يا ڪوئل، تتر هجي يا تلور، مور هجي يا ڳيرو، تاڙو هجي يا تليهر. مطلب ته ڪوبه پکي منحوس يا بيڪار ناهي، پر اسان جي سوچ کي تالا لڳل آهن جو اسان سونهن کي به سوليءَ تي ٿا چاڙهيون. خبر ناهي ته ڪڏهن ايندو اسان ۾ اهڙو شعور جو ماحول کي موت کان بچائي کيس بقا بخشينداسين.