سَتي، جوهَر هندستان جي غير انساني رسم
Masood Diplai
ڪالم نگار
ھن خوبصورت وڌوا عورت کي زوري زبردستي گِھلي سَتي ڪرڻ پئي ويا ته ان روپ ڪنور نالي راجپوت ناري جي دانھن جو ڀونچال انڊيا جي ايوانن ۾ وڏي مھم جي شروعات بڻجي ويو. جيتوڻيڪ اھا سَتي خلاف جھد جي شروعات نه ھئي. گڏيل هندستان ۾ ڪيترائي اھڙا عقيدا آھن جن کي خود ھندو مت رد ڪيو آھي جيڪي انسانيت لاءِ تڪليف، شرمساري ۽ نقصانن جو سبب بڻيا انھن ۾ انسانن جي ٻَلي چاڙھڻ قرباني جي نالي انسان کي ڪھڻ يا سَتيءَ جي رسم آھي ھندو مذھب ۾ سَتي ھڪ ديوي جو نالو آهي، جيڪا شو ديوتا جي زال ھئي، جنھن پنھنجي مڙس جي پيءُ ھٿان بي عزتي ٿيڻ تي پنھنجي جان ڏني ھئي. لفظ سَتيءَ جي معنيٰ ھڪ حياءُ واري عورت سمجھيو ويندو ھو. ڊاڪٽر اڀيناش چندر داس جي خيال موجب انهيءَ رسم جي مراد اها هئي ته مرڻ کانپوءِ به مردن جي گهرو سک لاءِ زالون ساڻن گڏ هجن. ڪي قديم لوڪ اهڙن خيالن جا هوندا هئا. جيئن قديم مصر ملڪ جا ماڻهو ائين وسهندا هئا ته انسان کي مرڻ کانپوءِ به انهن ساڳين شين جي ضرورت پوي ٿي، جيڪي دنيا ۾ استعمال ڪيون هيون. انهيءَ سبب فوتين کي دفن ڪرڻ مهل زيور، ھيرا، جواھر، سندس پسند جا ڪپڙا، بسترو ۽ ٻيو گهرو سامان بلڪه گاڏيون ۽ ٻيڙيون به ساڻس گڏ دفن ڪندا هئا! اڄ تائين ڪٿي ڪٿي هندن ۾ به دستور آهي ته ڪو مرد فوت ٿيندو آهي ته کيس سوني منڊي پائيندا آهن ۽ ڪا عورت مرندي آهي ته هن کي نڪ ۾ نٿ يا ڪنن ۾ ڪو زيور پائيندا آهن ته ڀلي ته مڻيو منڊي ساڻ هجيس، پر جيڪي ستياڻيون رت ڌرم پالن ڪنديون هيون ۽ پنهنجن مڙسن سان سچي پچي جي پريت هوندي ھئي ۽ کانئن هڪڙو پل به پاسي ٿيڻ نه چاهينديون هيون، سي پتيءَ کانپوءِ پنهنجو جيون کي جاڙ فضول سمجهي، ساڻس گڏ چکيا تي چڙهنديون هيون ته مرڻ کانپوءِ به هڪٻئي سان گڏ هجون ۽ اسان جي پريت هلندي اچي.
جيئن ھڪ دوھي ۾ آھي ته: پريت تو ايسي ڪيجئي، جئسي هندو ڪي جوءِ، جيتي جي تو سنگ رهي، مـــئي ڀي سَـــتي هـــوءِ.
ٻيو هڪ سنڌي پهاڪو آهي ته “سَتي لڪڙن کان موٽڻ (پاڻ نه جلائڻ)” واري ڳالھه کي ڪسي ڳالهه ليکبي هئي ۽ پوءِ اهڙيءَ زال جو مان نه رهندو هو. مطلب ته مانُ ٿيندو ئي انهن زالن جو هو، جي پنهنجي پتيءَ سان گڏ پاڻ کي به لڪڙيون ڏيئي باھ لڳائي پورو ڪنديون هيون. سَتيءَ جي رسم جو رواج قديم دور کان ھندن جي وڏين ذاتين ۾ ھو ان کي عام طور تي سَتي ساوتري به سڏيو ويندو ھو.
1398ع ۾ جڏهن حڪمران جلال الدين خلجي پنهنجي ڀائٽي علاءُ الدين خلجي کي هڪ رياست جو گورنر بڻايو ته هن پنهنجي چاچي جي اکين ۾ ٻرندڙ لوهي شيخون ڦيرائي کيس انڌو ڪري پاڻ دهلي جي تخت تي ويٺو. ان ئي دور ۾ چتوڙ ڳڙهه جي رياست هڪ خوشحال ترين رياست هئي. اتان جي مها راجا جي راڻي انتهائي سهڻي هئي. سندس واکاڻ ٻڌي علاءُ الدين ٻه لک فوج جو لشڪر وٺي حملو ڪيو. بهرحال جنگ جو تفصيل ڊگھو آھي، پر مختصر اهو ته راڻي پدما وتي وچن ڏنو ته ھو زنده علاءُالدين کي ھٿ نه ايندي پوءِ قلعي جي سمورن وڏن راجائن يا خاندان جي گهروارين سميت هڪ ڪمري ۾ ھزارين مڻ ڪاٺين جي باھ ٻاري ۽ علاءُ الدين خلجي جي فوج جي اچڻ کان اڳ سڀئي عورتون ٻرندڙ باھ ۾ ٽپو ڏئي سَتي ٿي ويون. هي رسم رڳو مڙس جي موت تي ئي ادا نه ڪئي ويندي هئي. مٿي بيان ڪيل حالت ۾ به ان کي امر ٿيڻ جو رتبو سمجهيو ويندو آهي، ان کي جوھر جي رسم سڏبو ھو، جنھن ۾ راجپوتن جون عورتون جنگ کان اڳ ۾ ئي حملي آورن کي ھٿ اچڻ کان اڳ ئي جوھر ڪري پنھنجو پاڻ کي ماري ڇڏينديون ھيون. ان ۾ تازو ئي ھڪ قلعي جي ديوار مان ڪيترين عورتن جا لاش مليا ھئا جن کي سندن ورن پاڻ جيئري ئي ديوار ۾ پوري پوءِ پاڻ جنگ ڏي روانا ٿيا ھئا.
ھندستان ۾ سَتيءَ جي غير انساني رسم تاريخ جو اھو بدترين داغ آھي جيڪو گڏيل ھند خاص ڪري سنڌ جي چھري تي پڻ لڳل آھي. راجپوت سماج سنڌ جي وجود سان گنڍيل آھي. سَتيءَ جي رسم کي قانوني ۽ حتمي طور تي انگريزن جي دورِ حڪومت ۾ سال 1829ع ۾ باقاعده ختم ڪيو هو، پر ان کي اڳ ھن رسم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون عرب کان جاري هيون. هن رسم جي بتدريج خاتمي جي تاريخ جو جائزو وٺبو ته سڀ کان پھرين جڏھن محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ته ان وقت سنڌ ۾ ھندو مذھب جي وڏين ذاتين ۾ اھا رسم موجود ھئي. محمد بن قاسم پاران ان رسم تي سختيءَ سان بندش وڌي وئي. جڏھن مغلن ھندستان تي حڪومت ڪئي پئي ته ھو ان رسم کي سخت ناپسند ڪندا هئا ۽ ان کي روڪڻ لاءِ ڪيترائي شاهي فرمان جاري ڪيا.
اڪبر بادشاھ سَتيءَ جي رسم تي سخت پابنديون لڳايون. هن قانون جوڙيو ته ڪنهن به عورت کي زبردستي سَتي نه ڪيو ويندو ۽ اهو عمل رڳو عورت جي پنهنجي مرضي سان ئي ٿي سگهندو. هن زبردستي سَتي ڪئي ويندڙ ڪيترين عورتن کي پاڻ به بچايو. اورنگزيب عالمگير پنهنجي دورِ حڪومت (تقريبن 1663ع) ۾ سَتيءَ جي رسم تي مڪمل سرڪاري پابندي عائد ڪري ڇڏي هئي ۽ پنهنجي علائقي ۾ چتا ٻارڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. صرف مردي کي ئي چتا ۾ ٻارڻ جي اجازت ھئي پوءِ لڪ ڇپ ۾ اھو عمل ٿيندو ھو ته ان جو پتو پوڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ھئي. مغلن جي دور ۾ پابندين جي باوجود هندو طبقو خاص طور تي راجپوت ۽ مٿين ذات جا هندو، ان کي پنهنجن مذهبي معاملن ۾ مداخلت سمجهندا هئا. سلطنت جي ڏورانهن علائقن ۾ مغل قانونن تي سختيءَ سان عمل نه ٿي سگهندو هو، ان ڪري هيءَ رسم لڪل يا اعلانيه جاري رهي. انگريز غير مقامي ھئا انھن سَتي ۽ ڪاروڪاري سميت غير انساني رسمن جي خاتمي جي ڪوشش ڪئي. 19 هين صديءَ جي شروعات ۾ هي رسم بنگال ۽ اتر هندستان ۾ ٻيهر گهڻي وڌي وئي. جنهن جو پوءِ حتمي خاتمو ڪيو ويو.
هڪ هندو اصلاح پسند پرچاري راجا رام موهن راءِ هن وحشياڻي رسم جي خلاف هڪ وڏي مهم هلائي جاڳرتا پکيڙي عوام کي آگاهي ڏني ته هندو ويدن ۽ مذهبي ڪتابن ۾ ان جو ڪٿي به لازمي قرار ناهي ڏنو ويو ۽ ان کي هڪ سماجي بڇڙائيءَ طور پيش ڪيو. راجا رام موهن راءِ جي ڪوششن ۽ برطانوي دٻاءُ کانپوءِ، ان وقت جي برطانوي گورنر جنرل لارڊ وليم بينٽنڪ 4 ڊسمبر 1829ع تي “بنگال سَتي ريگيوليشن” نالي قانون پاس ڪيو. هن قانون تحت سَتيءَ جي رسم کي سنگين جرم قرار ڏنو ويو ۽ ان رسم لاءِ زبردستي ڪرڻ لاءِ سزاءِ موت ۽ عمر قيد جهڙيون سزائون مقرر ڪيون ويون.
هن قانون کانپوءِ ننڍي کنڊ مان نَوَي سيڪڙو رسم ختم ٿي وئي. هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ، حڪومتِ هندستان پڻ سال 1987ع ۾ (راجسٿان ۾ روپ ڪنور نالي عورت جي سَتي ٿيڻ جي هڪ آخري مشهور واقعي کانپوءِ) ان خلاف تمام سخت قانون پاس ڪيو. هاڻي جديد دور ۾ هي رسم قانوني ۽ سماجي طور تي مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي آهي. سَتيءَ جي ھولناڪيءَ بابت مشھور سياح ابن بطوطه پنھنجي سفر نامي ۾ اکين ڏٺو احوال بيان ڪيو آھي جنهن کي پڙهي دل ڏک سان ڀرجيو وڃي. “منهنجو هندستان جو سفر جاري هو ته امجهيرا جي ويجهو منهنجي نظر هڪ عجيب ۽ دل ڏڪائيندڙ جلوس تي پئي. فضا ۾ دھل ۽ دڦ جو آواز گونجي رهيو ھو ۽ ماڻهن جو هڪ وڏو هجوم هڪ عورت جي چوڌاري گڏ ٿيل هو. اها عورت هڪ سهڻي، سينگاريل گهوڙي تي سوار هئي. کيس ڪنهن ڪنوار وانگر قيمتي ريشمي لباس، مهانگا زيور ۽ خوشبوئن سان واسيو ويو هو. سندس ساڄي کاٻي پنڊت ۽ رشتيدار هلي رهيا هئا. سندس هڪ هٿ ۾ ناريل هو ۽ ٻئي ۾ هڪ آئينو، جنهن ۾ اها بار بار پنهنجي سينگار کي ڏسي رهي هئي. منهن تي خوف جي جاءِ تي هڪ عجيب، مصنوعي خوشي هئس، ڄڻ هوءَ موت ڏانهن نه، پر پنهنجي شادي جي محفل ۾ وڃي رهي هجي. هوءَ هڪ هندو فوجي جي بيواهه هئي، جيڪا سَتي ٿيڻ وڃي رهي هئي. ماڻهو کيس عقيدت سان ڏسي رهيا هئا ۽ اها رستي ۾ ملندڙ هر ماڻهو کي دعائون ڏيندي رهي. جلوس هڪ وڏي گھري تلاءُ وٽ اچي بيٺو. ان وڌوا گهوڙي تان لهي تلاءُ جي ٿڌي پاڻيءَ ۾ آخري غسل ڪيو. جنهن کانپوءِ، هن پنهنجي جسم تان سڀ قيمتي زيور ۽ ريشمي لباس لاهي اتي موجود غريبن ۽ پنهنجن رشتيدارن ۾ ورهائي ڇڏيا. هاڻي سندس جسم تي رڳو هڪ سادي، بي رنگ سوٽي چادر هئي. ڪجهه ئي پنڌ تي هڪ اونهو اونداهو کڏ کوٽيو ويو هو، جنهن ۾ ڪاٺين جا وڏا وڏا ڍڳ ٻري رهيا هئا ۽ باهه جون لاٽون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون هيون. ان هولناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ چتا کي لڪائڻ لاءِ رشتيدارن اڳيان هڪ ٿلهو ڪمبل ڏئي ڇڏيو هو ته جيئن اها عورت باهه شعلا ڏسي همت نه هاري وڃي، پر ان خاتون جي اکين ۾ هڪ جنون هو ۽ هن پردو هٽائڻ جو اشارو ڪيو، هوءَ بنا ڪنهن هٻڪ اڳتي وڌي. پوءِ ان عورت پنهنجا هٿ ٻڌا چتا کي پرنام ڪيو ۽ ڪاٺين جي ان ٻرندڙ جهنم ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو.
جيئن هوءَ باهه جي کڏ ۾ ڪري، رشتيدارن ان تي ڪاٺين جا ڳرا بنڊ ۽ گيھه مان پسيل ڪپڙا اڇلائڻ شروع ڪيا ته جيئن هوءَ ٻاهر نه نڪري سگهي. انهيءَ ئي لمحي هجوم ديوانگي سان دانھون ڪيون، دھل وڄڻ لڳا. هي شور ان ڪري هو ته ان معصوم عورت جون دردناڪ دانھون ڪنهن انسان جي ڪن تائين نه پهچن ۽ ڪو سندس پڪار ٻڌي دل ھاري نه وجھي.
مان گهوڙي تي ويٺي اهو سڀ ڏسي رهيو هئس. شعلن جي تپش، ڪاٺين جي سڙڻ جي آواز ۽ ان هولناڪ بربريت منهنجا هوش کسي ڇڏيا. منهنجي اکين اڳيان اونداهه ڇانئجي وئي ۽ مان صدمو برداشت نه ڪندي گهوڙي تان بيهوش ٿي ڪري پيس. منهنجن ساٿين منهنجي منهن تي پاڻيءَ ڇنڊو هنيو، پر اهو ڊيڄاريندڙ منظر هميشه لاءِ منهنجي ذهن تي نقش ٿي ويو.”
سن 1987ع ۾ ويجھي ماضي ۾ راجسٿان ۾ روپ ڪنور جي واقعي پوري ھندستان کي لوڏي ڇڏيو. راجسٿان جتي راجپوت سماج پنھنجي طاقت ۽ موھ ۾ اڄ به سَتيءَ جي رسم جو حامي آھي، روپ ڪنور جي واقعي موجب روپ ڪنور هڪ سهڻي ۽ معصوم ڇوڪري هئي. کيس دوکي سان، ليکا ڏيئي چتا تائين آندو ويو. هن سَتي ٿيڻ نٿي چاھيو. ڀڄڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر سندس ظالم ساھورن کيس ڳوٺ کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو ۽ سخت پھري هيٺ چتا تائين وٺي ويا. هن ڪوڪون ڪيون، پر هزارن جي ميڙ ۾ سندس فرياد ٻڌڻ وارو ڪوبه نه هو ۽ پوءِ کيس زوريءَ جلايو ويو ۽ جتي کيس ساڙيو ويو، ان چبوتري تي روپ ڪنور جو پُتلو ٺاهي، کيس لال ڪپڙا پهرائي، ديوي جو درجو ڏئي، ان جاءِ تي مندر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، پر پوءِ حڪومت مندر ٺاهڻ جي اجازت نه ڏني. ان وقت واحد ٽي وي چينل دور درشن ان واقعي جون خبرون هلايون. انساني حقن جي تنظيمن وڏي مھم ھلائي جنھن ۾ اپوزيشن جون پارٽيون شامل ٿيون ۽ ان جي ذميوارن تي ڪيس ٿيو پوري انتظاميا خلاف احتجاج ٿيا انھن تي محڪماڻي ڪارروائي ٿي ۽ راجسٿان جي سي ايم کي استعيفيٰ به ڏيڻي پئي. چاليهن سالن کانپوءِ به هي هولناڪ واقعو وسري نٿو، اڄ به روپ ڪنور مختلف مثالن ۾ استعمال ٿئي ٿو. اڄ به انساني حقن ۽ عورتن جي تنظيمن ۾ سندس ذڪر ٿيندو آھي. سَتي هڪ انتهائي سنگين جرم آهي عورت سان ان جي سزا رڳو هڪ ٻن کي نه، بلڪه انهن سڀني رشتيدارن کي به ملڻ گهرجي جيڪي هن فعل ۾ شريڪ ٿين ٿا.
ذريعا: ابن بطوطه جو ھند جو سفرنامو، ستي ايڪ قبيح رسم (مضمون)، ھندستان جا غير انساني عقائد (مضمون)، تحفته الھند ڪتاب.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟