سجاد ظهير: ڪميونسٽ اڳواڻ ۽ ترقي پسند اديب
Tufail Magsi
ڪالم نگار
سجاد ظهير ننڍي کنڊ جي ترقي پسند ادبي ۽ سياسي تحريڪ جي هڪ اهم شخصيت هئي. سندس تعلق لکنو جي هڪ علمي گهراڻي سان هو. پاڻ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا سان لاڳاپجي ويو ۽ هن انجمن ترقي پسند مصنفين جي قيام ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. 1936ع ۾ لکنو ۾ انهيءَ انجمن جي پهرين آل هند ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن جو هو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو.
هندستان جي ورهاڳي کانپوءِ هو 1948ع ۾ پاڪستان آيو ۽ هتي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي باني اڳواڻن ۾ شامل ٿيو. جنهن کانپوءِ هن کي پارٽي جو پهريون جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 9 مارچ 1951ع ۾ هن کي راولپنڊي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. انهيءَ ڪيس ۾ فيض احمد فيض سميت ڪيترائي ٻيا فرد پڻ گرفتار ٿيا. سجاد ظهير اٽڪل چار سال جيل ۾ رهيو ۽ 1955ع ۾ آزادي کانپوءِ ڀارت واپس موٽي ويو. ياد رهي ته انهيءَ کان اڳ به مارچ 1940ع ۾ به گرفتار ڪري سينٽرل جيل لکنو موڪليو ويو، جتان کان ٻن سالن کانپوءِ مارچ ۾ هن کي آزاد ڪيو ويو.
ڀارت واپسي کانپوءِ هن ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون ٻيهر شروع ڪيون ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين جي جنرل سيڪريٽري جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. هو صحافت سان لاڳاپيل رهيو ۽ مختلف ادبي رسالن جا ايڊيٽوريل به لکندو رهيو. هن اردو ادب، تنقيد، ترجمن ۽ ترقي پسند تحريڪ تي ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا. سندس ادبي زندگي ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور ڪتاب “انگاري” آهي، جيڪو 1932ع ۾ شايع ٿيو. اهو ڏهن افسانن تي مشتمل مجموعو هو، جنهن ۾ سجاد ظهير سان گڏ احمد علي، رشيد جهان ۽ محمود الظفر به شريڪ هئا. هن ڪتاب انهيءَ زماني جي سماجي روين تي سوال اٿاريا، جنهن جي سبب شديد رد عمل آيو ۽ برطانوي هندستان ۾ هن تي پابندي هنئي وئي. انهيءَ واقعي ترقي پسند ادبي تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردارا ادا ڪيو. سندس ٻين اهم ڪتابن ۾ “روشناني” شامل آهي، جنهن ۾ هن ترقي پسند مصنفين جي تحريڪ جي تاريخ بيان ڪئي آهي. هن جو ناول “لنڊن جي هڪ رات” به اردو ادب ۾ مانائتو مقام رکي ٿو. سجاد ظهير 1973ع ۾ تاشقند ۾ هڪ ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ دوران وفات ڪري ويو. هو پنهنجي سياسي جدوجهد سان گڏ اردو ادب ۾ ترقي پسند فڪر جي سڃاڻپ ڪرائڻ ۽ انهيءَ کي منظم تحريڪ جي حوالي سان سدائين ياد رکيو ويندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟