سعادت حسن منٽو سماج جو بي رحم سچ لکندڙ افسانا نگار!
اردو ادب جي تاريخ ۾ سعادت حسن منٽو اھڙو نالو آھي، جيڪو اڄ به بحث، تڪرار، تنقيد ۽ تعريف جي وچ ۾ بيٺل نظر اچي ٿو.۔ ڪنھن لاءِ منٽو ھڪ فحش نگار ھو، ڪنھن لاءِ باغي، ڪنھن لاءِ چريو ته ڪنھن لاءِ اردو ادب جو سڀ کان وڏو سچ لکندڙ ليکڪ! پر حقيقت اھا آھي ته منٽو کي سمجھڻ لاءِ صرف سندس لفظن کي نه، پر انھن لفظن پٺيان بيٺل سماج جي سچائي کي پڙھڻ ضروري آھي.۔ منٽو جو اصل ڏوھ فحاشي ڦھلائڻ نه، بلڪه سماج جي منھن تي رکيل ڪوڙ جي نقاب کي لاھي اگھاڙو ڪرڻ ھو.۔
منٽو 11 مئي 1912ع تي پنجاب جي شھر سمرالا ۾ پيدا ٿيو.۔ ھن ابتدائي زندگي ۾ ئي سماج جا ڪيترائي روپ ڏٺا،۔ ممبئي جي رنگين فلمي دنيا کان وٺي ورھاڱي جي رت سان ڀريل گھڙين تائين، منٽو ھر تلخ تجربي کي محسوس ڪرڻ بعد ان کي پنھنجي قلم ۾ سهيڙي ڇڏيو.۔ سندس افسانن ۾ جسم کان وڌيڪ روح جي زخمن جي ڳالھه آھي، پر افسوس جو پڙھندڙن جي وڏي حصي انھن زخمن کي محسوس ڪرڻ بدران صرف اگھاڙپ ڏٺي! انهن افسانن پٺيان سماج جي تلخ سچائي کي سمجھڻ بدران ماڻهن جي اڪثريت چسڪا وٺي انهن کي جنسي مزي خاطر پڙھيو!
منٽو پاڻ چيو ھو ته:
“اگر آپ ميري افساني برداشت نهين ڪر سڪتي تو اس ڪا مطلب هي ڪي يي زمانه قابل برداشت هي.”
اھو جملو دراصل منٽو جي سموري فڪر جو ھڪ خلاصو پيش ڪري ٿو.۔
منٽو ان دور ۾ لکڻ شروع ڪيو ھو، جڏھن ننڍي کنڊ جو سماج اندروني منافقت، مذھبي جنون، جنسي استحصال، غربت ۽ اخلاقي زوال جو شڪار ھو،۔ ھن اھي سڀ شيون بنا سينگار جي لکيون۔ ان وقت سماج چاھيو پئي ته اديب صرف گلن، چنڊ، محبت ۽ خوابن جون ڳالھيون ڪري، پر منٽو طوائفن جي ڪوٺن، ورھاڱي جي رت، بک ۽ انساني درندگي جا قصا لکيا۔ جنهن کي سماج قبول ڪرڻ لاءِ ھرگز تيار نه ھو ۽ نتيجي ۾ کيس “فحش افسانا نگار” قرار ڏنو ويو!
پر اصل ۾ سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته منٽو فحش ھو يا سماج پاڻ فحش ھو؟
منٽو جا افسانا پڙھندي ائئن محسوس ٿيندو ڄڻ ان انسان جي لڪيل نفسيات کي وائکو ڪيو آھي.۔ توهان منٽو جا افسانا پڙھو ان جو ڪو نه ڪو افسانو يا ڪردار توهان کي پنهنجي شخصيت سان ضرور ملندي جلندي محسوس ٿيندو! ۽ دنيا ۾ اھڙو ادب سرجيندڙ تمام گھٽ ليکڪ گذريا آھن.
منٽو جو ھر افسانو سماج جي بي حسي بيان ڪري ٿو. مثلن سندس مشهور افسانو “ڪالي شلوار” ھڪ طوائف “سلطانه” جي زندگيءَ تي ٻڌل آھي، جيڪا محرم جي مھيني لاءِ ھڪ ڪاري شلوار حاصل ڪرڻ لاءِ جفاڪشي ڪري ٿي۔. عام پڙھندڙ ھن افساني ۾ ڀلي صرف جسماني ماحول ڏٺو، پر منٽو ان افساني ۾ غربت، محرومي ۽ عورت جي مجبوري کي بيان ڪيو آھي. ۔ افساني جي مک ڪردار سلطانه جي خواهش ڪا جنسي خواھش نه، بلڪه غريبيءَ ۾ جيئندڙ اھڙي عورت جي ننڍڙي حسرت ھئي، جيڪا سماج کيس پوري ڪرڻ نٿو ڏئي۔.
ساڳي طرح “بو” منٽو جو اھو افسانو آھي، جنھن تي سڀ کان وڌيڪ اعتراض ٿيا۔. ماڻھن ان کي صرف جنسي احساسن جو افسانو سمجھيو، جڏھن ته منٽو ان ۾ انساني نفسيات جي پيچيدگي بيان ڪئي.۔ ھڪ امير، خوشبودار عورت جي مقابلي ۾ غريب ڇوڪريءَ جي جسم مان ايندڙ بوءَ جو اثر دراصل ان مصنوعي سماج تي طنز ھو، جتي سچائيءَ کان وڌيڪ بناوٽ کي اھميت ڏني ويندي آھي۔، پر افسوس پڙھندڙن جو وڏو حصو ان افساني جي علامتي پيغام کي سمجھڻ بدران رڳو جنسي حوالن تي بيھي رھيو۔.
منٽو جو شاھڪار افسانو “ٺنڊا گوشت” شايد اردو ادب جو سڀ کان وڌيڪ متنازع افسانو آھي۔ ھن افساني ۾ ورھاڱي جي وحشت ڏيکاريل آھي، جتي ھڪ سِک شخص فساد دوران عورتن کي قتل ڪري ٿو ۽ پوءِ خبر پئي ٿي ته جنھن ڇوڪريءَ سان ھو زيادتي ڪري رھيو ھو، اھا اڳ ئي مري چڪي ھئي.۔ ھن افساني جو اصل موضوع جنسي لذت نه، بلڪه انسان جي درندگي آھي۔. منٽو دراصل اھو ٻڌائڻ چاھيو ته ورھاڱي جي فسادن انسانيت کي ڪيترو ڪيرائي ڇڏيو ھو،۔ پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته گھڻن ماڻھن ان افساني کي رڳو “سيڪسي” ڪھاڻي سمجھي پڙھيو ۽ ان جي پٺيان بيٺل ورھاڱي جي خوفناڪ الميي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو۔.
اھڙيءَ طرح “کول دو” منٽو جي سڀ کان دردناڪ افسانن مان ھڪ آھي۔. ھن افساني ۾ به ورھاڱي دوران گم ٿيل ڇوڪري “سڪينه” کي ڪيترائي ماڻھو “بچائڻ” جي نالي ۾ لُٽين ٿا،۔ آخر ۾ جڏھن ڊاڪٽر ڪمري ۾ ٻوسٽ جو ماحول ڏسي دري لاءِ چئي ٿو ته “کول دو”، ته بيھوش سڪينه پنھنجي شلوار کولڻ لڳي ٿي! ڇاڪاڻ ته سندس شعور تي مسلسل ٿيندڙ جنسي تشدد نقش ٿي چڪو آھي۔. ھي منظر پڙھي ڪيترن ماڻھن کي ڀلي فحاشي محسوس ٿئي، پر منٽو دراصل اھو ٻڌائڻ چاھيو ٿي ته جنگ ۽ فساد عورت کي ڪيتري حد تائين تباهه ڪن ٿا.۔ اھو افسانو پڙھندڙ کي جنسي لطف ڏيڻ لاءِ نه، پر انهن جي ضمير کي جنجهوڙڻ لاءِ لکيو ويو ھو.۔
منٽو جو افسانو “ھتڪ” به ھڪ اھڙي سماجي سچائيءَ جو عڪس آھي۔. ھن ۾ طوائف “سگندھي” جي اندر جي احساسن کي پيش ڪيو ويو آھي.۔ ھڪ دولتمند شخص کيس پسند نٿو ڪري ۽ ان جي انڪار کانپوءِ سگندھي جي اندر جي ٽٽڻ کي منٽو جنھن شدت سان لکيو آھي، اھو عورت جي نفسيات جي وڏي سچائي آھي،۔ پر گھڻن ماڻھن لاءِ اھو رڳو طوائفن جي دنيا جو ھڪ افسانو بڻجي ويو.۔ ڪنھن اھو سوچڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته منٽو اصل ۾ ان عورت جي عزتِ نفس جي ڳالھه ڪري رھيو ھو، جيڪا سماج وٽ اڳ ئي بي عزت قرار ڏنل ھئي.۔
ساڳي طرح “ڌوان” ۾ منٽو شھوت جي ماحول کان وڌيڪ ان ماحول ۾ موجود اڪيلائي، اداسي ۽ سماجي بيماريءَ کي بيان ڪيو،۔ پر اڪثر پڙھندڙن ان ۾ به رڳو اگھاڙپ ڳولهي ورتي۔.
منٽو جو افسانو “اوپر، نيچي اور درميیان” به سماج جي طبقاتي ۽ اخلاقي تضادن تي سخت تنقيد آھي۔ ھن افساني ۾ منٽو ڏيکاريو ته ڪيئن مٿيون طبقو اخلاقيات جا درس ڏئي ٿو، پر اندروني طور ساڳين گندگين ۾ ٻڏل آھي.۔ پڙھندڙن جي وڏي انگ کي وري به ان افساني ۾ جسم ته صاف نظر آيو، پر سماجي منافقت نه!
اھڙيءَ ريت “موزل” افساني ۾ منٽو مذھبي سڃاڻپ کان انسانيت کي مٿي رکيو.۔ افساني جو ڪردار موزل ھڪ آزاد خيال يھودي ڇوڪري آھي، جيڪا فساد دوران ھڪ سِک ڇوڪريءَ کي بچائيندي مري وڃي ٿي.۔ ڪيترن ماڻھن لاءِ موزل جو بيباڪ انداز “فحش” ھو، پر منٽو ان ڪردار وسيلي ٻڌايو ته انسانيت مذھب کان وڏي شيءِ آھي۔.
منٽو جي خلاف برطانوي ھندستان ۽ پوءِ پاڪستان ۾ ڪيترائي عدالتي ڪيس ھليا۔ “ڪالي شلوار”، “بو”، “ڌوان”، “ٺنڊا گوشت”، “اوپر، نيچي اور درميیان” ۽ ٻين افسانن تي مٿس فحاشيءَ جا الزام لڳايا ويا.۔ مجموعي طور منٽو تي ڇھن کان وڌيڪ فحاشيءَ جا ڪيس ھليا.۔ برطانوي دور ۾ به کيس عدالتن جا چڪر ڪاٽڻا پيا ۽ پاڪستان اچڻ کانپوءِ به حالتون تبديل نه ٿيون.۔
خاص طور “ٺنڊا گوشت” تي پاڪستان ۾ ھلندڙ ڪيس تمام گھڻو مشھور ٿيو۔ عدالتن منٽو کان پڇيو ته اھو معاشري جي باري ۾ اھڙو ڪجهه ڇو لکي ٿو؟ منٽو جواب ڏنو ته:
“منھنجي افسانن ۾ بيان ڪيل ڪا به اھڙي ڳالهه مون کي ٻڌايو جيڪا اسان جي سماج سان جڙيل نه ھجي ۽ مان غلط بياني ڪئي ھجي! مان ته سماج جي تلخ سچائي جي مٿان پيل چادر کي لاھي ان کي سڀني جي اڳيان نروار ڪيو آھي ته جيئن ان کي بھتر بڻائي سگهجي.”
ھي مٿيان جملا منٽو جي دفاع جو سڀ کان وڏو بيان آھن،۔ ھو چوندو ھو ته جيڪڏھن سماج ۾ گند آھي ته اديب جو ڪم ان تي خوشبو ڇٽڻ نه، بلڪه ان کي وائکو ڪرڻ آھي۔.
منٽو جا مخالف چوندا ھئا ته ھو طوائفن، شراب، جنس ۽ ڏوھن بابت ڀلي لکي، پر انهن کي افسانن جو روپ ڏئي جنسي طريقي سان سمجھائڻ غلط آھي۔. ھو انهن لاءِ افسانن جو سھارو وٺڻ بجاءِ اخبار ۾ ڪالم لکي انهن شين کي اجاگر ڪري! پر منٽو ڪو خوابن جي دنيا ۾ رھندڙ اديب نه ھو؛ ھو ھڪ حقيقت نگار ھو۔ ان کي خبر هئي ته افساني جي روپ ۾ پيش ڪيل سماج جون تلخ سچايون ڪالم کان وڌيڪ عرصو زنده رھنديون. ڇو ته ھو ھڪ اھڙي سماج لاءِ لکي رھيو ھو، جيڪو رات جي اونداھيءَ ۾ سڀ ڪجهه ڪندو ھو، پر ڏينھن ۾ پاڪبازيءَ جا نعرا ھڻندو ھو.۔
اصل ۾ منٽو سان مسئلو سندس لفظن ۾ نه، پر سندس سچ ۾ ھو.۔ ماڻھن کي منٽو جا افسانا ان ڪري فحش لڳا. ڇاڪاڻ ته ھن انھن جي لڪيل خواهشن، منافقتن ۽ ظلم کي اگھاڙو ڪري ڇڏيو ھو، سندس افسانا پڙھندڙ کي بي آرام ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته اھي انسان جي اندر ۾ لڪيل ان جي ڪنهن منافقت سان ان کي ضرور روبرو ڪرائين ٿا۔.
اڄ جڏھن دنيا نفسيات، سماجيات ۽ انساني روين جي مطالعي کي اھميت ڏئي ٿي، تڏھن منٽو وڌيڪ جديد محسوس ٿئي ٿو۔. ھن عورت کي صرف جسم نه، بلڪه زخمي روح طور لکيو۔. ھن ورھاڱي کي صرف سياسي واقعي طور نه، بلڪه انسانيت جي موت طور ڏٺو۔. ھن جنس کي لذت نه، بلڪه سماجي بيماريءَ جي علامت طور پيش ڪيو.۔ بدقسمتي سان اسان جو سماج اڄ به منٽو کي مڪمل طور سمجھي ناھي سگھيو۔ ڪيترائي ماڻھو اڄ به سندس افسانا لڪ چوريءَ ۾ فقط جنسي “مزو وٺڻ” لاءِ پڙھن ٿا، جڏھن ته منٽو جي اصل طاقت ان جي تلخ سچائيءَ ۾ آھي.۔ منٽو جو ادب پڙھڻ کانپوءِ جيڪڏهن پڙھندڙ کي پاڻ تي شرم نه آيو ، درد ۽ تڪليف محسوس نه ٿي، يا ان جي ذھن ۾ سماج بابت سوال نه اٿيا ته ان ڄڻ منٽو کي پڙھيو ئي نه! وري ٻئي طرف جيڪڏھن ڪو منٽو جي ادب ۾ صرف جنسي حوالا ڳولهي ٿو، ته پوءِ بدقسمتي سان مسئلو منٽو ۾ نه، ان پڙھندڙ جي سوچ ۾ آھي۔.
منٽو پاڻ پنھنجي قبر جي ڪتبي لاءِ لکيو ھو:
“يهان سعادت حسن منٽو دفن هي. اس ڪي سيني ۾ افسانه نگاري ڪي تمام اسرار و رموز دفن هين. وه اب ڀي منون مٽي ڪي نيچي سوچ رها هي ڪي وه بڙا افسانه نگار هي يا خدا.”
ھي جملو منٽو جي شخصيت جي جرئت، طنز ۽ فڪر کي ظاھر ڪري ٿو.۔ ھو سماج کان اڳتي ڏسندڙ ليکڪ ھو.۔ اڄ سندس افسانا دنيا جي وڏين يونيورسٽين ۾ پڙھايا وڃن ٿا، تحقيقون ٿين ٿيون، فلمون ٺھن ٿيون، ڇو ته وقت ثابت ڪري ڇڏيو آھي ته منٽو فحش نگار نه، بلڪه انسان جي ٽٽل روح جو وڏو تاريخ نويس ھو.۔
منٽو کي سمجھڻ لاءِ ضروري آھي ته سندس لفظن کان وڌيڪ انهن لفظن جي پٺيان لڪيل درد کي محسوس ڪجي. ڇو ته منٽو جسم جي باري ۾ نه، سماج جي زخمن جي باري ۾ لکيو آھي۔.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟