روسو جي اجتماعي مرضي ۽ بينٿم جو افاديت وارو اصول: هڪ عملي ميلاپ
Abdul Fatah Rajri
ميٿس اسپيشلسٽ/ڪالم نگار
سياسي فلسفي جي تاريخ ۾ فرانسيسي مفڪر جان جيڪس روسو جو “سماجي معاهدو” هڪ اهڙو سنگِ ميل آهي، جنهن عوامي خود مختياري ۽ “اجتماعي مرضي” جو روح ته ڦوڪيو، پر هو ان فڪر ۾ هڪ وڏو عملي خال ڇڏي ويو. روسو اهو نه ٻڌايو ته آخر اهو ڪير هوندو جيڪو ان اجتماعي مرضيءَ جي تحفظ کي يقيني بڻائيندو؟ هن هڪ اهڙو پاڪيزه اصول ته پيش ڪيو جنهن تحت سماج جو گڏيل مفاد سڀني تي مقدم هوندو، پر ان کي هٿي ڏيڻ ۽ سنڀالڻ وارو ڪو مضبوط هٿ واضح نه ڪيو. جيڪڏهن گهرائيءَ سان جائزو ورتو وڃي ته برطانوي مفڪر جيريمي بينٿم جي “افاديت پسندي” جو اصول اصل ۾ روسو جي ان فلسفي جو حقيقي ۽ عملي حل ٿي سگهي ٿو. بينٿم جو اصول واضح آهي ته حڪومت جو بنيادي ڪم اهڙا قانون ٺاهڻ آهن، جيڪي وڌ کان وڌ ماڻهن لاءِ وڌ کان وڌ خوشي ۽ فلاح جو سبب بڻجن، جيڪا حڪومت بينٿم جي هن افاديت واري فارمولي تي عمل ڪندي آهي ته اها اڻ بناوٽي طور تي روسو جي ان گم ٿيل ضامن جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي جيڪو اجتماعي مرضيءَ کي عملي شڪل ڏئي سگهي ٿو. هن فڪري ميلاپ جو سڀ کان وڏو عملي فائدو اهو آهي ته اها رياست کي ڪنهن به امڪاني عوامي بغاوت کان قدرتي طور تي محفوظ رکي ٿي. فرانسيسي انقلاب جي پسمنظر کي ڏسجي ته معلوم ٿيندو ته اتي حڪومت عوام جي اجتماعي مرضيءَ ۽ بنيادي خوشين کان مڪمل طور تي لاپرواهه ٿي چڪي هئي، جنهن ڪري پيدا ٿيندڙ شديد محروميءَ خونريز انقلاب کي جنم ڏنو، پر جيڪڏهن رياست جو وجود بينٿم جي افاديت واري اصول تي ٻڌل هجي جتي حڪومت جو هر قانون عوام جي وڏي انگ جي خوشي ۽ بقا لاءِ هجي ته اتي ڪنهن به وڏي عوامي بغاوت جو رستو قدرتي طور تي بند ٿي وڃي ٿو. جڏهن سماج جي گهڻائي حڪومت جي پاليسين مان مطمئن ۽ خوش هوندي ته ڪو به شرپسند يا باغي عنصر عوام کي رياست جي خلاف ڀڙڪائي نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته بغاوتون هميشه عوامي محرومين جي ڪک مان جنم وٺنديون آهن. تنهنڪري بينٿم جي اصولن تي هلندڙ حڪومت روسو جي سماجي معاهدي کي طاقت ۽ تحفظ فراهم ڪري ٿي، اها رياست کي رڳو هڪ خيالي نظريو بڻجڻ بدران هڪ اهڙو عملي ۽ مضبوط قلعو بڻائي ٿي جتي قانون جو مقصد عوام جي خدمت هوندو آهي. اهڙي نظام ۾ ڪنهن به بدامني يا افراتفري کي ڪنهن جبر يا بندوق جي زور تي نه، پر عوامي خوشحالي ۽ رضامنديءَ جي ذريعي قدرتي طور تي دٻائي سگهجي ٿو. اڄ جي جديد دور ۾ جيڪڏهن اسان کي پنهنجي ملڪي حڪومتي نظام کي سياسي انتشار ۽ بدامنيءَ کان بچائي هڪ پرامن سماج ڏانهن وٺي وڃڻو آهي ته اسان کي روسو جي اجتماعي مرضيءَ واري خواب کي بينٿم جي افاديت پسند قانون سازي جي عملي ضامن سان جوڙڻو پوندو ته جيئن هڪ مستحڪم ۽ فلاحي رياست جو قيام ممڪن ٿي سگهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟