مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

روبرو

Ghulam Nabi Soomro نثر نويس، ڪهاڻيڪار

بي.اِي (ائگريڪلچر)، ايم.اي (اڪنامڪس) SUJ. ڪهاڻين جو مجموعو: ماڊل گرل، محبت چترڪار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

رسول بخش پليجو حقيقي معنيٰ ۾ هڪ آزاد شخص آهي. جامي صاحب جي لکيل اها سٽ سندس سهيڙ، سياسي ادب ڀاڱو پهريون جلد-1 جي پيش لفظ ۾ شامل آهي جا 19 آڪٽوبر 2005 تي تحرير ڪئي وئي آهي. رسول بخش پليجو جي شخصيت جي تناظر ۾ لکيل اها ڳالهه گهڻي اهم آهي. اهو پڙهڻ کانپوءِ منهنجي ذهن ۾ هڪ سوال پيدا ٿيو ته هڪ آزاد شخص ڇا ٿيندو آهي؟ اهو سوال کڻي دل چاهيو ته جامي صاحب سان ملاقات ڪجي، پر اها ممڪن نه ٿي سگهي، جنهن کي منهنجي سادگي چئجي يا ڪنهن به احساس جو نالو ڏجي. پاڻ حيدرآباد جي مختلف ميڙاڪن ۾ موجود هوندو هو ۽ گهڻو ڪري مکيه مقرر به، آئون ساڻس پنهنجي تعارف جي همت نه ڪري سگهيس. سوال پنهنجي جاءِ تي موجود هو ته هڪ آزاد شخص جو اسانجي سماج ۾ موجود هجڻ ممڪن آهي؟ ڳالهه رسول بخش پليجو صاحب جي هئي ۽ ڳالهه ڳري هئي. مون کي انهيءَ لاءِ جامي صاحب سان هڪ روبرو ئي جي ضرورت هئي. وقت هلندو رهيو. آئون جامي صاحب تي هڪ عاشق ۽ علم جي طالب واري نگاهه رکي هن کي مختلف موقعن تي ڏسي رهيو هئس ۽ کيس پڙهي رهيو هئس. حيدرآباد جي سول سوسائٽي محترم نور محد بجير جي اڳواڻي ۾ جي.ايم.بي ڪالوني قاسم آباد ۾ سٽيزنس ڪلب جو بنياد رکيو. آئون انهيءَ جو ميمبر هئس. شام جو دير تائين اتي پيو ويهبو هو. سال 2007 جي هڪ رات جي پهرئين پهر ۾ آئون جيئن ئي گهر وڃڻ لاءِ ڪلب مان ٻاهر نڪتس ته گهٽيءَ ۾ حسن درس ۽ جامي موجود هئا. مون ڏٺو ته هن حسن کي روداد خان جو ڪتاب “پاڪستان انقلاب ڪي دهاني پر” ڏنو ۽ شايد اُھي ٻئي ڪتاب متعلق ڳالهائي رهيا هئا. روداد خان جو اهو ڪتاب اصل انگريزي ۾ آهي “پاڪستان انڊر دي سيج.” آئون ٿورڙو پري کان اهو منظر ڏسي رهيو هئس. مون هڪ بي مثل شاعر ۽ جامي جي ان صحبت کي ڏٺو ۽ اتان مُڙي پنهنجي گهر هليو آيس. اهو احساس گڏ کڻي جيڪو ماڻهن جي ميڙ سان منهنجي ملڻ ۾ مانع رهيو آهي. شايد اها مريادا ۽ احساس ته ٻن ماڻهن ۾ ڳالهه ٻولهه پئي ٿئي. اهي هڪٻئي جي طرف متوجھه آهن ته پوءِ منهنجي اندر ۾ موجود حياءَ ۽ حجاب مون کي روڪي ٿو ۽ آئون اهڙي ڪنهن به منظر ۾ ٽيون ماڻهو نه ٿو بڻجان. هونئن ٽيون ماڻهو جي پٺيان هڪ وڏي روايت ۽ طويل ڪهاڻي آهي. منهنجي سندس علم ڏانهن ڇڪ، تلاش ۽ تعاقب انهيءَ ڪري آهي جو هو اسانجي زماني جو هڪ اهم ليکڪ ۽ مقرر آهي، جيڪو سڄي دنيا سان ڳالهائي رهيو آهي. پنهنجي ملڪ ۾ به ۽ پنهنجي ملڪ کان ٻاهر به هن جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌي وڃي ٿي. مون جهڙي عام ماڻهو کي هن کان روبرو ئي جو سوال هو. هڪ ملاقات، پر اها ملاقات ٿيندي ٿيندي سال لڳي ويا. 8 جنوري 2023 اهڙو خوشنصيب ڏينهن هو، جڏهن اسين سڪرنڊ ۾ موجود هئاسين. آئون، نصير مرزا، منير شاهه ذاڪري، راشد لکمير، خواجه غلام علي کوساڻي، وزير ميمڻ ۽ ٻين دوستن جو ڄڻ هڪ ڪٺ هو، پر اهم ڳالهه ته هتي جامي چانڊيو صاحب به موجود هو. تنهن ڏينهن اسان گهڻي ڪچهري ڪئي. اسٽيج شيئر ڪيوسين، تقريرون ڪيوسين. انهيءَ ڏينهن مير محمد پيرزادو جي ڪتاب “مون پريان سين نينهن” جي مهورت جي تقريب ۾ اسين سڀ شريڪ هئاسين. سڪرنڊ جي منهنجي زندگي ۾ گهڻي اهميت آهي، جو انهيءَ شهر ۾ هڪ ليکڪ طور منهنجي سڃاڻپ گهڻي وقت کان موجود آهي. جامي صاحب به مونکي سڪرنڊ ۾ مليو. هن شخص انهيءَ ڏينهن مون کي پنهنجي توجهه جي دائري ۾ آندو. انهيءَ کانپوءِ سال 2024 ۾ انيڪ ملاقاتون ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ميزباني ۾ رات دير تائين جون ڪچهريون منهنجو نصيب ٿيون. انتظار ڪيئن گلن جي باغ ۾ تبديل ٿيندو آهي، اهڙو منهنجو ساڻس ملاقاتن جو منظر آهي. لازمي آهي ته اهو سوال جو آئون 2005 کان پاڻ سان گڏ کڻي هلي رهيو هئس. رسول بخش پليجو حقيقي معنيٰ ۾ هڪ آزاد شخص آهي، انهيءَ سوال سان گڏ دنيا جهان جي انيڪ موضوعن تي گفتگو جو هڪ سلسلو آهي، جو جاري آهي. انهن سڀني جو ذڪر ڪبو. آئون ايترو ضرور چوندس ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري ۽ جامي چانڊيو جي صحبت مون کي گهڻي خوشي ڏني آهي. سڪرنڊ ۾ تنهن ڏينهن مون کي لڳو اسان دوستن جي گفتگو ۾ هڪ باغ آهي، جنهن ۾ گهڻا ئي گل مهڪي رهيا آهن. اسان جون ڳالهيون شاعري کان نثر تائين، ڀٽائي کان مير محمد پيرزادو جي شاعري تائين، گهڻ پاسايون هيون. مون کي ياد آهي ته مشهور ليکڪ آوازِ دوست جي مصنف مختيار مسعود جو ذڪر به ڇڙي پيو هو. هن سال يعني جنوري 2025 جي شروع وارن ڏينهن ۾ جامي صاحب مهرباني ڪئي جو هن مون کي سال 2023 جي سڪرنڊ ۾ ٿيل ان پروگرام ۾ نڪتل اسان جو گروپ فوٽو واٽس ايپ ڪيو، جنهن ۾ اسين سڀ موجود آهيون. منهنجي عشق جو اهو انعام آهي جو هاڻي اسين هڪ ٻئي جي ويجهو اچي ويا آهيون. تنهن ڏينهن ٿيل انهيءَ تقريب جي فوٽوگراف ۾ اهم ليکڪ ۽ شخص شامل هئا. منير شاهه ذاڪري، راشد لکمير، خواجه غلام علي کوساڻي، وزير حسين ميمڻ، نصير مرزا، تاج جويو، شاعر آر.بي “منتظر” سومرو سان گڏ آئون ۽ جامي صاحب موجود هئاسين. هن سان وڌيڪ چٽيون تصويرون سال 2024 جي پڇاڙي ۾ منهنجي انتظار ۾ هيون، پر سڀاڻي جي ڪنهن کي خبر آهي.
اڳتي ايندڙ ڏينهن جي ڪچهرين ۾ آئون موجود هئس ۽ گهڻي وقت کان وٺي مون سان همسفر سوال به موجود هو ته: رسول بخش پليجو حقيقي معنيٰ ۾ هڪ آزاد شخص آهي. جڏهن اسان جي روبروئي ۾ ٿيل گفتگو گهڻي گهري ٿيندي وئي. تڏهن مون کي لڳو ته اهو سوال جيڪو آئون سالن کان سانڍيندو آيو هئس. تڏهن انهيءَ جي جواب ۾ مون کي لڳو ته جامي چانڊيو پاڻ به حقيقي معنيٰ ۾ هڪ آزاد شخص آهي. تازو فيس بُڪ جي هڪ پوسٽ تي جا جامي چانڊيو پاڻ اپلوڊ ڪئي هئي، انهيءَ ۾ هڪ جاءِ تي ڪمينٽ سيڪشن ۾ ڳالهه ڪجهه هيئن بيان ٿيل هئي: “مون کي دنيا ۾ ڪنهن سان به ڪا عقيدت ۽ غير مشروط يا غير تنقيدي فڪري وابستگي ناهي.” سوال جيڪو 2005 ۾ هو ۽ هي رايو 2025 جو آهي. انهن تحريرن جي فڪري تناظر ۾ مون کي پنهنجي سوال جو جواب ملي ويو آهي، پر اڃان سڪرنڊ ۾ موجود آهيون، جڏهن اسين سڀ دوست منير شاهه ذاڪري جي درگاهه سان لاڳاپيل بنگلي تي ٻنپهرن جي ماني تي موجود هئاسين. اتي گفتگو ٿي رهي هئي، تڏهن جامي صاحب جي فڪر ۽ علم جي رواني ائين هئي ڄڻ اها ندي جي رواني هجي. پنهنجي وهڪري ۾ تکي، تيز ۽ پرشور. سڪرنڊ ۾ علم ۽ عمل جي ڪنهن نديءَ سان گڏ هجڻ ڪنهن ڀاڳ جيان هو، پر جامي صاحب سان ملاقات ۽ گفتگو لاءِ منهنجو انتظار به گهڻو طويل هو ۽ اهو اندازو نه هو ته اڳتي هلي ڊاڪٽر آڪاش انصاري اهڙين ڪئين ملاقاتن جا در کولڻ وارو آهي، جن ۾ اسين ٽئي گفتگو ۾ راتين کي صبح ۾ بدلائيندا رهيا آهيون. ڊاڪٽر آڪاش پنهنجي حيدرآباد واري گهر تي مون کي ۽ جامي صاحب کي سڏيندو رهيو هو. اهو محبوب انسان انهيءَ ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ته اسان جي ڪچهري ٿئي. هو صاحب پنهنجي ڪار انهن ملاقاتن لاءِ موڪليندو آهي ۽ واپسي ۾ ساڳئي ڪار اسان کي پنهنجي آستانن تي وٺي ايندي آهي. سال ٻن کان جامي چانڊيو ۽ آئون پاڙيسري آهيون، جيڪڏهن آڪاش انصاري اسان کي نه ملائي ها ته ائين ظاهر ٿئي ها ڄڻ اسين ٻن الڳ الڳ گرهن تي رهندا هجون. انهيءَ سلسلي ۾ آئون وري به هتي پنهنجو پاڻ کي دهرايان ٿو ته پنهنجي طبيعت جي گريز ۽ عجيب احساس ۾ گم ٿيل شخص رهيو آهيان، جنهن سبب هڪ ليکڪ طور به مون پاڻ کي حاشيي تي رکيو آهي. انهيءَ ڪري ادبي دنيا ۾ به منهنجي ڪا خاص واقفيت ڪونهي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري صاحب انهيءَ ميزباني لاءِ مهرباني.
آڪاش جي قاسم آباد حيدرآباد واري گهر ۾ هڪ ڪچهري انهيءَ تقريب کان هڪ ٻه ڏينهن پوءِ ٿي. جڏهن جامي خانه فرهنگ ايران حيدرآباد ۾ عمر خيام تي ليڪچر ڏنو. جامي شاعر تي ۽ سندس گھڻ طرفي شخصيت تي ڳالهايو ۽ خاص طور تي هن خيام جي شاعريءَ ۾ جيڪي سوال آهن، انهن تي گهرائي سان نظر وڌي. جنهن ڪچهريءَ جو آئون ذڪر ڪري رهيو آهيان. انهيءَ رات عمر خيام اسان جي گفتگو جو موضوع هو. هن شاعر فردوسي سان گڏ فارسي شاعري تي به ڳالهه ڪئي. شاعر فردوسي تي به هن جو ليڪچر ادبي حلقن ۾ مشهور ٿيو هو. هتي سندس اها ڳالهه ڪرڻ جي اهميت آهي جو، هن فردوسي ۽ ٻين فارسي شاعرن کان عمر خيام کي ڌار ڪيو. هن فردوسي ۽ خيام جي ڀيٽ ڪئي ۽ چيو ته شاهه نامه جي مصنف جي فن کي جيڪڏهن بيان ڪجي ته هو پنهنجي سڀني شاعراڻي خوبين سان گڏ اصل ۾ قومپرست آهي، پر عمر خيام کي پڙهندڙ ڪنهن به اھڙي خاني ۾ رکي نٿو سگهي. هن وٽ جيڪا خيال جي گهرائي آهي، تشڪيڪ آهي ۽ فڪر جي اڏام آهي، اها ھن کي هڪ شاعر طور ۽ هڪ شخص طور سڀني کان مختلف ثابت ڪري ٿي. رات جي انهن پهرن ۾ جڏهن اسين ٽئي گفتگو ڪري رهيا هئاسين. تڏهن مون کي لڳو ته جاميءَ جي عمر خيام سان دل آهي. اهڙو شاعر جنهن کي بادشاهيون به متاثر نه ڪري سگهيون. جنهن جا همعصر ۽ دوست نظام الملڪ طوسي ۽ حسن بن صباح هئا، پر هو نه نظام جيان اقتدار کان متاثر هو ۽ نه حسن بن صباح جيان دنيا کي بدلائڻ جو هن جو ڪو ارادو هو. وقت جي تسلسل ۾ پنهنجي فڪر جي راهه تي هلندي جامي عمر خيام وٽ پهتو آهي، تڏهن انهيءَ رات مون کي انهيءَ ڳالهه جو جواب ملي ويو ۽ اها ڳالهه دراصل ڏهه صديون پراڻي آهي. آئون سال 2005 کان جنهن ڳالهه جي تلاش ۽ تعاقب ۾ هئس، اها عمر خيام جي شاعري ۽ شخصيت سان سڌي معنيٰ رکي ٿي. عمر خيام حقيقي معنيٰ ۾ هڪ آزاد شخص آهي. انهيءَ رات مون کي پنهنجي سوال جو جواب مليو ته حقيقي معنيٰ ۾ هڪ آزاد شخص ڇا هوندو آهي. عمر خيام جي سلسلي ۾ جيڪڏهن ان سوال کي ڳولهڻ جي ضرورت آهي ته خيام جون رباعيون انهيءَ جو رستو ٻڌائين ٿيون.
آئون هڪ ڪتاب کان گهڻو متاثر آهيان. ليکڪ امين مالوف جو ناول “سمرقند” هڪ شاعر جي متعلق نثر ۾ آگاهي انهيءَ کان بهتر شايد ئي ممڪن ٿي سگهي. جيئن انهيءَ ناول ۾ امين مالوف ڏھ صديون اڳ جي زماني ۾ موجود عمر خيام کي ڏٺو ۽ ڏيکاريو آهي. عمر خيام کي پنهنجي سڄي حياتي ۾ عورت، محبت، مَئي ۽ شاعري کان وڌيڪ ڪجهه به نه ٿي کپيو. عمر خيام جون رباعيون زمانن جو وڏو سفر طئي ڪرڻ کانپوءِ اڄ به ماڻهو جي اندر ۽ ٻاهر جي منظر ۽ ڪائنات جي مظهر جون عڪاس آهن. ھن جي ھر رباعي مثال آھي، سوال آھي. پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾، شاعر جي حيثيت ۾ هو اڪيلو شخص آهي، جنهن پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذاري ۽ اهڙي شاعري ڪئي جو “رباعيات عمر خيام” پنهنجي تخليق کان وٺي اڄ تائين ڏهن صدين جو سفر ڪيو آهي. اڄ به اسين هن جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، کيس پڙهي رهيا آهيون ۽ سندس مثال پنهنجي زماني ۾ ڳولهي به رهيا آهيون. امين مالوف جي ناول “سمرقند” مان ڪجهه سٽون:
سمرقند جي حاڪم ابو نصر جي دربار ۾ ساڻس پهرين ملاقات ۾ هن سان مخاطب ٿيندي خيام هيءَ رباعي پڙھي:
اها غربت ناهي جيڪا مون کي توهان ڏانهن ڇڪي آئي آهي
آئون نادار ناهيان جو منهنجون خواهشون بنهه ساده آهن،
آئون اوهان کان رڳو احترام جو خواهان آهيان
هڪ آزاد ۽ مستقل مزاج ماڻهوءَ جو احترام
حاڪمِ وقت جي اڳيان اهڙي جرئت هڪ حقيقي معنيٰ ۾ آزاد ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو ۽ شاعر، وقت جي حاڪم سان ائين سڌو ڳالهايو. “سمرقند” ۾ انهيءَ ملاقات جي احوال ۾ امين مالوف هيئن لکيو آهي:
“مالڪ ماوراء النهر” وقائع نگارن پنهنجي روداد ۾ رقم ڪيو “عمر خيام جي ايتري عزت ڪئي جو تخت جي ويجهو اچي ويهڻ جي دعوت ڏني.”
آڪاش انصاري ۽ جامي ۽ منهنجو هي جيڪو نئون تعلق آهي، انهيءَ ۾ گفتگو علم ۽ ادب متعلق ٿئي ٿي. جامي جيئن ته لاڳيتو ڏيساور گهمندڙ آهي انهيءَ ڪري انهيءَ سان سندس سفر جي متعلق به ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي. سال 2024 ۾ هن ٻين ملڪن سان گڏ ويٽنام ۽ نيپال جو سفر ڪيو آهي. ويٽنام هڪ ملڪ طور ۽ انهيءَ جي واسين جي جدوجهد اسان جي جوانيءَ ۾ ڪنهن آدرش جيان رهي آهي. هن پنهنجي سفر متعلق پنهنجي سوشل ميڊيا پيجز تي به گهڻو ڪجهه لکيو آهي ۽ نيپال لاءِ چيائين ته انهيءَ ملڪ سان کيس پيار آهي. آئون جيڪو ڪجهه هي لکي رهيو آهيان. انهيءَ لاءِ ته: ڳالهه هاڻي وقت جي عتيق کان هلندي 2600 سال کان اڄ تائين ڪپل وستو ۾ ھن جي جنم کان وٺي مهاتما گوتم ٻڌ جي ذڪر تائين ايندي. انهيءَ رات نيپال ۽ ٻڌ تي هن گهڻي دير ڳالهايو. هن اسان سان اها ڳالهه ڪئي ته مهاتما ٻڌ، سندس تعليم ۽ انهيءَ جو مختلف زمانن تي اثر متعلق سندس ۽ محترمه روماسا چانڊيو جي وچ ۾ ٿيل گفتگو جلد ڪتابي شڪل ۾ پڌري ٿيندي. ٻن پڙهيل ماڻهن جي وچ ۾ اها گفتگو يقينن وڏي معنيٰ رکي ٿي. ڪپل وستوءَ ۾ ھن جي جنم کان وٺي ٻڌ گيا ۾ هن کي مليل نرواڻ واري ڏينهن کان اڄ تائين هن جي فڪر ۽ تعليم جي ڳالهه جي وڏي معنيٰ آهي.
25 ڊسمبر 2024 تي جامي سان اهي چٽيون تصويرون نڪتيون. جن جو ذڪر مون مٿي ڪيو آهي. آڪاش انصاري جي سالگره جو اهتمام جامي چانڊيو پنهنجي گهر تي ڪيو ۽ اسان سان گڏ انهيءَ تقريب ۾ ڊاڪٽر ايشور لال ۽ ڊاڪٽر بچل ميمڻ به شريڪ هئا. تنهن رات شاعر جي سالگره جي خوشيءَ جو موقعو هو، فوٽوگرافي به ٿي، پر انهيءَ کانسواءِ گهڻين علمي ۽ ادبي ڳالهين جو سلسلو دير تائين هلندو رهيو. جامي صاحب جي گهر منهنجي ساڻس هيءَ پهرين ملاقات هئي. جڏهن سالگره جي اها محفل تمام ٿي، تڏهن هن مهرباني ڪري مون کي پنهنجي اسٽڊي ڏيکاري ۽ اهو به ٻڌايو ته هو هفتي جا چار ڏينهن باقاعدي علمي ادبي ڪم ڪري ٿو. اسٽڊي ۾ سندس ايندڙ ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ واري صورت ۾ موجود هئا، جيڪي جلد ڇپجڻا آهن. جن ۾ يقينن مهاتما گوتم ٻڌ تي جامي ۽ روماسا چانڊيو جي گفتگو تي مشتمل ڪتاب به هوندو. مون کي انهيءَ ڪتاب جو انتظار آهي، ڇاڪاڻ جو ننڍي کنڊ ۾ موجودہ وقت ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جي تعليمات تي تنقيدي نگاهه به وڌي پئي وڃي. ڏسون ٿا ته حاضر وقت ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جو علم ۽ فڪر 2600 سال اڳ جي سماج کي بلڪل هڪ نئين طرف وٺي ويندڙ شخص مهاتما گوتم ٻڌ متعلق ڪهڙي نتيجي تي پهچي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو