مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مُلڪ ۾ وَڌندڙ دَهشتگردِي ۽ مولانا جو رُکو روَيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ملڪ اندر دهشتگرديءَ جا ڪارا ڪڪر اڃان تائين ڇانيل آهن، هر پاسي خوف ۽ انتشار واري فضا قائم آهي. بلوچستان مان روزانو لاش سيڪيورٽي فورسن ۽ عام ماڻهن جا جنازه هر علائقي ۾ پهچي رهيا آهن. پاڪستان جا جوان فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجي دلي عزم سان ميدان ۾ لٿل آهن. هو ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ لاءِ سرگرم ڏسجن ٿا، ان جي باوجود ملڪ دشمن عناصر لِڪ ڇپ ۾ بدامني ۽ دهشتگردي ڪري بيگناهه ماڻهن جو رت وهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سوويت يونين جي افغانستان تي حملي کان اڳ پاڪستان هڪ پرامن ملڪ هو، پر جڏهن پاڪستان سوويت اثر کي روڪڻ لاءِ اولهه جي بلاڪ سان گڏ بيٺو تڏهن اهو پاڻ به هڪ اڻ چاهيل محاذ بڻجي ويو. هن صورتحال سبب پاڪستان اندر شدت پسندي وڌڻ لڳي بم ڌماڪا ۽ دهشتگردي جا واقعا روزمره جي حقيقت بڻجي ويا، ان سان گڏوگڏ ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ هيروئن جي علت به نئين نسل ۾ پکڙجي وئي، جنهن سماجي ڍانچي کي سخت نقصان پهچايو. 9/11 جي واقعي کانپوءِ آمريڪا عالمي سطح تي دهشتگرديءَ خلاف جنگ شروع ڪئي ۽ پاڪستان تي زور وڌو ويو ته هو پنهنجي سر زمين تان عسڪريت پسند نيٽ ورڪ کي ختم ڪري. ان وقت پاڪستان کي انتهائي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. ڪڏهن کيس پٿر جي دور ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪڏهن DO MORE “وڌيڪ ڪريو” جا مطالبا ڪيا ويا. ان باوجود پاڪستان هزارين جانيون قربان ڪيون ۽ اربين ڊالر دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خرچ ڪيا، پر پوءِ به سياسي افراتفري کان ڇوٽڪارو حاصل نه ٿي سگهيو. ائين محسوس ٿي رهيو هو ته خود سياستدان اندروني طور دهشتگردن سان مليل هئا ۽ انهن جي اشارن تي فرقيواريت ۽ لساني جهڳڙا عام ٿيڻ لڳا.
تازو مولانا فضل الرحمان فوج جي سياسي ڪردار تي سخت سوال اٿاريندي چيو آهي ته سرحدن جي حفاظت ڪندڙن کي ايوانِ اقتدار جو رستو ڪنهن ڏيکاريو؟ هن جو هي بيان هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ آئين جي بالادستي، ادارن جي حدن ۽ جمهوري نظام جي استحڪام بابت جاري بحث کي اجاڳر ڪري ٿو. فوج جو بنيادي ۽ آئيني فريضو ملڪي سرحدن جو دفاع، قومي سلامتي جو تحفظ ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻ آهي. جڏهن ته حڪومت سازي، قانون سازي ۽ رياستي پاليسين جي جوڙجڪ منتخب عوامي نمائندن جي ذميواري آهي. جڏهن هر ادارو پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪري ته رياست مضبوط، پارليامينٽ بااختيار ۽ عوام جو نظام تي اعتماد قائم رهي ٿو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ مختلف دورن دوران سول ۽ عسڪري تعلقات هميشه هڪ حساس موضوع رهيا آهن. سياسي فيصلن ۾ غير منتخب قوتن جي مداخلت جي الزامن نه رڳو جمهوري عمل کي متاثر ڪيو، پر ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام، اداراتي ڪشيدگي ۽ عوامي بي اعتمادي کي به جنم ڏنو. ان ڪري سياسي جماعتون بار بار مطالبو ڪنديون رهيون آهن ته اقتدار جو فيصلو صرف عوام جي ووٽ ۽ آئيني طريقيڪار ذريعي ٿيڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان جي هن بيان کي صرف هڪ سياسي جملو نه، پر اداراتي توازن جي مطالبن طور پڻ ڏٺو پيو وڃي. هڪ مضبوط پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته پارليامينٽ قانون سازي ڪري، عدليه انصاف فراهم ڪري، انتظاميه عوام جي خدمت ڪري ۽ دفاعي ادارا ملڪ جي سرحدن ۽ سلامتي جي حفاظت ڪن. ملڪ کي هن وقت سياسي محاذ آرائي جي بدران آئيني استحڪام، گڏيل عزت ۽ قومي اتفاقِ راءِ جي ضرورت آهي. سڀني ادارن ۽ سياسي قيادت کي ماضي جي غلطين کان سبق سکي اهڙو نظام مضبوط ڪرڻ گهرجي جتي طاقت جو اصل سرچشمو عوام هجن ۽ هر فيصلو آئين ۽ قانون مطابق ڪيو وڃي. مولانا جو پاڪستان اندر هڪ عالماڻه ڪردار گهٽ، پر عام سياستدان طور وڌيڪ رهيو آهي. مولانا کي وقت بوقت اهڙي بيان ڏيڻ جي اجازت مليل هوندي آهي، پر وقت اچڻ تي اسٽيبلشمينٽ کي ووٽ ڪرڻ ۽ انهن جي ونگار وهڻ ئي مولانا جي اصل سياست آهي. جيئن اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي PDM حڪومت ٺاهڻ ۽ وري وقت اچڻ تي 26 ۽ 27 ترميمن جي حمايت ۾ ووٽ ڪرڻ وغيره. باقي مولانا کي انقلابي سمجهڻ وقت جو ذيان آهي. ڪالهه تائين چيائين پئي ته “طالبان مجاهد آهن، انهن جو دفاع ڪريو”، پر اڄ چوي ٿو “طالبان خارجي آهن، انهن کان بچو”، ڪالهه چيائين پئي ته “سعوديه به خارجي قرار پائيندو” اڄ ان خلاف بيان ڏئي ٿو ۽ سندس ڳنڍ جوڙ بي نقاب ٿي رهي آهي.
پناهه: 80 واري ڏهاڪي کان پاڪستاني مدرسن افغان مهاجرين کي گود ۾ ورتو.
تربيت: طالبان جي 90 سيڪڙو قيادت ڪوئيٽا، پشاور، ڪراچي جي مدرسن مان فارغ آهي. انهن ئي ملن “امارت اسلاميه” جو نظريو ڏنو.
دفاع: جڏهن آمريڪا جي خلاف جنگ هئي ته اهي ئي ملان طالبان جو دفاع ڪري رهيا هئا. “اسلامي نظام” جا نعرا هنيا. هاڻي جڏهن اهي ئي اقتدار ۾ اچي پاڪستان جي خلاف TTP کي کليل ڇوٽ ڏئي رهيا آهن ته اوچتو “فتويٰ” بدلجي ويو. هاڻي اهي ئي ماڻهو “خوارج” بڻجي ويا، جيڪي ڪالهه تائين طالبان جو دفاع ڪري رهيا هئا، اڄ اهي ئي سعودي عرب جو دفاع ڪري رهيا آهن. نظريو اهوئي آهي، بس قبلو بدلجي ويو آهي. معاملو نظريي جو نه آهي، پر ريال جو آهي. جيستائين ريال اچي رهيو هو، طالبان “اسلامي امارت” هئا. ريال بند ٿيو ۽ ڊالر جو اشارو آيو ته فورن “خوارج” بڻجي ويا. هاڻي سعودي عرب جو دفاع ٿي رهيو آهي، ڇو ته اتان کان امداد اچي رهي آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته قصور شاگرد جو آهي يا استاد جو؟ جنهن فيڪٽري پراڊڪٽ ٺاهي، اڄ اها ئي فيڪٽري پراڊڪٽ کي گاريون ڏئي رهي آهي. بس ٿورو صبر ڪريو. جنهن ڏينهن سعوديه مان ريال بند ٿيو، ايندڙ جمعي جو خطبو به بدلجي ويندو. هتي مون کي مولانا جي رويي تي هڪ واڻئي جو قصو ياد اچي رهيو آھي. هڪ واڻئي جو دوست حميد خان دڪان تي ساڻس ملڻ آيو. واڻئي جو ننڍو پٽ به دڪان ۾ ڪم ڪري رهيو هو ۽ ٻاهران مٽيءَ جا ٿانو لاهي دڪان ۾ رکي رهيو هو. اوچتو ڇوڪرو ڪري پيو ۽ مٽيءَ جو ٿانو سندس هٿ مان ٽٽي پيو. واڻئي جي دوست حميد خان چيو، “تنهنجي پٽ ٿانو ڀڃي ڇڏيو آهي ۽ ان کي خراب ڪري ڇڏيو آهي.” واڻئي مسڪرائيندي چيو، “هو واڻئي جو پٽ آهي، هو ضرور ڪجهه سوچڻ کانپوءِ ڪري پيو هوندو.” واڻئي پنهنجي پٽ کي فون ڪيو ۽ پڇيو ته تون ڪيئن ڪري پيو ھئين ۽ ٿانو ڪيئن ٽٽي پيو؟
پٽنس اشوڪ چيو، “زمين تي هڪ رپئي جو سڪو پيو هو. مٽيءَ جو ٿانو پنج پئسن جو هو. جيڪڏهن مان نه کڻان ها ته ڪو ٻيو دعويدار اچي سگهي ها. مون پنجن پئسن جو ٿانو ڀڃي هڪ رپئي جو سڪو کنيو، جنهن مان مون کي 95 پئسا منافعو مليو.
سو مولانا فضل الرحمان پاڪستاني سياست جو اهو واڻيو آهي جيڪو هميشه پنهنجو فائدو ڏسڻ کانپوءِ ئي ڪري ٿو. هن هاڻي فوج جي خلاف جيڪو موقف اختيار ڪيو آهي اهو ڪٿي ھنڌان ۽ ڪنهن يقين ڏيارڻ کانسواءِ نه ٿيندو. باقي وڪي ليڪس ڏسو ته مولانا آمريڪا کي اقتدار لاءِ ڪيڏا يقين ڏياريا ھئا. مولانا فضل الرحمان جو هميشه هڪ نظريو رهيو آهي ۽ اهو آهي پاڻ کي فائدو ڏيڻ.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو