آمريڪا-ايران وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ
آمريڪا جي ايران تي حملن کانپوءِ اسرائيل ڏکڻ لبنان تي نوان حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن. روسي ميڊيا جي مطابق اسرائيلي فضائيه ڏکڻ لبنان ۾ ڪجهه هنڌن کي نشانو بڻايو آهي، پر انهن حملن ۾ جاني نقصان جي فوري طور تي ڪابه تصديق نه ٿي سگهي آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ آمريڪي فوج ايران جي خلاف نوان حملا ڪيا هئا جن ۾ 80 کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو ويو. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو چوڻ آهي ته اهي حملا نار واري لنگهه مان گذرندڙ 3 تجارتي جهازن تي ايراني حملن جي رد عمل ۾ ڪيا ويا هئا. هوڏانهن ايران جي پاسدارانِ انقلاب جي اها دعويٰ علائقي جي تازي صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿي، جتي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تازو ٿيل “اسلام آباد معاهدو” ۽ جنگبندي شديد خطرن جي ور چڙهي وئي آهي. تازي صورتحال موجب ايراني فوج جي مطابق انهن بحرين ۾ قائم آمريڪي بحريه جي ففٿ فليٽ جنهن جو تعلق مينا سلمان پورٽ سان آهي ۽ ڪوويت ۾ واقع اهم اسٽريٽيجڪ آمريڪي فوجي اڏي علي السالم ايئر بيس تي ميزائلن ۽ ڊرونز سان گڏيل حملو ڪيو آهي. هن حملي جو اهم سبب پاسدارانِ انقلاب جي موقف موجب ته هيءَ ڪارروائي نار واري لنگهه ۾ آمريڪي فورسن پاران ايراني سامونڊي هدفن تي ڪيل تازي بمباري ۽ جنگبندي جي مبينا خلاف ورزين جو پهريون رد عمل آهي. ڪوويت جي فوج تصديق ڪئي آهي ته انهن جي فضائي دفاعي نظام (Air Defense Systems) انهن دشمن ميزائلن ۽ ڊرونز جو مقابلو ڪيو آهي ۽ شهرين کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي پاسي بحرين ۾ به حملن کانپوءِ سائرن وڄايا ويا. ياد رهي ته هي جنگبنديءَ 2026 ۾ پاڪستان ۽ قطر جي ثالثي سان طئي ٿيل “اسلام آباد معاهدي” تحت عمل ۾ آئي هئي، جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ جو خاتمو ڪرڻ هو، پر تازن حملن کانپوءِ هي معاهدو عبوري طور معطلي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي. “اسلام آباد معاهدو” جون 2026 تحت هي معاهدو پاڪستان ۽ قطر جي ثالثي سان 15 جون 2026 تي اسلام آباد ۾ طئي ٿيو هو. ان جو مکيه مقصد نار واري لنگهه ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ آمريڪا-ايران وچ ۾ سڌي جنگ کي روڪڻ هو. هن معاهدي جون اهم شقون فوري جنگبندي ڪري ٻنهي ملڪن سامونڊي ۽ زميني فوجي ڪارروائين کي روڪڻ تي اتفاق ڪيو هو. پاڻ ۾ سفارتي رابطا وڌائڻ جو مقصد آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ سڌين ڳالهين لاءِ عمان ۽ سوئٽزرلينڊ کي رابطي جو مرڪز بڻايو ويو. ايئن نار واري لنگهه جي حفاظت ڪري تجارتي جهازن جي محفوظ لنگهه لاءِ گڏيل نگراني ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان، قطر ۽ عمان شامل هئا. ان سان گڏ پابندين ۾ نرمي ڪري انساني امداد ۽ دوائن جي بدلي ۾ ايران تي ڪجهه معاشي پابندين ۾ عارضي نرمي تي اتفاق ٿيو، پر تازي صورتحال موجب پاسدارانِ انقلاب جو بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ سندن چوڻ آهي ته آمريڪا معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي نار واري لنگهه ۾ ٽن ايراني تيل ڪارگو جهازن کي نشانو بڻايو. جنهن جو جواب ڏيندي آمريڪا پينٽاگون ان الزام کي رد ڪندي چيو ته ايراني ڊرونز آمريڪي جهازن جي ويجهو اڏام ڪري “اشتعال انگيز” ڪم ڪيو. ان جي رد عمل ۾ سعودي عرب ۽ UAE جنگبندي بچائڻ لاءِ هنگامي سفارتڪاري شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جو اجلاس گهرايو ويو آهي. جڏهن ته پاڪستان جي پرڏيهي آفيس چيو آهي ته “اسلام آباد معاهدو” اڃان مڪمل طور ختم نه ٿيو آهي، پر خطري ۾ آهي. هن وقت صورتحال تمام نازڪ آهي، جيڪڏهن ٻنهي پاسن کان وڌيڪ حملا ٿيا ته “اسلام آباد معاهدو” مڪمل طور ٽٽي سگهي ٿو. جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽرٿ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي ڏکڻ ايران جي شهر بندر عباس ۾ ٿيل آمريڪي حملن ۽ ڌماڪن جي وڊيو فوٽيج شيئر ڪئي آهي. وڊيو ۾ بندر عباس ۾ مختلف هنڌن تي ڌماڪن، باهه ۽ فضائي حملن جا منظر ڏيکاريا ويا آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪا ايران تي تازا حملا ڪيا آهن، اهي حملا اهڙي وقت ۾ ڪيا ويا جڏهن لکين ايراني اڳوڻي سپريم ليڊر شهيد آيت الله علي خامنائي جي جنازي نماز ۽ آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ روڊن تي موجود آهن. ايراني ميڊيا جي مطابق بندر عباس ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا. حملن کانپوءِ عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمت 9 سيڪڙو وڌي وئي آهي ۽ نار واري لنگهه مان گذرندڙ جهازن لاءِ خطري جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. هن وقت صورتحال تمام گهڻي ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ڪنهن به وڏي جنگ جو خطرو موجود آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته پاڪستان سميت جن ملڪن ٽرمپ جي ڌر بڻجي ڳالهيون ڪري امن و امان جون دعوائون پئي ڪيون اهي ٽرمپ جي تازين حرڪتن کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻندا؟ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين کي هڪ مهينو به نه گذريو آهي، پر ٽرمپ وري اهائي ساڳي غلطي ورجائي آهي. جيڪڏهن ٽرمپ تي جنگي جنون سوار آهي ته ايران جا سڀ حمايتي ملڪ گڏجي ٽرمپ ۽ سندن حمايتين کي سبق سيکارڻ لاءِ اڳتي اچن.
گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو سربراهي اجلاس جي موقعي تي يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ايران بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان گذريل رات انهن کي تمام سخت نشانو بڻايو. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا هڪ رات اڳ انهن کي خبردار ڪيو هو ته اهو سخت حملو ڪندو. آمريڪي صدر ان ڳالهه تي به شڪ جو اظهار ڪيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڪو معاهدو ٿي به سگهندو يا نه. جنگبندي جي خاتمي بابت پنهنجي بيان کانپوءِ جڏهن هن کان پڇيو ويو ته ڇا ان جو مطلب آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٻيهر مڪمل جنگ شروع ٿيندي ته ٽرمپ سڌو جواب نه ڏنو، پر هن ايران تي معاهدي جي روزاني بنيادن تي خلاف ورزي ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته اهي هر روز ان جي خلاف ورزي ڪندا آهن. اهي ڪوڙ ڳالهائيندا آهن ۽ ٺڳي ڪندا آهن. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته اسان جي معاهدي تحت ايراني ڪڏهن به ايٽمي هٿيار نه ٺاهي سگهندا، پر مون کي خبر ناهي ته ڪو معاهدو ٿي به سگهندو يا نه. ٿي سگهي ٿو ته اسان بغير ڪنهن معاهدي جي ئي اهو ڪم ڪري وٺون. ڇاڪاڻ ته سچ چوان ته ائين ڪرڻ وڌيڪ آسان آهي. ٽرمپ چيو ته هو ايران کان خوش نه آهن ۽ ٻيهر آمريڪي موقف ورجايو ته تهران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏبي. هن چيو ته سندس معاملو حڪومت جي تبديلي سان لاڳاپيل ناهي. ٽرمپ مطابق آمريڪا ايران جي ايٽمي پروگرام کي محدود ڪرڻ جي حوالي سان ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي. آمريڪي صدر اها دعويٰ به ڪئي ته ايران هاڻي وچ اوڀر ۾ اڳ جهڙو بااثر ۽ طاقتور نه رهيو آهي. جڏهن ته ايران جي پارلياماني اسپيڪر محمد باقر قاليباف رات دير سان آمريڪا تي جنگبندي معاهدي جي ڪيترن ئي خلاف ورزين جو الزام لڳائيندي چيو ته انهن مان هڪ نار واري لنگهه ۾ ايران پاران ڪيل نئين انتظامي تبديلين جي خلاف ورزي به آهي. ان کان ٿوري دير بعد ايران جي ٻئي سينيئر پارليامينٽ ميمبر ابراهيم عزيزي چيو ته نار واري لنگهه ۾ نئين ايراني نظام کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو متبادل ناهي. خليج فارس جي هن اهم آبي رستي جي سلامتي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي ڳالهين جي سڀ کان پيچيده ۽ متنازع معاملن مان هڪ رهي آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ان ڳالهه تي اختلاف آهي ته نار واري لنگهه تائين رسائي جا قاعدا ڇا هجڻ گهرجن ۽ ان تي ڪيتري حد تائين اختيار ڪهڙي ڌر کي حاصل هجي؟ 17 جون تي طئي ٿيل آمريڪا-ايران مفاهمت يادداشت تحت ايران 60 ڏينهن تائين تجارتي جهازن جي محفوظ ۽ بنا معاوضي اچ وڃ لاءِ راضي ٿيو هو، پر بعد ۾ ايران مطالبو ڪيو ته نار واري لنگهه مان گذرندڙ جهاز اڳ ۾ ئي ايراني اختيارين سان رابطو ۽ مفاهمت ڪن. ايران اهو به واضح ڪيو ته گڏيل قومن جي سامونڊي تنظيم (IMO) پاران مقرر ڪيل رستي ذريعي لنگهه پار ڪرڻ جي ڪوشش قبول نه ڪئي ويندي ۽ اهو عمل انتهائي خطرناڪ هوندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟