مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان ۾ صنفي تشدد جا وڌندڙ واقعا

Azhar Azad Mughal

استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سال 2026ع جي پهرين ڇهن مهينن اندر پاڪستان ۾ عورتن ۽ صنفي اقليتن خلاف تشدد جي حوالي سان هڪ انتهائي پريشان ڪندڙ دور ثابت ٿيو آهي. غير سرڪاري تنظيم “ساحل” پاران جاري ڪيل “سڪس منٿس ڪروئل نمبرز رپورٽ (جنوري کان جون 2026ع)” موجب، جنوري کان جون دوران سڄي ملڪ ۾ صنفي بنياد تي تشدد جا مجموعي طور تي 3,172 واقعا رپورٽ ٿيا، جن ۾ خواجه سرائن خلاف تشدد جا 18 ڪيس به شامل آهن. هيءَ رپورٽ ڊان اخبار ۾ 24 جولاءِ 2026ع تي شايع ٿي.
انگن اکرن جي سنگين صورتحال: رپورٽ موجب، ان عرصي دوران 644 قتل، 514 تشدد جا واقعا، 462 اغوا، 363 خودڪشيون، 280 لڄالٽ جا واقعا، 175 جسماني تشدد جا ڪيس، 132 غيرت جي نالي تي قتل ۽ 21 ٻيا ڏوهه، جن ۾ هراسان ڪرڻ، اجتماعي لڄالٽ ۽ فحش مواد شامل آهن، رپورٽ ٿيا. عمر جي لحاظ کان، 334 متاثرن جي عمر 21 کان 30 سال، 306 متاثرن جي عمر 11 کان 20 سال ۽ 120 متاثرن جي عمر 31 کان 40 سالن جي وچ ۾ هئي. تنهن هوندي به، رپورٽ ۾ 71 سيڪڙو ڪيسن ۾ متاثرن جي عمر جو ذڪر موجود نه هو.
“ساحل” 2024ع کان صنفي بنياد تي تشدد جي خاتمي ۽ محفوظ توڙي انصاف تي ٻڌل معاشري جي قيام لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هيءَ ڇهه ماهي رپورٽ چئن صوبن، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير توڙي گلگت بلتستان جي قومي ۽ علاقائي اخبارن مان حاصل ڪيل معلومات تي ٻڌل آهي.
ڏوهاري ڪير؟ ۽ ڏوهه ڪاٿي ٿيا؟: رپورٽ موجب، 27 سيڪڙو جوابدار متاثرن جا واقفڪار هئا، 24 سيڪڙو اڻڄاتل، جڏهن ته 13 سيڪڙو مڙس نڪتا. 20 سيڪڙو ڪيسن ۾ جوابدارن جي سڃاڻپ ئي نه ٿي سگهي. جڳهه جي لحاظ کان، 54 سيڪڙو واقعا متاثرن جي پنهنجن گھرن ۾ پيش آيا. جڏهن ته 12 سيڪڙو جوابدار جي رهائشگاهه تي ٿيا، ائين اهي ٻئي جڳهيون صنفي تشدد جا سڀ کان عام مرڪز ثابت ٿيون. اهي انگ اکر ان تلخ حقيقت جي نشاندهي ڪن ٿا ته عورتن لاءِ سڀ کان وڏو خطرو اڪثر گهر جي چئني ديوارن جي اندر ئي هوندو آهي.
صوبائي ورهاست: رپورٽ موجب، 74 سيڪڙو ڪيس پنجاب ۾، 17 سيڪڙو سنڌ ۾، 6 سيڪڙو خيبر پختونخواهه ۾، ۽ 3 سيڪڙو بلوچستان، اسلام آباد، آزاد ڪشمير توڙي گلگت بلتستان ۾ رپورٽ ٿيا. رپورٽ ٿيل ڪيسن مان 76 سيڪڙو پوليس ۾ باقاعدي رجسٽرڊ ٿيا، 23 سيڪڙو جي رجسٽريشن جي صورتحال واضح ناهي، جڏهن ته صرف هڪ سيڪڙو ڪيس رجسٽرڊ ئي نه ٿي سگهيا.
سڀ کان وڌيڪ خطري وارا ضلعا: پاڪستان جي 104 ضلعن مان 10 ضلعن ڪراچي، فيصل آباد، ملتان، لاهور، گوجرانوالا، قصور، رحيم يار خان، راولپنڊي، وهاڙي ۽ سيالڪوٽ کي صنفي بنياد تي تشدد جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ حساس قرار ڏنو ويو آهي. هن سال ڪجهه اهڙا واقعا به سامهون آيا جن پوري ملڪ جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو.
لاهور، غازي آباد ٿاڻو: آگسٽ ۾ هڪ معذور عورت سان مبينا لڄالٽ جو واقعو سامهون آيو. انتظاميا لاڳاپيل ٿاڻي جي سمورن 78 اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو. جولاءِ ۾ لاهور پوليس نيدرلينڊز ۽ وينزويلا سان تعلق رکندڙ ٻن عورتن کي بازياب ڪرايو. انهن عورتن کي مبينا طور تي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ويو هو ۽ ڊيفينس هائوسنگ اٿارٽي جي هڪ گهر ۾ رکي مٿن تشدد ڪيو ويو. پوليس ان ڪيس ۾ چئن مشڪوڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو. آگسٽ ۾ ئي راولپنڊي جي هڪ اپارٽمينٽ مان 45 سالن جي حنا جاويد جو لاش مليو، جنهن جا هٿ ٻڌل هئا. ان ڪيس ۾ پوليس مقتولا جي مڙس ۽ هڪ گهريلو ملازم کي گرفتار ڪيو.
رپورٽ نه ٿيندڙ واقعن جو اصل انگ: انساني حقن جي تنظيمن جو چوڻ آهي ته صنفي بنياد تي تشدد جي اصل واقعن جو انگ انهن سرڪاري ۽ رپورٽ ٿيل انگن اکرن کان ڪٿي وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. سماجي بدنامي جو خوف، خانداني دٻاءُ ۽ معاشرتي رڪاوٽون وڏي انگ ۾ متاثرن ۽ سندن گهرڀاتين کي واقعا رپورٽ ڪرڻ کان روڪين ٿيون، جنهن ڪري حقيقي صورتحال ڪٿي وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿي.
معاشرتي رويو ۽ مظلوم تي الزام: انهن واقعن کانپوءِ جيڪا شيءِ سڀ کان وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي آهي، اها معاشري جو اجتماعي رد عمل آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جوابدار جي ڏوهه تي ڳالهائڻ بدران مظلوم کي ئي ڏوهاري قرار ڏنو ويندو آهي. انگ اکر اهو به ظاهر ڪن ٿا ته 13 سيڪڙو ڪيسن ۾ ڏوهاري خود متاثره عورت جو مڙس نڪتو، جنهن مان پتو پوي ٿو ته هي مسئلو رڳو قانون نافذ ڪندڙ ادارن تائين محدود ناهي، پر گهر جي چئني ديوارن جي اندر تائين پکڙيل آهي.
اڳتي ڇا ڪجي؟: اهي انگ اکر رڳو انگ ناهن، پر هرهڪ انگ جي پٺيان هڪ حقيقي انساني ڪهاڻي، هڪ تباهه ٿيل زندگي ۽ هڪ خاندان جي تڪليف لڪيل آهي. ماهرن جو مطالبو آهي ته حڪومت رڳو قانون سازي تائين محدود نه رهي، پر ان تي عملدرآمد جي نظام کي مضبوط بڻائي، پوليس ۽ عدالتي نظام ۾ سڌارا آڻي، خاص طور تي انهن ڏهن انتهائي حساس ضلعن ۾ ۽ عورتن جي تحفظ لاءِ هڪ ڀروسي جوڳو رپورٽنگ وارو ماحول فراهم ڪري ته جيئن خوف ۽ بدناميءَ جي پاڇي ۾ دٻيل حقيقتون سامهون اچي سگهن. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته جيستائين معاشرو پنهنجي ذميواري محسوس نٿو ڪري ۽ خاموشي ٽوڙي هن بحران جو مقابلو نٿو ڪري، تيستائين اهي انگ اکر هر سال وڌندا ئي رهندا.
حوالو: ھم سب. تاريخ:1 سيپٽمبر 2026
موضوع: پاڪستان ۾ صنفي تشدد ڪي بڙهتي واقعات. ليکڪ: ڪوي شنڪر

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو