شاهه لطيف جي عرس مبارڪ تي ادبي ڪانفرنس سان گڏ مشاعري جي روايت به بحال ڪئي وڃي
Noor Sindhi
سينئر صحافي، ڪالم نگار، ليکڪ
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو ساليانو عرس مبارڪ سنڌ جو سڀ کان وڏو روحاني، ادبي ۽ ثقافتي اجتماع آهي. ڀٽ شاهه ۾ ھونئن به سڄو سال مرشد لطيف جي درگاھه تي حاضري ڀري سلام ڪن ٿا، پر عرس مبارڪ ۾ لکين زائرين اچن ٿا جن ۾ اديب، شاعر، راڳي، محقق، سُگهڙ، فنڪار ۽ عقيدتمند گڏ ٿين ٿا. شروع ۾ ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز ۽ بعد ۾ ثقافت کاتي جي وجود ۾ اچڻ بعد شاھه لطيف سائين جي عرس جي تقريبن ۾ شاهه جي لطيفي راڳ، ادبي ڪانفرنسن، سگهڙ ڪچهرين ۽ ثقافتي ڳوٺ کي هميشه اهميت حاصل رهي آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته شاھه سائين جيڪو شاعر آھي ان جي عرس مبارڪ ۾ جڏھن ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز بعد ۾ ثقافتي کاتي پاران ادبي ثقافتي پروگرامن جي روايت وڌي وئي ته انھن ۾ مشاعرن کي به اھميت هئي. سنڌ جي شاعرن توڙي ٻين صوبن جي شاعرن کي گھرايو وينديو ھو، جيڪي پنھجي شاعري سان شاھه لطيف کي نذارني عقيدت پيش ڪندا هئا. ان دور ۾ ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعرو گڏو گڏ ھلندو ھو. اڳتي ھلي الائي ڪھڙن سببن جي ڪري ادبي ڪانفرنسن ۾ شاعرن کي گھرائي شاعري پڙھائڻ واري روايت کي ختم ڪيو ويو. هئڻ ته ايئن گھرجي ھا تھ لطيف سائين جي عرس مبارڪ ۾ شاعري جي الڳ نشست رکڻ گھرجي ھا، پر افسوس جو ان اھم ڳالھه کي نظر انداز ڪيو ويو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ثقافت کاتو شاهه لطيف جي عرس مبارڪ جي پروگرامن ۾ ادبي ڪانفرنس ۽ سُگهڙ ڪچهري سان گڏ باقاعده آل سنڌ، لطيفي مشاعرو پڻ شامل ڪري، جنھن ۾ ٻين صوبن جي شاعرن کي به دعوت ڏئي گھرايو وڃي ۽ لطيف سائين کي شاعري ۾ نذراني عقيدت پيش ڪئي وڃي. ان سان عرس جي خوبصورتي ۾ اضافو ايندو ۽ ادبي عظمت وڌيڪ سگهارو بڻبو ۽ يقينن شاھه لطيف جو روح خوش ٿيندو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي دنيا هڪ عظيم ولي الله، صوفي، مفڪر ۽ انسان دوست آدرشري روحاني شخصيت طور سڃاڻي ٿي، پر ساڳئي وقت هو سنڌي ٻوليءَ جو عظيم ۽ سگھارو شاعر پڻ آهي. سندس رسالو سنڌي ادب جو بنيادي ماخذ ۽ فڪري سرمايو آهي. جيڪڏهن ڪنهن شاعر جي عرس تي شاعريءَ جي محفل ئي نه هجي ته اها ڳالهه ادبي لحاظ کان هڪ وڏو خال محسوس ٿئي ٿي. شاهه لطيف جي شخصيت جا سڀئي پهلو گڏجي ئي سندس مڪمل سڃاڻپ بڻجن ٿا. تنهنڪري سندس عرس جي پروگرامن ۾ شاعريءَ کي به مناسب جاءِ ملڻ گهرجي. ڀٽ شاهه ۾ ماضيءَ جا عرس ياد ڪجن ته ادبي ڪانفرنسن سان گڏ رات جو شاندار مشاعرا پڻ منعقد ٿيندا هئا. سنڌ جي ناليوارن شاعرن جي شرڪت سان اهي مشاعرا عرس جي ادبي سونهن کي ٻيڻو ڪري ڇڏيندا هئا. نئين ۽ پراڻي نسل جا شاعر هڪ ئي اسٽيج تي پنهنجو ڪلام پيش ڪندا هئا، جنهن سان نه رڳو ادب کي هٿي ملندي هئي، پر نوجوان شاعرن کي به سکڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو موقعو ملندو هو. اهي مشاعرا سنڌ جي ادبي تاريخ جو هڪ خوبصورت باب رهيا آهن، جنهن کي ٻيهر زنده ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. ادبي ڪانفرنسن ۾ تحقيق، تنقيد ۽ فڪري بحثن کي اهميت ڏني ويندي آهي. جڏهن ته مشاعرو ادب جو عوامي چهرو هوندو آهي. مشاعري ذريعي شاعر پنهنجي تخليق سڌيءَ ريت ماڻهن تائين پهچائيندو آهي. اهو هڪ اهڙو ادبي پل آهي، جيڪو محقق، شاعر ۽ عام پڙهندڙ کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ٿو. ان ڪري ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعرو هڪ ٻئي جا متبادل نه، پر هڪ ٻئي جا ساٿي آهن. شاهه عبداللطيف پاڻ به شاعر هو. سندس ڪلام صديون گذرڻ باوجود ماڻهن جي زبانن تي زنده آهي. سندس بيت اڄ به راڳ ۾ ڳايا وڃن ٿا، پڙهيا وڃن ٿا ۽ تحقيق جو موضوع بڻجن ٿا. جڏهن عرس ۾ رسالي جا بيت سُرن ۾ پيش ٿين ٿا ته پوءِ جديد سنڌي شاعريءَ جي نمائندگي ڪندڙ شاعرن کي به پنهنجي عقيدت پيش ڪرڻ جو موقعو ڇو نٿو ڏنو وڃي جيڪو کين ملڻ گهرجي. ان سان شاهه لطيف جي ادبي ورثي سان انصاف ٿيندو. ثقافت کاتي پاران هر سال عرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ۽ سگهڙ ڪچهري منعقد ڪئي ويندي آهي، جيڪي يقينن ساراهه جوڳيون سرگرميون آهن، پر انهن سان گڏ هڪ باوقار مشاعرو شامل ڪرڻ سان پروگرام وڌيڪ جامع ۽ متوازن بڻجي سگهي ٿو. مشاعري ۾ سنڌ جي سڀني علائقن جي نمائندگي ڪندڙ شاعرن کي دعوت ڏيڻ گهرجي، جيئن سنڌي شاعريءَ جي مختلف رنگن ۽ لهجن کي به ڀٽ شاهه جي اسٽيج تي جاءِ ملي.
اهو پڻ ضروري آهي ته مشاعري کي رڳو رسمي پروگرام نه بڻايو وڃي، پر ان جي منصوبه بندي اهڙي نموني ڪئي وڃي، جو معيار، نظم ۽ ادبي وقار برقرار رهي. شاعرن جي چونڊ ادبي خدمتن، تخليقي معيار ۽ نمائندگي کي نظر ۾ رکي ڪئي وڃي. نوجوان شاعرن کي به سينيئر شاعرن سان گڏ پڙهڻ جو موقعو ڏنو وڃي، جيئن نئين نسل جي همٿ افزائي ٿئي. هر سال سنڌ جي شاعرن، اديبن ۽ ادبي تنظيمن پاران اهو مطالبو ورجايو ويندو آهي ته شاهه لطيف جي عرس مبارڪ ۾ مشاعري جي پراڻي روايت کي بحال ڪيو وڃي. هي مطالبو نه ڪنهن فرد جو ذاتي مطالبو آهي ۽ نه ئي ڪنهن ادبي گروهه جي خواهش؛ بلڪه اهو سنڌ جي ادبي حلقن جو گڏيل آواز آهي. ان ڪري هن مطالبي کي سنجيدگي سان ٻڌڻ ۽ عملي جامو پارائڻ ثقافت کاتي جي ذميواري آهي. ڀٽ شاهه جو اسٽيج صرف مذهبي يا ثقافتي تقريبن لاءِ نه، پر سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ به هڪ اهم پليٽ فارم رهيو آهي. شاھه سائين جي عرس مبارڪ ۾ مشاعرن سان تقريبن جو ادبي، علمي ۽ ثقافتي وقار وڌيڪ بلند ٿيندو. اهڙي قدم سان نه رڳو شاعرن جي حوصلا افزائي ٿيندي، پر نوجوان نسل ۾ به شاعري ۽ ادب سان دلچسپي وڌندي. اڄ جڏهن دنيا ۾ ٻوليون ۽ ادبي روايتون مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهيون آهن، تڏهن اهڙا ادبي ميڙاڪا وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وڃن ٿا. شاهه لطيف جي عرس مبارڪ جهڙو عالمي سڃاڻپ رکندڙ ميلو سنڌي شاعريءَ جي واڌاري لاءِ هڪ بهترين موقعو آهي. ان موقعي تي ٿيندڙ مشاعرو سنڌ جي ادبي سرمائي کي نئين نسل تائين منتقل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اسان ثقافت کاتي جي وزير صاحب ۽ آفيسرن کي گذارش ڪريون ٿا ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ ۾ مشاعري واري مطالبي کي نظر انداز نه ڪيو وڃي. مشاعري ڪرائڻ سان نه صرف ماضيءَ جي هڪ خوبصورت روايت کي بحال ڪندو، پر شاهه لطيف جي شاعراڻي عظمت کي به اهو مقام ڏيندو، جنهن جو هو حقدار آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رڳو صوفي بزرگ نه، پر سنڌي ٻوليءَ جو امر شاعر پڻ آهي. سندس عرس تي شاعريءَ جي گونج، بيتن جي خوشبو ۽ ادب جي روشني گڏجي ئي ڀٽ شاهه جي حقيقي سڃاڻپ کي مڪمل بڻائيندي. ان ڪري مشاعري جي بحالي وقت جي ضرورت، شاعرن جو جائز مطالبو ۽ سنڌ جي ادبي ورثي جي حفاظت ڏانهن هڪ اهم قدم ھوندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟