ڪتاب تي تبصرو: عظيم شر جو ڪتاب سرابن ۾ پيو ڀٽڪان
چوندا آهن ته شاعري اندر جو آواز آهي ۽ شاعريءَ سان قومن کي بيدار ڪري انقلاب آڻي سگهجي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته اهو سچ هجي، پر سنڌ ۾ مونکي شاعري سستي شهرت ۽ شاعر سڏائڻ جو شوق لڳندي آهي، وڌيڪ هر ڪنهن جو پنهنجو ذهن ۽ شعور آهي، ڇو ته هتي شاعري يا ادب پاڻ لکجي پاڻ پڙهجي يا وري تون مون کي پڙهه ته مان توکي پڙهان ۽ اچ ته هڪ ٻئي جي شاعري تي تبصرو ڪريون تائين محدود آهي، اڄ ڪلھه ادبي ڪتابن جي شايع ٿيڻ جي ڀرمار لڳل آهي، ٻيو ته جڏهن کان PDF جو وجود عمل ۾ آيو آهي، تڏهن کان وٺي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن جي انگ ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي، جيئن طرزن تي ڪلام ڳائڻ وارا فنڪار عام جام ٿي پيا آهن، تيئن ئي ادب جي مارڪيٽ به ادبي ڪتابن سان سٿجي رهي آهي.